Wednesday 10 June 2020

خوبصورت دريافت - جين (10)

خوبصورت دريافت - جين (10)

چنڊ تي پھريون پير، فيثاغورث جو ٽرائنگل، لاشان غار جي مصوري، ابراهم مصر، خلا ۾ ڏور کان ورتي ويندڙ نيري نقطي جهڙي زمين جي تصوير، ڊي اين اي جو ڊبل هيلڪس بہ اوئين ئي آئيڪونڪ تصوير آهي، انساني تاريخ ۽ يادن ۾ رچي رچائي، انسان جي ڪاميابي جو نشان، ان معاملي کي حل ڪرڻ وارا، انکي معلوم ڪرڻ واري برطانيا ۾ روزلينڊ ۽ ولڪنز جي ٽيم ۽ ڪرڪ ۽ واٽسن جي ٽيم هئي، پر ان تي خالي اهوئي ڪم نہ ڪري رهيا هيا 

سمنڊ پار، پروٽين جي ڳجهائي حل ڪرڻ وارا ۽ انکي پڙهڻ جي تڪنيڪ جي باني پالنگ بہ ڊي اين اي جو ماڊل حل ڪري رهيا هئا، انھن وٽ ڪيمسٽري، رياضي، ڪرسٽلوگرافي کان سواءِ ماڊل ٺاهڻ جي سٺي سينس بہ هئي، واٽسن ۽ ڪرڪ کي خوف هو تہ ڪنھن ڏينهن اهوئي اٿندا ۽ پالنگ پنھنجي ڪم پڌرو ڪري چڪا ھوندا، انھن جو ڪم بي ڪار ئي رهجي ويندو، جنوري 1953ع ۾ انھن تي هي بم ڪرائو ويو، پالنگ ۽ ڪوري جن هڪ پيپر ۾ ڊي اين اي جو ماڊل چتاءُ ڪيو هو، ۽ انجي ڪاپي ڪيمبرج ۾ موڪلي هئي، واٽسن کي لڳو تہ جهڙوڪ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو، ان پيپر جا پنا بدلايا جتي انجي تصوير بڻجي هئي، هي بہ ٽرپل هيلڪس هو، فاسفيٽ اندر هئي، ويھ ٻاهر هئا، فاسفيٽ کي جوڙڻ جي لاءِ ڪا ”گوند“ نہ هئي، هي ڪمزور بانڊ سان گڏ جڙيل هو، هٿ جي هي صفائي واٽسن جي نظر کان پري نہ رهي،” جيڪڏهن هي ڊي اين اي جو ماڊل آهي تہ ڌماڪي سان ڦاٽي پوندو“ واٽسن جن چيو هي ناقابل يقين حد تائين غلط آهي، انکي پنھنجي ھڪ ڪيمسٽ دوست کي ڏيکاريو، ان بہ ڪجھ منٽن ۾ ٻڌائي ڇڏيو تہ صحيح ناهي، ايترو وڏو سائنسدان اهڙي غلطي ڪري سگھي ٿو؟ 

واٽسن جن ڪرڪ کي ٻڌايو ۽ ان ڏينهن انھن پالنگ جي ناڪام هئڻ تي سکھ جو ساھ ورتو، ڊي اين اي جو ماڊل حل ڪرڻ جي ڊوڙ اڃان جاري هئي 

روزالنڊ فرينڪلن جن ڊي اين اي جي هڪ ريشي سڄي رات ايڪس ري سان ايڪسپوز ڪيو هو، انکان اچڻ واري تصوير گهڻي سٺي هئي، هي تصوير فوٽوگراف 51 هئي، واٽسن جڏهن ولڪنز سان ملڻ ويا تہ ھي تصوير ولڪنز جن فرينڪلن کان بنا پڇي واٽس کي ڏيکاري، واٽسن انکي ڏسي ڪري حيران ٿي ويا،” انکي ڏسي ڪري منهنجو منھن کليل ئي رهجي ويو، هي ماڊل انکان گهڻو ساڌو ۽ نفيس هو جيڪو اسان سوچيندا آيا آهيون، انجي وچ ۾ ڪارو ڪراس جو نشان هيلڪس جو پتو ٻڌائي رهيو هو، خالي ڪجھ منٽ جي حساب سان ان ۾ زنجيريون گڻجي پئي سگهجون 

