Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (13) - فزيڪل حالت جو ارتقاء


ڪوانٽم کان اڳتي (13) - فزيڪل حالت جو ارتقاء

”دريا خان سنڌي“
ڪنهن بہ فزيڪل سسٽم تي عام قانون لاڳو ڪرڻ جا ٽي مرحلا آهن
پهريون: اسان ان فزيڪل سسٽم کي بيان ڪريون ٿا. 
ٻيو: اسان ڪنهن هڪ خاص وقت تي ان جون خاصيتون گڏ ڪريون ٿا، جيڪڏهن سسٽم پارٽيڪلز (ذرڙن) تي ٻڌل آهي تہ ان جون خاصيتون انهن جي جڳھ (position) ۽ رفتار (momentum) جهڙيون هونديون، جيڪڏهن اهو لهرن (waves) مان ٺهيل آهي تہ ان ۾ انهن جي wavelength ۽ frequency جهڙيون شيون اينديون، خاصيتن جي اها گڏجاڻي سسٽم جي "حالت" (state) آهي
ٽيون: هڪ فزيڪل قانون کي فرض ڪيو ويندو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو تہ وقت سان گڏ ان ۾ تبديلي ڪيئن ايندي

فزڪس جا قانون سسٽم جي هڪ حالت مان ارتقاء (Evolution) جو رستو ٻڌائين ٿا
ڪوانٽم فزڪس کان اڳ فزيسسٽ لاءِ سائنس جو هڪ سادو ۽ طاقتور مقصد هو: ٻئي مرحلي ۾ اسان سسٽم کي ٻن پاسن کان مڪمل طور بيان ڪري ڇڏيون
پهريون پاسو اهو تہ ان کان وڌيڪ تفصيلي وضاحت نہ ضروري آهي ۽ نہ ئي ممڪن، ٻيو اهو تہ اهي خاصيتون گهڻيون آهن تہ اسان کي ان سسٽم جي ارتقاء بابت بلڪل صحيح ڄاڻ ملي سگهي، ۽ اهو ارتقاء فزڪس جي قانونن مان معلوم ٿيندو

حالت جو مڪمل علم ۽ قانونن جو مڪمل علم اسان لاءِ اهو ممڪن بڻائي ڇڏيندو تہ سسٽم جي ارتقاء ۽ مستقبل جي ڪنهن بہ وقت تي حالت کي ڄاڻي سگهون
ظاهر آهي تہ ممڪن آهي اسان کي سسٽم جي سڀني ذرڙن جي جڳھ ۽ مومينٽم جو علم نہ هجي، هڪ ڪمري ۾ هوا جا 10^28 ايٽم ۽ ماليڪيول آهن انهن سڀني جون خاصيتون لسٽ ۾ گڏ ڪرڻ عملي طور ناممڪن آهي

هتي اسان approximation يعني (ويجهو اندازو) استعمال ڪندا آهيون، جيڪو شمارياتي خاصيتون (statistical properties) آهن، جيئن تہ ڪثافت، پريشر ۽ گرمي پد، اهي شمارياتي خاصيتون اصل ۾ ايٽمن جي جڳهن ۽ رفتار جي سراسري مان اينديون آهن، ۽ شمارياتي خاصيتن لاءِ probability (امڪانيات) اچي وڃي ٿي، تنهنڪري اسان جي پيشگوئي ۾ بہ هڪ حد تائين غيريقيني (uncertainty) اچي وڃي ٿي. 

پر هتي هڪ بنيادي طور تي مختلف ڳالھ آھي، انهي حالت ۾ اسان خالي پنهنجي سهولت لاءِ امڪانيات استعمال ڪري رهيا آهيون، پر گئس جي ڪثافت يا گرمي پد جي پويان اسان يقين رکون ٿا تہ ان جا ذرڙا پاڻ ۾ بلڪل صحيح خاصيتون رکن ٿا ۽ اصولي طور تي آخري ايٽم جي جڳھ ۽ رفتار کي نوٽ ڪري سگهجي ٿو، ۽ اسان يقين رکون ٿا تہ جيڪڏهن اسان وٽ انهن سڀني جي رسائي هجي تہ پوءِ اسان مستقبل کي بلڪل صحيح طريقي سان ٻڌائي سگهون ٿا. 
اهو يقين انهي ڳالھ تي آهي تہ معروضي حقيقت (objective reality) موجود آهي ۽ ان کي ڄاڻڻ اسان لاءِ ممڪن آهي، هر شمارياتي خاصيت جي پويان ڇا آهي؟ ان ۾ ڪجھ بہ اهڙو ناهي جيڪو اصولي طور نامعلوم هجي

ڪوانٽم ميڪانڪس اسان جي انهي ambition (اميد/ڪوشش) کي روڪي ڇڏي ٿي، ڇو تہ جيئن اسان ان جو پهريون اصول پڙهيو تہ "اسان گهڻي مان گهڻو اڌ کي ڄاڻي سگهون ٿا" پوءِ سوال اهو آهي تہ فزيڪل قانونن جي مدد سان ڪوائنٽم سسٽم جي حالت جو ارتقاء ڪيئن ٿئي ٿو؟ هاڻي اچو تہ انهي سوال ڏانهن وڌو

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (12) - هر شيءِ جي ٿيوري؟

https://www.facebook.com/share/p/1CotDKGCgt/ 

No comments:

Post a Comment