Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (7) - ٻہ راهون


ڪوانٽم کان اڳتي (7) - ٻہ راهون

”دريا خان سنڌي” 
اسان جڏهن روزمرھ جي دنيا ۾ وڏين شين جي ڳالھ ڪندا آهيون تہ اسان کي ڪوانٽم ورلڊ جهڙو عجيب برتاءُ نظر نٿو اچي. ڪرسي يا تہ هتي هوندي يا اتي. اها هڪ ئي وقت ٻنهي جڳهن تي نٿي ٿي سگهي
يا جيئن ڪنهن هوٽل جي ڪمري ۾، جڏهن مون رات جو آواز ٻڌي اکيون کوليون تہ مون کي يقين سان تہ خبر نہ هئي تہ ڪرسي ڪٿي آهي، پر پڪ سان اها ڪنهن مقرر جاءِ تي ئي هئي، ۽ جڏهن مان ان سان ٽڪرائجي ويس تہ اسان جا مستقبل entangle (ڳنڍجي) نہ ويا

جيڪا دنيا اسان ڄاڻون ٿا، ان ۾ ٻلي يا تہ جيئري هوندي يا مري ويل، ڀلي اها ڪنهن بند دٻي ۾ ئي ڇو نہ هجي، جيڪڏهن دٻو کولڻ تي اها مري ويل نڪتي، تہ گهڻو امڪان آهي تہ اها ڪجھ وقت کان اڳ ئي مري چڪي هئي، جنهن جو پتو اسان کي ان مان ايندڙ ڌپ کان بہ پئجي وڃي ها

روزمرھ جي شين ۾ اهو ڪوانٽمي عجيب پن نظر نٿو اچي، جيڪو انهن کي ٺاهيندڙ جزن، يعني ايٽمن ۾ ملي ٿو، ڳالھ بلڪل سادي لڳي ٿي، پر ساڳي وقت اهو هڪ وڏو اسرار بہ آهي، ڪوانٽم ميڪينڪس فطرت جي مرڪزي نظريي طور آهي، جيڪڏهن اها هڪ ايٽم تي لاڳو ٿئي ٿي تہ ٻن، ڏهن يا سَئو تي بہ لاڳو ٿئي ٿي، ۽ اسان وٽ بهترين تجربي جا ثبوت آهن تہ ائين ئي آهي، گھڻي نفيس تجربن ۾ وڏن ماليڪيولز کي بہ سپرپوزيشن ۾ رکيو ويو آهي ۽ اهو ڏيکاريو ويو آهي تہ وڏا ماليڪيول بہ اوترا ئي عجيب آهن جيترا اليڪٽرون
ڪوانٽم ميڪينڪس جو اطلاع ايٽمن جي وڏن مجموعن تي بہ ٿيڻ گهرجي، جيئن تہ مون تي، اوهان تي، ڪرسي تي يا ٻلي تي؟ پر لڳي ٿو تہ ائين ناهي، ۽ لڳي ٿو تہ ڪوانٽم ميڪينڪس جا اثر انهن اوزارن ۽ مشينن تي بہ ناهن، جن سان اسين انهن ايٽمن جو مشاهدو ڪريون ٿا ۽ انهن جي عجيب هئڻ کي ظاهر ڪريون ٿا

جڏهن اسين ايٽم جي خاصيت جي ماپ ڪندا آهيون تہ وڏا اوزار استعمال ڪندا آهيون، ايٽم ڪيترين ئي حالتن جي سپرپوزيشن ۾ ٿي سگهي ٿو، پر ماپ ڪندڙ اوزار ھميشہ امڪاني جوابن مان خالي هڪ ئي ٻڌائيندو آهي، ائين ڇو ٿئي ٿو؟ ڪوانٽم ميڪينڪس جي اها خاصيت اوزار ۾ ڇو نہ آهي، جيڪو ڪوانٽم سسٽم جي ماپ ڪري رهيو آهي؟