ريل جي واپسيءَ واري سفر ۾ واٽسن جن اخبار تي خاڪو بڻائي ڇڏيو، جيسيتائين هو ڪيمبرج پهچن تہ قائل ٿي چڪا ها تہ ڊي اين اي چڪر کائيندي ٻنهي زنجيرن جي شڪل ۾ آهي” ريل جي ان سفر دوران موکي پتو پئجي ويو تہ انجا تار جوڙڻ جي شڪل ۾ آهن“
اڳيئن صبحو واٽسن ۽ ڪرڪ ليبارٽري ۾ پهتا ۽ ماڊل بڻائڻ لڳا، طريقي سان، غور سان ۽ احتياط سان، جيڪڏهن انهن کي هي دريافت جي ڊوڙ کٽڻي هئي تہ پنھنجي وجدان تي ڀروسو ڪرڻ هو، پهريون ماڊل صحيح نہ رهيو، هي مستحڪم نہ هو، ٻيپهري کانپوءِ واٽسن جي ذهن ۾ آيو تہ پٺي جي هڏي شايد وچ ۾ نہ آهي، ٻنهي طرفن ۾ آهي، ان ۾ مخالف بيس ( اي، ٽي، سي جي) هڪٻئي جو آهمون سامهون ڪنديون آهن، هڪ مسئلي جي حل هڪ ٻيو وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ويھ اندر جي طرف آهن تہ هڪٻئي سان ملندا ڪيئن آهن؟ 
هڪ اسٽرين ڪيمسٽ اورن شارگاف جن ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ هڪ ٻئي شيءَ دريافت ڪئي هئي، اي ھمیشہ ٽي جي برابر هوندا آهن ۽ جي ھمیشہ سي جي برابر، ائين جهڙوڪ انهن جو پاڻ ۾ واسطو هجي، جيتوڻيڪ واٽسن ۽ ڪرڪ کي ان اصول جو علم هو پر انھن کي اهو اندازو نہ هو تہ ڊي اين اي جي ماڊل سان ان اصول جو ڇا واسطو ٿي سگهي ٿو 

هڪ ٻيو مسئلو پيڪنگ پرابلم هو، ويھ کي هڪٻئي ۾ فٽ ٿيڻ جي لاءِ پيمائش جو پريسائز هئڻ گهڻو اهم ٿي ويو هو، هتي روزلنڊ فرينڪلن جو ڊيٽا گهڻو ڪم آيو، پهريان واٽسن جي. اي کي اي سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽي کي ٽي سان، سنهڙي، اڳيئي صبحو انهن کي ڇڏڻو پيو 

ڪنھن وقت 28 فروري 1953ع جي صبحو جو واٽسن کي خيال آيو تہ ڇو نہ اي جو جوڙو ٽي سان بڻايو وڃي ۽ سي جو جي سان، واٽسن چوندا آهن،” اوچتو موکي سمجھ آئي تہ اي ۽ ٽي جي جوڙي جي شڪل بلڪل ائين ئي آهي جهڙوڪ جي ۽ سي جي جوڙي جي، انھن ٻنھي جي هڪئي شڪل جو مطلب هي آهي تہ ڪجھ ٻيو نہ ڪرڻو پئي ها، هي جوڙا هڪٻئي جي مٿان پورا اچي ويندا هيا، شارگوف جي قانون موجب هي هوندا بہ هڪئي مقدار ۾ هئا، انجي وجھ هي تہ ھي ڪمپليمينٽري هئا، هڪ زپ جي مخالف طرفن ۾ لڳل ڏندن جيان، سڀ کان اهم ترين بائيولوجيڪل آبجيڪٽ جوڙن جي صورت ۾ هوندا آهن 
هاڻي واٽسن ڪرڪ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، ڪرڪ اڃان دروازي تي ئي هئا تہ واٽسن انھن وٽ پهتا، ”هر شيءَ جو جواب هاڻ اسانجي هٿ آهي“ مخالف ويھ جو خيال ڪرڪ کي بہ وڻيو، هاڻي ماڊل جي تفصيل تي ڪم ڪرڻو هو، پر ان بريڪ ٿرو جي اهميت واضح هئي،”بڻجڻ وارو ماڊل ان ڀاڳي سندر هو تہ غلط نہ ٿي سگهي پيو، ڪرڪ هاڻي سڀني کي ٻڌائي رهيا هئا تہ انھن زندگي جو راز ڳولهي لڌو آهي 

