Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (14) - ڪوانٽم حالت جو ارتقاء


ڪوانٽم کان اڳتي (14) - ڪوانٽم حالت جو ارتقاء

”دريا خان سنڌي“
سسٽم جي مڪمل ڄاڻ کي ان جي “ڪلاسڪي حالت” چيو ويندو آهي. جڏهن تہ ان جي اهڙي وضاحت جنهن ۾ اڌ ڄاڻ ملي سگهي، انهي کي ڪوانٽم حالت سڏجي ٿو. باقي اڌ غيرمقرر هوندو آهي (اهو پوزيشن، مومينٽم يا ٻنهي جو ملاپ ٿي سگهي ٿو).
ڪوانٽم نظريي ۾ ڪوانٽم حالت هڪ مرڪزي تصور آهي. اسان پڇڻ چاهينداسين تہ، ڇا هي حالت اصل ۾ موجود آهي؟
ڇا ذري جي ڪوانٽم حالت ان جي فزيڪل حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي؟ يا اهو خالي اسان جي سهولت لاءِ ٺاهيل اوزار آهي؟ گهڻو ڪري ڪوانٽم حالت ذري جي وضاحت نہ پر خالي اسان جي ان بابت ڄاڻ ڏيکاري ٿي؟

انهن سوالن تي ماهرن ۾ اتفاق ڪونهي. ان طرف پوءِ اينداسين. فلحال اسان عمليت پسندي جو نقطو نظر ماڻينداسين ۽ ڪوانٽم حالت کي هڪ اوزار طور ڏسنداسين جنهن جي مدد سان سسٽم جي مستقبل بابت اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. ۽ هي گهڻو ڪارآمد اوزار آهي، ڇو تہ اهو اڳڪٿي ڪرڻ کي ممڪن بڻائي ٿو، ۽ اهو ئي ڪوانٽم ميڪانيڪس جو اهم اصول آهي.

جيڪڏهن ڪنهن اڪيلي (isolated) سسٽم جي ڪوانٽم حالت معلوم هجي تہ فزڪس جي قانونن تحت اسان ان جي مستقبل جي ڪنهن بہ وقت ۾ صحيح حالت جي اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا.
ان کي اسين “پهريون اصول” چونداسين. ان کي شرڊنگر جي مساوات بہ چيو وڃي ٿو. اهڙي قانون جي موجودگي جي اصول کي يونٽي ريٽي وحدت (unitarity) سڏجي ٿو.

ڪوانٽم حالت ۽ انفرادي ذرڙي جو واسطو شمارياتي هوندو آهي، پر ڪوانٽم حالت جي تبديلي جي نظريي ۾ ڊيٽرمنزم مقرري موجود آهي.
ڪوانٽم حالتون اهم ان ڪري آهن جو اهي وقت سان گڏ هڪ خاص قانون تحت ارتقاء ڪنديون آهن. پر هتي هڪ اهم اعتراض آهي: هي ارتقاء وارو قانون خالي اهڙن سسٽمن تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي باقي ڪائنات کان بلڪل اڪيلا هجن. اهو قانون خالي تڏهن ڊيٽرمنسٽڪ مقرر آهي جڏهن سسٽم تي ٻاهرين ڪائنات جو ڪو اثر نہ هجي.

جيئن ئي اسين ان جي ماپ (measurement) ڪريون ٿا، اسان ان کي ڇيڙي ڇڏيون ٿا. اهڙي حالت ۾ پهريون اصول لاڳو نٿو رهي. نہ خالي ماپ جي وقت پر جڏهن بہ سسٽم جو ٻاهرين شين سان لاڳاپو ٿئي. ۽ ماپ ان ڪري خاص آهي جو هتي ئي ڪوانٽم نظريي ۾ امڪانيت داخل ٿئي ٿي.
ڪوانٽم ميڪانيڪس چوي ٿي تہ ڪوانٽم حالت ۽ ماپ جي نتيجي جو واسطو خالي امڪانيت تي ٻڌل آهي. ۽ اهو امڪان ڪوانٽم حالت سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن اسان پوزيشن جي ماپ ڪرڻ چاهيون ٿا تہ هي سادو واسطو هن ريت آهي:
ڪنهن ذرڙي کي اسپيس ۾ ڪنهن خاص پوزيشن تي ملڻ جو امڪان ان جاءَ تي موج (wave) جي قدر جي اسڪوائر جي سڌي نسبت سان هوندو آهي.

اهو بورن جو اصول (Born rule) آهي.
خلاصو: موج (wave) ڪوانٽم حالت کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن سسٽم کي اڪيلو ڇڏيو وڃي تہ ان جي وقت سان تبديلي ڊيٽرمنسٽڪ مقرري هوندي آهي ۽ پهرين اصول مطابق ٿيندي آهي. پر ڪوانٽم حالت جو ماپ وقت حاصل ٿيل مشاهدي سان واسطو سڌو سنئون نہ پر امڪاني آهي. ۽ هي بيقاعدگي (randomness) بنيادي آهي.

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (13) - فزيڪل حالت جو ارتقاء

https://www.facebook.com/share/p/1B9x1cZmVQ/ 

No comments:

Post a Comment