ان کي "پيمائش جو مسئلو" (measurement problem) چيو وڃي ٿو، ۽ اهو 1920ع واري ڏهاڪي کان وٺي تڪراري ۽ اڻ حل ٿيل آهي، ايتري عرصي ۾ ماهر ان بابت ڪنهن اتفاق تي نہ پهتا آهن، جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ فطرت بابت اسان اڃان بہ ڪجھ بنيادي ڳالھ نٿا سمجهي سگهون

ڪٿي نہ ڪٿي هڪ ٽرانزيشن آهي، ڪوانٽم دنيا، جتي ايٽم هڪ ئي وقت ڪيترين جڳهن تي ٿي سگهي ٿو، ۽ روزمرھ جي دنيا، جتي هر شيءِ هر وقت ڪنهن مقرر جاءِ تي ئي هوندي آهي، جي وچ ۾، جيڪڏهن هڪ ماليڪيول، جيڪو ڏهن يا نوَن ايٽمن مان ٺهيل آهي، ڪوانٽم ميڪينڪس وسيلي بيان ٿئي ٿو، تہ پوءِ ٻلي ڇو نہ؟ ڇا انهن ٻنهي دنيا جي وچ ۾ ڪٿي ڪا ليڪ آهي، جتي ڪوانٽم دنيا ختم ٿئي ٿي؟ "پيمائش جي مسئلي" جو جواب اسان کي ٻڌائيندو تہ اها ليڪ ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي، ۽ ان فرق جي وضاحت ڪندو. 

ڪيترا ماڻهو آهن جن کي يقين آهي تہ انهن کي "پيمائش جي مسئلي" جو جواب خبر آهي، انهن مان ڪجھ خيالن کي اسان اڳتي هلي ڏسنداسين
وڏو ڪري سمجهڻ ۾، جيڪي ماڻهو ڪوانٽم ميڪينڪس جي اسرار کي حل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ٻن قسمن جا آهن

پهريون گروپ اهو سمجهي ٿو تہ ڪوانٽم نظريو بلڪل صحيح آهي۔ مسئلو نظريي جو نہ آهي، پر اسان جي سمجھ جو آهي، ڪوانٽم ميڪينڪس بابت ان حڪمت عملي جي تاريخ ان جي باني سائنسدانن مان هڪ گهڻي بااثر سائنسدان، نيلز بوهر، جي بہ هئي، ۽ ان جو وڏو اثر ان کانپوءِ ايندڙن تي رهيو

ٻئي گروپ جو خيال آهي تہ نظريو نامڪمل آهي، ان جو مطلب نٿو ٺهي، ڇاڪاڻ⁠تہ اها مڪمل ڪهاڻي ناهي، ۽ انهن جي ڪوشش آهي تہ ان کي مڪمل ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ ان جا اسرار حل ڪري سگهجن، ان حڪمت عملي جي تاريخ بہ ڪوانٽم ميڪينڪس جي باني سائنسدانن مان هڪ سان جڙيل آهي، جيڪو البرٽ آئن اسٽائن هو. 

ڪوانٽم انقلاب ۾ آئن اسٽائن جو وڏو حصو آهي، اهو پهريون سائنسدان هو جنهن روشني جي ٻٽي طبيعت (ذرڙو ۽ لهر) جي وضاحت ڪئي، جيتوڻيڪ اڄ اهو "نظريہ اضافيت" جي ڪري مشهور آهي، پر سندس نوبل انعام ڪم ڪوانٽم نظريي تي هو، ۽ سندس پنهنجو چوڻ هو تہ ان پنهنجي زندگي ۾ ڪوانٽم نظريي تي اوترو وقت لڳايو آهي، جيترو نظريہ اضافيت تي نہ، جيتوڻيڪ آئن اسٽائن کي ان جو اڳواڻ نٿو سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ⁠تہ هو هڪ ضدّي ريئلسٽ هو، ۽ سندس اهو يقين ان کان مطالبو ڪندو هو تہ هو 1920ع واري شڪل ۾ ان کي قبول نہ ڪري. 

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (6) - ڪوانٽم دنيا

https://www.facebook.com/share/p/19bXBYSGki/ 

No comments:

Post a Comment