Wednesday 10 June 2020

ڊارڪ انرجي ۽ ڊارڪ ميٽر

ڊارڪ انرجي ۽ ڊارڪ ميٽر

جڏهن اسان پنھنجي ڪائنات کي ڏسندا آهيون تہ اسانکي سڄوئي ڪم ڪندي نظر ايندي آهي تارن جو بڻجڻ گيلڪسز جي بناوت بليڪ هولز ۽ مادي جي هر صورت، هن ڪائنات ۾ هڪ مقصد جي تحت ڪم ڪري رهي آهي ۽ مادي کانسواءِ هن ڪائنات ۾ موجود چار بنيادي قوتون، گريويٽي جي فورس، اليڪٽروميگنيٽڪ فورس، اسٽرنگ نيوڪليئر فورسز، ويڪ نيوڪليئر فورسز بہ پنھنجو ڪردار نڀائي رهيون آهن 

پر اسانجي ڪائنات جي ان وجود ۾ صرف هر ظاهري شيءَ ئي ناهي موجود، ڪجھ شيون اهڙيون آهن جنھن سان اسان واقف ناهيون، پر اسانجي انھن سان واقفيت نہ هئڻ جو هي مطلب ناهي تہ ھي هن ڪائنات تي اثر ئي ناهين ٿي رهيون، اوهانکي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي تہ ان غير خبري شين جي وجھ ئي هي ڪائنات پنھنجو وجود برقرار رکيل آهي، جيتري ڪائنات هاڻي تائين کوجي وئي آهي ان ۾ موجود سڀهي مادي جو ريشو انجو خالي پنج سيڪڙو آهي، جنھن ۾ مادو ۽ هائيڊروجن گيس بہ شامل آهي، جيڪي هن ڪائنات ۾ خلاء پکيڙيل آهي، جڏهن تہ باقي 95 سيڪڙو حصو اهو آهي جنھن ۾ اسان روزانو مشاهدا ناهيون ڪري سگهندا جن بابت اسان گهڻو گهٽ ڄاڻي چڪا آهيون 
 عام مادي کي اسان گهڻي حد تائين سمجھڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون تہ اهو ڪيئن ڪم ڪندو آهي، ۽ ڪهڙن قائدن کي فالو ڪندو آهي، جڏهن تہ 95 سيڪڙو اڻ خبري حصي بابت اسان گهڻو گهٽ ڄاڻي سگهيا آهيون، هي حصو ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ ڊارڪ ميٽر ۽ ٻيو ڊارڪ انرجي 

ڊارڪ انرجي هن ڪائنات جو 69 سيڪڙي حصي تي قابض آهي ۽ 26 سيڪڙو ڊارڪ انرجي موجود آهي 
ڊارڪ ميٽر بابت اسانکي ان ڳالھ مان اندازو ڪيو ويو تہ اسٽرونومر” ويرا روبين“ هڪ ٽيڪنيڪ ظاهر ڪئي جنھن جي مدد سان سرپل گيلڪسيز ۾ موجود تارن جي روٽيشنل ولاسٽي- ڦيرو رفتار حساب ڪئي وڃي سگهجي پئي ان جي لاءِ انھن هڪ گيلڪسي ۾ موجود سڀ مادو، گيس، ڌوڙ ۽ تارن جي مدد سان حساب ڪيو تہ گيلڪسي جي ٻاهري حصي ۾ موجود تارن جي رفتاري پري جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿيندي هئڻ گهرجي 
مرڪز مان فاصلو گهڻو هئڻ تي رفتار ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي پر مشاهدو ڪرڻ تي خبر پئي تہ انھن گيلڪسيز ۾ تارن جو فاصلو مرڪز مان وڌڻ تي رفتار وڌندي پئي وڃي، ۽ ٽيڪنيڪ موجب تہ سڀئي ميٽر جي موجودگي باوجود هي ممڪن نہ هئو، ۽ ان مظهر جي لاءِ مادي جي مقدار گهڻي گهٽ هئي، ان ڳالھ مان اندازو ٿيو تہ يقينن اتي عام مادي کان سواءِ بہ اهڙو ڪجھ موجود آهي، جيڪو ماس جو تہ حامي آهي پر اسان انکي اليڪٽروميگنيٽڪ اسپيڪٽرم سان سڃاڻپ ڪرڻ مان لاچار آهيون، جنھن جي وجھ سان انکي ڏسي سگهجڻ ناممڪن آهي، ۽ انھي وجھ سان انکي ڊارڪ ميٽر جو نالو ڏنو ويو ۽ اهوئي ڊارڪ ميٽر هي مظهر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي 
 ڊارڪ ميٽر جي موجودگي جو علم اسانکي انجي گريويٽي سان گڏ رابطي سان بہ ٿيندو آهي gravitational lensing جي مدد سان گيلڪسيز کي ڏسڻ مان پتو پيو تہ گيلسڪسز ۾ مادي جي نظر اچڻ واري مقدار انجي گريويٽي جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي 

