Wednesday 10 June 2020

بيوقوف ماليڪيول - جين (8)

بيوقوف ماليڪيول - جين (8)

جين ڇا آهي؟ هي اڃان تائين نامعلوم هو، شروڊنگر جن هي خيال 1944ع ۾ پيش ڪيو هو تہ جين هڪ هوشيار ڪيميڪل آهي، انجي مشهور ڪتاب” زندگي ڇا آهي“ ۾ شروڊنگر جن خيال پيش ڪيو هو تہ جين هڪ خاص قسم جو ماليڪيول آهي جيڪو تضادن سان لاڳاپيل آهي، ترتيب وارو... تہ جيئن ورڇ ٿي سگهي ۽ اڳتي وڌي سگهي، بغير ترتيب وارو... تہ جيئن زندگي جي قسم اچي سگهي، انفارميشن جو وسيع ذخيرو ورتل... تہ جيئن ان سان جاندار بڻجي سگهن، ننڍو کن... تہ جيئن خلي ۾ پورو اچي سگهي 
شروڊنگر تصور ڪيو تہ ھي ھڪ ڪيميڪل آهي جنھن جا گھڻا ئي ڪيميڪل بانڊ آهن جيڪي ڪروموزوم جي فائبر تي ڦهليل آهن، ان ۾ ڪو ڪوڊ آهي جيڪو لکيل آهي، جيئن تسبيح جا داڻا هجن ۽ انھن تي زندگي جو ڳجهو ڪوڊ 

يڪسانيت ۽ فرق، ترتيب ۽ قسم، پيغام ۽ مادا... شروڊنگر هڪ ڪيميڪل جو سوچي رهيا هئا، جيڪو انهن الڳ خاصيتن جو تابيدار هجي، وارثت جي لاءِ متضاد ڪواليٽيز رکندڙ هجي، هڪ ماليڪيول جيڪو ارسطو کي بہ مطمئن ڪري ڏئي، پنھنجي ذهن جي اک سان شروڊنگر جهڙو ڊي اين اي کي ڏسي رهيا هيا 

جرمني سائنس جي علم ۾ دنيا کان اڳڀرو هو، نازي ازم انجي بالادستي کي گهڻو جهٽڪو پهچايو هو، اپريل 1933ع ۾ سرڪاري يونيورسٽين پاران سڀني يهودي استاد معطل ڪري ڇڏيا، خطرو محسوس ڪندي ڪيترائي يهودي سائنسدان ٻين ملڪن ڏا نڪري ويا، آئنسٽائين 1993ع ۾ - ڪريبس بہ انهي سال - بائيو ڪيمسٽ ارنسٽ چين ۽ فزيو لوجسٽ ميڪس پيروٽز ڪيمبرج يونيورسٽي هليا ويا، ڪيترائي ٻيا سائنسدان جن جي لاءِ ان قسم جي صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ انن جي لاءِ ضمير جو مسئلو هو، اهوئي بہ جرمني ڇڏي ويا، ارون شروڊنگر ۽ نيوڪلئير ڪيمسٽ ميڪس ڊلبرڪ انھن مان هئا، هرمن ميولر سوويت يونين هليا ويا، ڪيترائي سائنسدان جرمني ۾ ڪم بہ ڪندا ۽ سنٿيٽڪ تيل، جيٽ جهاز، راڪٽ ۽ ايٽم بم جهڙن منصوبن تي بہ ڪم هلندو رهيو پر جرمني پنهنجي نسلي تعصب جي پاليسين جي وجھ سان وڃائي ڇڏي هئي
جرمني ۾ جين جي نالي تہ وڌندڙ تعصب، جرمني جو نقصان جڏهن تہ دنيا ۾ جين جي سائنس جو فائدو هو، جرمني مان نڪري ويندڙ ۽ نڪرڻ وارا سائنسدان، ٻين سان ملي ڪري انجي سائنس تي ڪم اڳتي وڌائيندا رهيا 

ڪروماڻن - اها بائيولوجيڪل ماڊل جتي جين رهندا آهن، جي باري ۾ علم هو تہ ھي پروٽين ۽ نيوڪليئڪ ايسڊ سان بڻيل آهي، ڪنهن کي انجي ڪيميڪل ماڊل جي سمجھ نہ هئي، بائيولوجسٽ پروٽين کي ڄاڻيندا هيا، انھن جي ڪارنامن سان واقفيت هئي، خيال اهو ئي هو تہ ھي وارا پروٽين آهن جيڪي جين جا ڪيريئر آهن. آخر، هڪ خلي جي ڪجھ فنڪشن پروٽين هي تہ ڪندي آهي، انجي مقابلي ۾ نيوڪلئيڪ ايسڊ بائيوڪيميڪل دنيا جي تاريڪ گهوڙا هيا

