Wednesday 10 June 2020

ناسا پرائيوٽ ڪمپنيءَ اسپيس ايڪس سان ملي ڪري پهريون ڀيرو آمريڪا جي زمين تان خلابازن کي اڄ موڪليندو

ناسا پرائيوٽ ڪمپنيءَ اسپيس ايڪس سان ملي ڪري پهريون ڀيرو آمريڪا جي زمين تان خلابازن کي اڄ موڪليندو

اسپيس ايڪس جو راڪٽ فالڪن 9 تقريبن 60 سيٽلائيٽون زمين جي ويجھي مدار ۾ ڇڏي چڪو آهي، ڪجھ عرصو اڳ آمريڪي سرڪاري اداري ناسا اعلان ڪيو هو تہ هو اسپيس ايڪس پرائيوٽ ڪمپنيءَ جي مدد سان انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي پهريون ڀيرو آمريڪي زمين تان پنھنجا خلاباز موڪليندو جيڪو ڏٺو وڃي تہ هڪ وڏي ڪاميابي پڻ آهي، ان کان پهريان ناسا پنھنجي خلابازن کي پنھنجي راڪٽن وسيلي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ۽ چنڊ تي موڪليندو رهيو آهي پر ڪيترن سالن کان وٺي، ڪجھ وجھن جي ڪري پنھنجو راڪٽ پروگرام بند ڪري ڇڏيو هو، انکان پوءِ اهو پنھنجا خلاباز انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي موڪلڻ جي لاءِ روس جا راڪٽ استعمال ڪري رهيو هو 
تازو ئي ڪجھ عرصو خلا ۾ اچ وڃ جي لاءِ پرائيويٽ ڪمپنيءَ اسپيس ايڪس ميدان ۾ آئي ۽ تجرباتي بنيادن تي انسانن کي موڪلڻ جي راڪٽن تي ڪم شروع ڪيا 

اسپيس ايڪس پاران تازو ئي خلابازن کي زمين تي آڻڻ ۽ سمنڊ ۾ حفاظتي لهڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا جنھن کانپوءِ خلابازن کي زمين جي مدار ۾ زميني ڪشش ثقل جي هيٺ ڦرندڙ انٽرنيشنل نيشنل اسپيس اسٽيشن موڪلڻ تي سوچيو ويو

اسپيس ايڪس ناسا جي ٻن خلابازن ”بوب بينڪن ۽ ڊاگ هرلي“ کي پهريون ڀيرو خلائي اسٽيشن تي موڪلڻ جي لاءِ پنھنجو فالڪن 9 راڪٽ استعمال ڪندو، خلابازن جي اچ وڃ جو نظام پرائيوٽ ڪمپني کي ڏيڻ جو مقصد ناسا جي خرچن ۾ بچت ڪرڻ پڻ آهي 
اهو علان مارچ ۾ اسپيس ايڪس جي ان ڪامياب تجربي کانپوءِ ڪيو ويو هو جنھن ۾ راڪٽ وسيلي هڪ خلائي ڪيپسول چار سئو ڪلوميٽر جي فاصلي تي چڪر لڳائيندڙ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي موڪليو ويو هو، ان ڪيپسول کي خلائي اسٽيشن جي ويجھو ڪيترائي چڪر لڳائڻ جي ڇھن ڏينهن کانپوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ حفاظتي لاٿو ويو هو، جيتوڻيڪ ان ڪيپسول ۾ ڪو انسان نہ هو پر تجرباتي هڪ انساني مجسمو رکيو ويو هو 

ياد رهي تہ ناسا ٽيھ سال تائين خلا ۾ راڪٽ موڪلڻ کانپوءِ 2011ع ۾ هي سلسلو بند ڪري ڇڏيو هو، انکان پوءِ اهو خلابازن جي لاءِ روس جون خدمتون وٺندو هو 
اسپيس ايڪس خلائي اسٽيشن جي لاءِ پنھنجي اڏام 2012ع ۾ شروع ڪيون هيون، اهو هاڻي تائين پندرهن ڀيرا زمين کان انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تائين سامان اوزار پهچائي چڪو آهي 
ڪجھ عرصي کانپوءِ هڪ ٻئي پرائيوٽ ڪمپنيءَ  هوئنگ بہ خلائي ڊوڙ ۾ اچڻ واري آهي، انکي ناسا جا ٺيڪا ملي ويا آهن ۽ اها هاڻي پنھنجي اسٽار لائنر ڪيپسول تي ڪم ڪري رهي آهي
#SpaceX #LunchAmerica #ScienceJeDunya

اڄوڪي مشن بابت لائيو پروگرام ڏسڻ لاءِ
https://www.facebook.com/NASA/videos/695595847675337/

موڪلڻ جو خاڪو ڏسڻ جي لاءِ
https://www.facebook.com/54971236771/posts/10158273099466772/

No comments:

Post a Comment