Wednesday 10 June 2020

ايگل نيبيولا

ايگل نيبيولا


تازو مشهور”ايگل نيبيولا“ جي تازي تصوير ناسا پاران 15 اپريل تي  پڌري ڪئي وئي  جيڪا هيٺ اوهان ڏسي سگهون ٿا 
سڀ کان پهريان هي تصوير 1995ع ۾ هبل خلائي دوربين پاران هڪ کان وڌيڪ تصويرون جوڙي ڪري بڻائي وئي پر اها بصري ۽ شعاعن ۾ هئي جنھن ۾”ايگل نيبيولا“ گهڻو چٽو نہ هو، هي پراڻي تصوير ڪيترن ئي رسالن، ڪتابن ۾ پڌري ٿي، جنھن کي خلائي نگري جي بهترين تصويرون مان هڪ چيو ويندو آهي 

پر هاڻي هبل پاران تازي تصوير انفراريڊ نالي ڪيمري مان ورتي وئي آهي جيڪا گهڻي چٽي ۽ پڌري آهي، ڌوڙ گيسن ۽ نيري پاڇين جو هڪ سندرتا روپ ۾ ڏيک ڏئي رهيو آهي، هاڻي اها تصوير بہ هبل خلائي دوربين وسيلي ورتل آهي پر پنجويهن سالن کانپوءِ ان تي ٻيهر نظر وڌي وئي آهي 
1995ع جي تصوير ۾ ڪالمن جهڙا جسم ڏيک ڏئي رهيا آهن جن ۾ ڌوڙ ۽ گيس مان نيا تارا بہ بڻجي رهيا هئا ۽ انهي مناسبت سان انھن کي پلرز ۽ ڪري ايشن جو نالو ڏنو ويو هو، ايگل نيبيولا پهريون ڀيرو 1745 ۾ سوئزرلينڊ جي ماهر فلڪيات (جين فلپ لوئي ڊي چيساڪش) جن دريافت ڪيو هو، جيڪو زمين کان لڳ ڀڳ ست هزار نوري سال جي فاصلي تي موجود آهي، نيبيولا تارا ٺاهڻ جون نرسريون هجن ٿيون جتي نيا نيا تارا جنم وٺندا آهن، ايگل نيبيولا  جي چوڙائي چار کان پنج نوري سال آهي جڏهن تہ نيبيولا ستر نوري سال چوڙو ۽ پنجونجاھ نوري سال ڊگھو آهي

No comments:

Post a Comment