هيلڪس ۾ ڊي اين اي جا ٻہ چڪر کاڌي تار آهن، هي رائٽ ھينڊڊ آهن يعني کاٻي هٿ جي سڪريو مان هي مٿي جي سمت ويندو، ماليڪيول چوڙائي ۾ 23 اينگسٽروم آهن، هڪ اينگسٽروم هڪ ملي ميٽر جو ڏھ لکون حصو آهي، پر گهڻو سنهڙو ۽ وڏو آهي جيڪڏهن انکي سڌو ڪيو وڃي تہ جسم جي هر خليي ۾ ٻن ميٽر جي لمبائي انجي ٿيندي، جيڪڏهن هڪ ئي تناسب سان وڏو ڪيو وڃي ۽ ڊي اين اي جي چوڙائي هڪ ڌاڳي جي برابر هجي تہ خليي جو سائز ٻہ سئو ڪلوميٽر هجي ها 
انجي هر تار تي ويھ جا ڊڳها سيڪوئنس آهن، هي هڪٻئي کان فاسفيٽ وسيلي جڙيل هوندا آهن، ٻاهر جي طرف هي چڪر کائيندي هڪ اسپائرل بڻائيندو آهي، اي، سي سان ملندو آهي ۽ سي، جي سان ۽ هي هميشہ ايئن ئي ٿيندو آهي، يعني هڪ تار ٻئي تار جو عڪس آهي، ٻنهي ۾ انفارميشن هڪئي آهي 

اي ۽ ٽي، سي ۽ جي جي وچ ماليڪيولر فورس انهن تارن کي ٻڌي ڇڏيندي آهي، جيئن ڪنهن زپ سان گڏ بند هوندو آهي، ٻهي تارون پنهنجي عڪس سان گڏ ٻڌيل 

شاعر پال واليري هڪ ڀيرو چيو هو تہ” هڪ دفعو انکي ڏسي ورتو تہ پوءِ نالو ياد رکڻ جي ضرورت ناهي“ ڊي اين اي جي تصوير ڏسي وٺڻ جو مطلب هي هو تہ هاڻ انجي ڪيميڪل فارمولي يا نالي کي وسارئجي سگهجي پيو، هٿوڙي،  ڏاٽو، ڏاڪڻ، قينچي، جهڙن اوزارن جيان ان جو فنڪشن انجي ماڊل سان سمجهي سگهجي پيو، بائيولوجي جي سڀ کان اهم ماليڪيول کي سڃاڻو ويو هو 

واٽسن ۽ ڪرڪ جن مارچ 1953ع ۾ پنهنجو ماڊل مڪمل ڪري ورتو، هڪ هڪ ڪري ماڊل ۾ ٽڪڙا جوڙيا ويا، پلمب لائن ۽ رولر جي مدد سان هر زاوئي ۽ چوڙائي جي پيمائش ڪئي وئي، سڀ شيون صحيح ويهي رهيون هيون 