سوئٽزرلينڊ جي بائيو ڪيمسٽ مائيشر جن خلي ۾ ماليڪيولز جي نئي ڪلاس دريافت ڪئي هئي، اها خلي کي ٽوڙي ڪري ان مان نڪرڻ واري ڪيميڪل جو تجزيو ڪري رهيا هيا، هڪ ڪيميڪل انجي خاص توجھ ماڻي ورتي هئي، زخم واري پٽين مان انهن رت جي اڇي خلين ۾ انکي الڳ ڪيو هو، ۽ بلڪل اوڙها ئي ڪيميڪل انهن کي سالمن مڇي جي اسپرم ۾ مليو هو، تيزابي خاصيت رکڻ واري ان ڪيميڪل جو نالو نيوڪلئيڪ ايسڊ رکيو ويو هو، ڇوجو هي نيوڪلئيس ۾ پاتو ويندو هئو، هي ڪندو ڇا هو؟ انجو علم نہ ھو،

بائيو ڪيمسٽ نيوڪليڪ ايسڊ بابت ڄاڻڻ لڳا هئا، هي ٻن قسمن ۾ پاتا ويندا آهن، ڊي اين اي ۽ آر اين اي جيڪو ٻهي ماليڪيولر رشتيدار هيا، ٻنهي وڏي زنجيرن جي شڪل ۾ هيا جنهن ۾ چار اجزا هيا، هي چار ويھ هئا جيڪي هڪ ڌاڳي جيان زنجير ۾ ٻڌل هيا، ايڊينين، گوانين، سائٽوسين ۽ ٿائيمين ڊي اين اي ۾، انھن کي A, C, G, T چيو ويو، آر اين اي ۾ ٿائيمين جي جڳھ تي پوراسل هئي، انجي تخفيف A, C, G, U ٿئي، انکان وڌيڪ انھن بابت ڪجھ بہ خبر نہ هئي 

راڪ فيلر يونيورسٽي جي بائيوڪيمسٽ ليوين جن اندازو لڳايو تہ ھي چار ويھ هڪئي ترتيب ۾ وري وري ورجايا وڃي رهيا آهن AGCT AGCT AGCT ۽ اهو ئي ڪجھ اڻ ڳڻپ، وري وري وري ورجايا وڃڻ وارا ان ماڊل کي ليوين جن” بيوقوف ماليڪيول“ نالو ڏنو، 
ليوين جن جيڪو ماڊل ٻڌايو هو انکي ڏسڻ سان ئي پتو پئجي ويندو هو تہ ڊي اين اي جو جينياتي معلومات سان ڪو واسطو نٿو ٿي سگهي، بيوقوف ماليڪيول هوشيار پيغام رسائي نٿا ڪري سگهن، شروڊنگر جن جنھن خوبصورت ڪيميڪل جو ڪيو هو، اهو هي ناهي نہ خالي بيوقوف آهي بلڪ بورنگ بہ، انجي مقابلي ۾ پروٽين، حياتي قسم، ڪم ڪرڻ وارا، ڪيترن جڳھن ۾ استعمال ٿيڻ وارو، شڪلون تبديل ڪرڻ وارو، ڪرتب ڏيکارڻ وارا انھن کان وڌيڪ دلچسپ هيا، مورگن جن تجويز ڪيو تہ ڊي اين اي هڪ جيان آهي، جنھن تي پروٽين ايڪٽو شيون آهن، نيوڪلئيڪ ايسڊ انهن کي ماڊل ڏيندو آهي، وارثت جو ڪم پروٽينز جو آهي، تہ بس انجي لڙي بنائڻ جي لاءِ آهي 

ايوري هڪ مائيڪروبائيولوجسٽ هئا، انھن گرفٿ جو تجربو 1940ع ۾ ٻيهر ڪري ڏيکاريو، نتيجو اهو ئي نڪتو،( انجي تفصيل پوئي قسط ۾، ٿورو خلاصو هي تہ هڪ بيڪٽيريا ٻئي مئل بيڪٽيريا جي باقيات مان ڪجھ جينياتي مواد وٺي ڪري پنهنجي شڪل بدلي وٺندو آهي، ايوري ڄاڻڻ پئي چاهيو تہ باقيات جو اهو حصو ڪهڙو آهي)، 
پر هي ڪيميڪل ڇا هو؟ ايوري جن ان تي تجربي ۾ اوئين ئي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي جيڪا ڪو ماهر مائيڪروبائيولوجسٽ ئي ڪري سگهي ٿو، انھن بيڪٽيريان کي ڪيترن طرح جي ماحول ۾ اڳتي وڌايو، ان ۾ ڳئون جي دل جي يخني جو اضافو ڪيو، آلودا شوگر ڪڍڻ ۽ رڪابي ۾ ڪالونيون بڻائي ورتيون. 