ڊارڪ ميٽر ڪنھن شيءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي؟ 
ائين چيو ويندو آهي تہ ڊارڪ ميٽر non baryonic پارٽيڪلز ٿي سگهن ٿا، خالي گريويٽي جي ڪنهن شيءَ سان گڏ ري ايڪٽ نہ ڪندا هجن، هي نيوٽرينو ٿي سگهن ٿا يا وري گريويٽي ايتري وڏي ڀاڳي تي اهڙو عمل ڪندي آهي ان بابت اڃان تائين يقين سان ڪجھ نٿو چئجي سگهجي  اٹریکٹ 
انکانپوءِ اچون ٿا ڊارڪ انرجي ڏا ڊارڪ انرجي بہ ڊارڪ ميٽر جيان ئي هڪ ڳجھ آهي ان بابت اسانکي ان شيءَ مان اندازو ٿيو تہ ڪائنات جي بگ بينگ ڦهلاو کانپوءِ مسلسل روشني جي رفتار سان ڦھلجندي وڃي رهي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ رفتار کي گهٽ ٿي وڃڻ گهرجي ڇوجو گريويٽي جي وجھ سان مادو هڪٻئي کي ڇڪيندو آهي پر 1998ع ۾ ٻن آزاداڻي ريسرچرز جي ٽيمن ان شيءَ کي غلط ثابت ڪيو تہ ڪائنات جي ڦهلاو جي رفتار بجائي گھٽ هئڻ جي وڌيڪ وڌي رهي آهي ۽ ان شيءَ جو سپرنوا جي مدد سان پتو ڪيو ويو، ان عجيب ڏيک کي ريڊ شفٽ بہ چيو ويندو آهي جنھن موجب پري ويندڙ روشني وارن جسمن مان نڪرڻ واري روشني جون شعائون تہ wavelength وڌڻ جي وجھ سان اهو ريڊ شفٽ ظاهر ڪندا آهن ان طرح مختلف وقتن ۾ هڪ سپرنوا جو مشاهدو ڪيو ويو جنھن مان پتو پيو تہ ڪائنات ڦھلجي رهي آهي ۽ انجي وجھ، ڦهلجڻ جي رفتار وڌندي وڃي رهي آهي، ڊارڪ ميٽر جي طرح ڊارڪ ميٽر بہ نارمل ميٽر سان گڏ رابطو ناهي ڪندي ان لاءِ انکي بہ سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي، تجربن ۽ مشاھدن مان ان ڳالھ جو اندازو ٿيو آهي تہ ڪائنات جو 69 سيڪڙو حصو ڊارڪ انرجي تي مشتمل آهي، ڏٺو وڃي ڊارڪ انرجي جو ڪردار صرف ڪائنات جي ڦھلجڻ جي رفتار وڌڻ جي وجھ پتو نہ ٿي سگهڻ جي وجھ سان آهي 
ائين چئجي سگهجي ٿو تہ امڪان آهي اهڙي قوت موجود هجي جيڪا هن ڦهلاو جي رفتار وڌڻ جو سبب بڻجي رهي هجي پر ائين ٿيڻ هڪ اندازو ئي آهي اسان پوري طرح واقف ناهيون ٿي سگهيا

ڪاور مادو
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2265009550447790

شروعاتي ڪائنات ۾ ڪاري مادو جو پتو
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2252363851712360

ڇا ڪارو مادو بہ بليڪ هول مان گذرندو آهي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2305870656361679

ڇا ڊارڪ انرجي جي وجھ سان اسانجي ڪهڪشان بہ پکڙجي رهي آهي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2307396342875777

No comments:

Post a Comment