مورس ولڪنز کي اڳيئن صبحو ڏيکارڻ جي لاءِ گهرايو ويو، هڪ منٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ هي انهن کي پسند اچي ويو، انهن لکيو”ماڊل ايئن لڳي رهيو هو جيئن نئو ٻار هاڻ پيدا ٿيو هجي ۽ پاڻ ڳالهي رهيو هجي تہ موکي پرواهہ ناهي توهان ڇا سمجهندا آهيو، موکي خبر آهي تہ آئون ٺيڪ آهيان“
انکان پوءِ روزلنڊ فرينڪلن کي هي ماڊل ڏيکارڻ جي لاءِ گهرايو ويو، واٽسن کي شڪ هو تہ اهوئي ڪا غلطي ڪڍندا پر فرينڪلن کي قائل ڪرڻ جي ضرورت نہ پئي، ان اسٽيل جي ڦهندي ۾ انهن خوبصورت حل سڃاڻي ورتو هو،”هي ان ڀاڳي خوبصورت هو جو هي غلط ٿي ئي نہ پئي سگهيو“ اهو ئي تبصرو فرينڪلن جو هو 

واٽسن ۽ ڪرڪ جن 25 اپريل 1953ع جو پنهنجو پيپر ميگزين ۾ پڌرو ڪيو، انهي شماري ۾ فرينڪلن ۽ گوسلنگ جن پنھنجو پيپر پڌرو ڪيو جنھن ۾ ڪرسٽلوگرافي جي مدد سان شاهد شامل هئا، ٽيون آرٽيڪل ولڪنز پاران هو جنهن ۾ تجرباتي ڊيٽا سان شاهديون هيون 
واٽسن ۽ ڪرڪ جي آرٽيڪل جي آخري لائن سڀ کان اهم جملو هو،”اسان اهو بہ نوٽ ڪيو آهي تہ ان طرح جا جوڙا بڻجڻ جينياتي ميٽيرل جي ڪاپي هئڻ جو طريقو ممڪن ڪندو آهي،“ ڊي اين اي جو سڀ کان اهم فنڪشن پنهنجي ڪاپي هڪ خلي کان ٻئي ۾ منتقل ڪرڻ ۽ هڪ جاندار کان ٻئي ۾ پهچائڻ ان اسٽرڪچر جي تابي هو 
پيغام حرڪت، انفارميشن، فارم، ڊارون، مينڊيل، مورگن سڀ ان ماليڪيول جي اسٽرڪچر ۾ لکيو هو 

واٽسن ڪرڪ ۽ ولڪنز کي ان دريافت تي 1962ع ۾ نوبل انعام مليو، انعام وٺڻ وارن ۾ روزالنڊ فرينڪلن شامل نہ هيا، انھن جي پڄاڻي 1958ع ۾ جڏهن ٿئي تہ انجي عمر 38 سال هئي، انجي ڪنهن جين ۾ هئڻ واري ميوٽيشن ڦير گهير انجي اووري ڪينسر جو ڪارڻ بڻي 

واٽسن ۽ ڪرڪ جي ماڊلن جين جي تصوير جو هڪ باب پورو ڪري ڇڏيو هو، هڪ پراسرار ڪيريئر کان هڪ ماليڪيول تائين، جيڪو ڪوڊ رکي سگهي پيو، گڏ ڪري سگهي پيو، انفارميشن هڪ جاندار کان ٻئي تائين وٺي وڃي سگهجي پيو، پيغام جو ذريعو ڏٺو ويو هو پر هي ڪوڊ ڇا هو؟ ڇا انکي انسان پڙهي سگھن ٿا؟ جينيات ۾ ويهي صدي جو ٻيو نصف ان سوال جي باري ۾ هو 

گڏ لڳل تصوير روزلنڊ فرينڪلن جي آهي، مٿي جي طرف فوٽوگراف 51 نظر اچي رهي آهي جيڪا ڊي اين اي جي شڪل معلوم ڪرڻ جي اهم ترين تصوير هئي

هلندڙ....

ماليڪيول جي تصوير - جين (9)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2687657338183007/

No comments:

Post a Comment