Wednesday 10 June 2020

زمين جي گريويٽي - ڪشش ثقل جو نقشو

زمين جي گريويٽي - ڪشش  ثقل جو نقشو

هائي اسڪول فزڪس ۾ جي، جي ويليو 9.8 فرض ڪري اوهان سوال حل ڪيا هوندا پر ڇا زمين جي گريويٽي هر جڳھ تي هڪجهڙي آهي تہ انجو جواب آهي تہ نہ، انجون ڪيتريون ئي وجهون آهن، مثال جي طور تي
1- ايڪويٽر تي گريويٽي ڪجھ گهٽ هوندي انجي وجھ زمين جي محوري گردش آهي
2- جبلن جي مٿاڇري تي گهٽ هوندي آهي، انجي وجھ ان چوٽي جي زمين جي مرڪز کان پري هجڻ آهي
3- جنھن جڳھ تي زمين جي ڪثافت گهٽ آهي، اتي گريويٽي گهٽ هوندي

دنيا ۾ سڀ کان گهٽ گريويٽي پيرو جي جبل نيواڊو هواسڪاران جي آهي، جتي جي، جي ويليو 9.7639 آهي، جڏهن تہ سڀ کان وڌيڪ آرڪٽڪ سمنڊ جي سطح تي آهي جتي انجي ويليو 9.8337 آهي
انجو مطلب هي آهي تہ جيڪڏهن اوهان جو وزن آرڪٽڪ سمنڊ ۾ ٻئي سو پائونڊ آهي تہ نيواڊو جي چوٽي تي گهٽ ٿي ڪري صرف هڪ سو اٺانوي پائونڊ رهجي ويندو، ۽ جيڪڏهن سو ميٽر مٿاڇري مان ڪنھن شيءَ کي اڇلايو وڃي تہ زمين تائين پهچڻ ۾ انھن ٻنھي مقامن ۾ سورهن ملي سيڪنڊ جو فرق ٿيندو 
زمين جي گريويٽي جو مڪمل نقشو بنائڻ جا ٻہ الڳ پروگرام آهن، هڪ ناسا ۽ جرمن ايرواسپيس سينٽر جو گڏيل پروگرام گريس ۽ ٻيو اي ايس آئي جو گوس 

گريويٽي جي پيمائش ڇو ڪئي ويندي آهي؟
ان سان زمين جي موسمن جي، سمنڊن ۾ ڪرنٽس جي ۽ بدلجندڙ موسمن جي معلومات ملندي آهي، آرڪٽڪ ۾ گهٽ ٿيندڙ برف جو اثر، آفريڪا ۽ آسٽريليا جا خشڪ ٿيندڙ دريان جي معلومات، زلزلن ۽ طوفانن مان زمين جي ڪثافت ۾ پوندڙ فرق، زمين جو واٽر سائيڪل ان مان پتو پئجي ويندو آهي 

هي پيمائش ڪيئن ڪئي ويندي آهي؟
ٻہ جڙوا سيٽلائيٽ هڪٻئي جي اڳيان پويان گردش ۾ آهن، جڏهن اڳيون سيٽلائيٽ گهڻي گريويٽي والي جڳھ تي پهچندو آهي تہ رفتار تيز ٿي ويندي آهي، ۽ پوئي سيٽلائيٽ کان وٿي وڌي ويندي آهي، وٿي جو هي فرق انساني وار جي موٽائي جي ڏهين حصي جي ويجھي جو پوندو آهي، انجي سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ اوزار لڳل آهن، جيڪي مائيڪرو ويوز اڇلائڻ جو مٽا سٽا ڪندا رهندا آهن ۽ هڪٻئي مان واپس اچڻ واري سگنل سان پاڻ ۾ وٿي جي پيمائش ڪندا آهن 

گريس ٽيهن ڏينھن کانپوءِ زمين جي گريويٽي جو پورو نقشو تيار ڪندو آهي ۽ انجي ۾ ٿيڻ واري گهڻي معمولي تبديليون زمين جي باري ۾ اهم معلومات ڏيندي آهي، گرين لينڊ ۾ ٽي سالن ۾ ڏيڍ کرب ٽن برف جي ڳرڻ جي معلومات بہ ان طريقي سان حساب ڪئي وئي
ناسا جي ٽن اسپيس ڪرافٽنس جي مدد سان اسان گريويٽي جي پيمائش جي وسيلي مريخ جي اندر تائين ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون

پهرين گڏ لڳل تصوير زمين جي گريويٽي انامولي ميپ جي آهي
جتي رنگ ڳاڙهو آهي اتي ڪشش ثقل گهڻائي ۾ آهي ۽ جتي نيرو اتي گهٽتائي ۾

ٻي ۾ جيڪي ٻاهر حصا نڪتل آهن اتي ڪشش ثقل گهڻائي ۾ آهي ۽ جتي اندر آهن اتي گهٽتائي ۾ 

زمین جي گريويٽي فيلڊ تي 
https://svs.gsfc.nasa.gov/11234

گریس پراجيڪٽ تي 
https://earthobservatory.nasa.gov/Features/GRACE/page3.php

گوش پراجيڪٽ تي
https://www.esa.int/Our_Activities/Observing_the_Earth/GOCE

#ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment