Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (8) - بحث، ڳالھ ٻول


ڪوانٽم کان اڳتي (8) - بحث، ڳالھ ٻول 

”دريا خان سنڌي” 
آئن اسٽائن ۽ نيلز بوهر دوست هئا ۽ ڪوانٽم ميڪينڪس بابت انهن جي بحث چاليھ سال کان وڌيڪ عرصو هلندو رهيو. ۽ هي بحث اڄ تائين ختم ناهي ٿيو 
آئن اسٽائن پهريون ماڻهو هئو جنھن محسوس ڪيو تہ ايٽم ۽ ريڊيئيشن بابت هڪ انقلابي نئين ٿِيوري جي ضرورت آهي، پر انهن جي نظر ۾ ڪوانٽم ميڪينڪس ان جو صحيح جواب نہ هو. پهرين انهن چيو تہ اها بي ترتيب آهي. جڏهن هي دليل ناڪام ٿيو تہ انهن چيو تہ اها قدرت (نيچر) جي هڪ نامڪمل تصوير ظاهري ڪري ٿي ۽ ان تصوير جو اهم حصو ڇڏي ڏئي ٿي. 

گھڻو ڪري، آئن اسٽائن ان کي انهيءَ ڪري قبول نہ ڪري سگهيا ڇاڪاڻ تہ انهن کي سائنس کان گھڻون وڏيون اميدون هيون، انهن کي يقين هو تہ حقيقت (ريئلٽي) جي روح ڪجھ رياضيائي قانونن ۾ لڪيل آهي، جيڪي وقت کان مٿانهون آهن، ۽ انهن جي خواهش هئي تہ انهن تائين رسڻ، آئن اسٽائن جي نظر ۾ سائنس انهن کي سڃاڻڻ جو طريقو آهي ۽ حقيقت جي اها روح اسان کان الڳ، آزاد طريقي سان وجود رکي ٿي، ان کي اسان جي وجود، ڄاڻ يا يقين سان ڪو فرق نٿو پوي
۽ آئن اسٽائن کي اهڙو يقين رکڻ جو پورو حق هو، اسپيشل ٿِيوري ۽ جنرل ٿِيوري آف رليٽيوٽي جهڙيون ڪامياب دريافتون حاصل ڪرڻ بہ تہ ان ئي سفر جو حصو هيون، ۽ انهيءَ سبب هو ايٽم، اليڪٽران ۽ ريڊيئيشن کي بہ اهڙي ئي طرز سان سمجهڻ چاهيندو هو. 

بوهر جو جواب هو تہ ايٽامڪ فزڪس لاءِ اسان کي سائنس جي انهيءَ روايتي تصور کي مڪمل طور تي بدلائڻ جي ضرورت آهي، حقيقت ۽ حقيقت بابت ڄاڻ جي تصور کي بہ
اهو ڇو؟ انهيءَ ڪري جو اسان پاڻ بہ دنيا جو حصو آهيون ۽ جنهن ايٽم جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان کي انهن سان جوڙجڪ ڪرڻو پوي ٿو. 

بوهر جو چوڻ هو تہ هڪ ڀيرو جڏهن اسان سوچ ۾ هي انقلابي تبديلي جذب ڪري وٺون ٿا تہ پوءِ اسان سمجهي وينداسين تہ ڪوانٽم ميڪينڪس انهيءَ لحاظ سان مڪمل آهي جو ان کان وڌيڪ "پوري طرح" وضاحت ممڪن ئي نہ آهي، ۽ اها قيمت آهي جيڪا اسان کي دنيا جو حصو هئڻ جي ڪري ادا ڪرڻي پوي ٿي. 

جيڪڏهن اسان بوهر جو هي دليل قبول ڪرڻ کان انڪار ڪريون ۽ حقيقت بابت پراڻي زماني جي عام فهم واري سوچ تي اصرار ڪريون، ۽ ڄاڻ ۽ مشاهدي جي رشتي کي بہ پراڻي طريقي سان ڏسون ۽ هڪ الڳ، آزاد حقيقت تي يقين رکون، تہ پوءِ اسان کي هڪ ٻي قسم جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. 

اسان کي سوچڻو پوندو تہ گھڻو ڪري اسان قدرت بابت ڪنهن بنيادي ڳالھ ۾ ئي غلط آهيون، آئن اسٽائن جي 1935ع ۾ لکيل پيپر کان شروع ٿيندڙ نظرياتي ۽ پوءِ تجربي تي ٻڌل ڪم مان اسان کي خبر پئي آهي تہ اها ڪهڙي ڳالھ آھي، اهڙي ڪنهن نئين وضاحت لاءِ هڪ عام مفروضي کي ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي، جنهن موجب شيون رڳو تڏهن هڪ ٻئي سان جوڙجڪ ڪري سگهن ٿيون جڏهن اهي جڳھ (space) ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ. 
ان کي locality مقامي جو مفروضو چيو ويندو آهي

ڇا رئيلزم صحيح آهي يا اينٽي رئيلزم؟ هن وقت تائين اسان وٽ ان جو ڪو حتمي جواب ناهي، پر سائنسي رئيلزم کي مڪمل طور تي ڇڏي ڏيڻ لازمي بہ ناهي
تازين ڏهاڪن ۾ ان مسئلي کي سمجهڻ بابت ڪجھ اڳڀرائي ٿي آهي، جيتوڻيڪ اهو حل ٿيڻ جي ويجهو بلڪل بہ ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ شروعات تہ ٿي آهي، اڄ اسان وٽ آئن اسٽائن جي زماني کان وڌيڪ فڪر آهي ۽ انهن مسئلن ۽ رڪاوٽن کان وڌيڪ ڄاڻ آهي، ۽ گھڻيون دلچسپ تجويزون ۽ مفروضا  بہ ظاهر ڪيا ويا آهن. 
۽ انهن جي ڪري اهو سوال ٻيهر سامهون اچي ٿو تہ ڇا آئن اسٽائن جو رئيلزم ۾ ضد وارو يقين ۽ اڌورو انقلاب مڪمل ٿيڻ تائين پهچي سگهندو؟

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (7) - ٻہ راهون

https://www.facebook.com/share/p/17C7MkiDMa/ 

No comments:

Post a Comment