شروعاتي تياري گهڻي اهم هئي، جنھن ۾ اهوئي بيڪٽيريا جي شڪل بدلڻ جو ري ايڪشن هڪ فلاسڪ ۾ ڪري سگهن پيا، آڪٽوبر تائين اهوئي ان قابل ٿي ويا تہ بيڪٽيريا جي گند جو تجزيو ڪري سگهن، هر ڪيميڪل جي سڃاڻپ ڪري سگهن، هاڻ هو اهو تجربو ڪري سگھجن پيا تہ آخر ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا ٻين بيڪٽيريا کي بدلي ڇڏيندي آهي

پهريان ان گند مان بيڪٽيريا جي گھٽتائي جا حصا هٽائي ڇڏيا، ٽرانسفورم -شڪل بدلائڻ جي صلاحيت اڃان بہ موجود رهي، انکان پوءِ بيڪٽيريا جي لپڊ کي الحوڪل ۾ ملائي ڇڏيو، ان صلاحيت ۾ ڪو فرق نہ آيو، ڪجھ پروٽين کي ڪلوروفارم ۾ ملائي ڇڏيو، صلاحيت برقرار رهي، ڪجھ کي انزائم سان گڏ هضم ڪرائي ڇڏيو، ايڪٽيويٽي اها ئي رهي، ان ميٽيريل جو پد 65 ڊگري ڪري ڇڏيو. جنهن سان پروٽين پنهنجي شڪل وڃائي ڇڏيندا آهن، کهري سطح وارا بيڪٽيريا ان گند جي مدد سان بہ پاڻ کي تبديل ڪري وٺندا هيا، گند ۾ تيزاب جو اضافو ڪيو، جيڪو پروٽين کي گڏ ڪري ڇڏيندو آهي، نہ، ان سان بہ فرق نہ پيو، هي تجربا گھڻا ئي غور ۽ فڪر ۽ احتياط سان ڪيا پئي ويا، ٽرانسفورميشن، شڪل بدلڻ جو واسطو نہ شوگر سان هو، نہ لپڊ ۽ نہ پروٽين سان، پوءِ هي ڇا هو؟ 
جيڪو بچيو هو انکي فريز ڪري سگھجي پيو، الڪوحل ۾ حل نہ ٿيندو هو، ۽ اڇي ريشن جيان هيٺ ويهي رهندو هو، شيشي جي ڏنڊي جي ويجھو ڌاڳي جيان وڪوڙجي ويندو هو، ان ۾ هڪ انزائم وڌي وئي جيڪا آر اين اي کي هضم ڪري وٺندي هئي، اڃان بہ  ڪجھ اثر نہ ٿيو، جنھن شيءَ هي ٽرانسفورميشن شڪل بدلڻ روڪي ڇڏي، هڪ انزائم هئي جيڪا ڊي اين اي کي خراب ڪري ڇڏيندي هئي

ڊي اين اي؟ ڇا ڊي اين اي جينياتي انفارميشن جو ڪيرئير هو؟ ڇا هي بيوقوف ماليڪيول بائيولوجي جي سڀ کان ڳجهي معلومات جي جڳھ هئي؟ 

ايوري ۽ انجي ٻن ساٿين تجربن جو ارادو ڪيو، الٽراوائلٽ شعاعين، ڪيميڪل اناليسس، اليڪٽروفوريسز، هر طريقي سان جواب واضح هو، ها، هي جينياتي معلومات ڊي اين اي ۾ هئي

ايوري 1943 ۾ پنھنجي ڀاءُ کي خط م لکيو” جيڪڏهن اسان صحيح آهيون، ۽ اڃان اسان آخري نتيجي تائين نہ پهچون، تہ نيوڪلئيڪ ايسڊ جو خالي ماڊل اهم ناهي، هي فنڪشنل لحاظ سان ايڪٽو آهن، وراثتي تبديليون انھن ڪارڻ آهن، پر اڃان جلدي ۾ ڪجھ پڌرو ڪرڻ غلط هوندو، جيڪڏهن پوءِ انکي واپس وٺڻو پئجي ويو تہ گهڻي شرمندگي جو ڪارڻ هوندو، اسان پهريان سٺي نموني پڪ ڪرڻ گهرون ٿا
 انجي دريافت ماهر حياتيات جو خواب هو 

اوسوالڊ ايوري جو پيپر 1944ع ۾ پڌرو ٿيو، ايوري جن جين جو ميٽيريل ڳولھا ڪري رهيا هيا، اهو ڪپڙو جنھن سان جينز ڪٽي ويندي آهي

هلندڙ... 

مائیشر جي دریافت
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2675728352709239/

مکين جا ايڪسرا - جين (7)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2673573082924766/

No comments:

Post a Comment