ڪوانٽم کان اڳتي (15) - ٻہ اصول، ڪجھ سوال
”دريا خان سنڌي“
جيتوڻيڪ ڪوانٽم حالت اسان کي خالي مشاهدي وقت امڪان بابت ٻڌائي ٿي، پر هڪ ڀيرو نتيجو اچي وڃي تہ پوءِ اهو پڪو ٿي وڃي ٿو، ڇو تہ هاڻي اسان کي خبر آهي تہ حالت ڇا آهي، فرض ڪريو تہ اليڪٽران جي مومينٽم جي ماپ ڪرڻ کانپوءِ اسان کي نتيجو 17 (ڪنهن بہ يونٽ ۾) ملي ٿو، تہ پوءِ اسان ڄاڻون ٿا تہ ڪوانٽم حالت اتر طرف ۾ 17 جو مومينٽم آهي
ٻئي اصول (بورن رول) موجب :
ماپ جو نتيجو خالي امڪان طور ٻڌائي سگهجي ٿو، پر ماپ ڪرڻ سان مطالع هيٺ سسٽم جي حالت تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ اها حالت اها ئي بڻجي وڃي ٿي جيڪا ماپ جو نتيجو آهي، ان کي ويئو فنڪشن ڪوليپس چيو وڃي ٿو.
ٻئي اصول، موجب سسٽم ۾ ٿيندڙ تبديلي امڪان تي آهي، پر، جڏهن ماپ ٿي وڃي ۽ سسٽم الڳ ٿي وڃي تہ پوءِ ڪوانٽم حالت جي ارتقاء تي "پهريون اصول" (شروڊنگر مساوات) لاڳو ٿئي ٿو، جيستائين ٻيهر ان جي ماپ نہ ڪئي وڃي.
۽ هي ٻيو اصول ڪيترائي سوال اٿاري ٿو
ڇا ويئو فنڪشن ڪوليپس اوچتو ٿيندو آهي يا ان ۾ وقت لڳندو آهي؟
ڇا ڪوليپس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن سسٽم ڊٽيڪٽر سان انٽريڪشن ڪري؟ يا ان وقت جڏهن نتيجو ڊٽيڪٽر ۾ رڪارڊ ٿئي؟ يا ان وقت جڏهن ڪنهن شعوري ذهن کي ان جو علم ٿئي؟
ڇا هي ڪوليپس جسماني تبديلي آهي؟ (جيڪڏهن ائين آهي، تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ ڪوانٽم حالت حقيقي آهي)
يا وري هي رڳو اسان جي ڄاڻ ۾ ٿيندڙ تبديلي آهي؟ (جيڪڏهن ائين آهي، تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ ڪوانٽم حالت خالي اسان جي ڄاڻ جي عڪاسي آهي)
سسٽم کي ڪيئن خبر پوي ٿي تہ ڊٽيڪٽر ۾ ڪو خاص عمل ٿيو آهي، جيئن اهو انهي وقت ۽ خالي انهي وقت ٻئي اصول جي پابندي ڪري؟
جيڪڏهن اصل سسٽم ۽ ڊٽيڪٽر کي گڏ ڪري هڪ وڏو سسٽم بڻايو وڃي تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا پهريون اصول ان سموري سسٽم تي لاڳو ٿيندو؟
اهي سوال ماپ جي مسئلي جي مختلف پاسن بابت آهن
گهڻا وڏا ماهر انهن سوالن جا جواب ڄاڻن ٿا، مسئلو رڳو ايترو آهي تہ انهن جي جوابن ۾ پاڻ ۾ هڪجھڙائي ناهي، ۽ اهو ئي ڪوانٽم
ميڪانڪس تي صدي کان هلندڙ سمجهاڻيون ۽ تڪرار جي جڙ آهن
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (14) - ڪوانٽم حالت جو ارتقاء
https://www.facebook.com/share/p/14SCBzsp4oq/

No comments:
Post a Comment