Wednesday 10 June 2020

خلاءَ ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي خلابازن جون سرگرميون

خلاءَ ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي خلابازن جون سرگرميون 

سڄي دنيا ۾ خلائي تحقيق جون سرگرميون ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شروع ٿيون، جڏهن سوويت يونين ۽ آمريڪا پاران ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي تي اڳڀرائي جي ڪوشش ۾ ڪيترين ئي راڪٽن کي خلا م اماڻيو، چنڊ کانپوءِ مختلف خلائي مشن زمين جي مدار ۾ 1998ع کان 2011ع جي وچ هڪ خلائي اسٽيشن جي بناوت پوري ٿي، ان خلائي اسٽيشن جي تياري ۾ آمريڪا، روس، يورپ، جاپان ۽ ڪينڊا جي خلائي تحقيق جي ادارن گڏيل حصو ورتو، هي خلائي اسٽيشن زمين جي لڳ ڀڳ 400 ڪلوميٽر يعني 220 ميل جي مٿاڇري تي آهي 

پر سوال اهو آهي تہ خلاباز خلا ۾ ڪهڙن قسمن جا ڪم ڪندا آهن ۽ انھن جو ڏينهن ڪيئن گذرندو آهي؟ 

خلائي اسٽيشن ۾ خلابازن جون سرگرميون 
خلاباز پنهنجي خلائي تحقيق دوران مختلف اندازن سان ڪم ڪندا آهن، ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن زمين جي مدار ۾ مسلسل ڦرڻ واري مستقل خلائي تحقيق تجربيگاھ آهي، هتي هئڻ وارا سڀهي تجربا مائيڪرو گريويٽي يعني ڪشش ثقل جي نہ هجڻ واري ماحول ۾ ڪيا ويندا آهن، خلاباز هتي اهوئي سڀهي تجربا ڪندا آهن جيڪي گهربل هوندا آهن يا وري زمين تي موجود ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪيا ويندڙ تجربن جي نگراني ڪندا آهن، هو هتي اهڙا طبي تجربا بہ ڪندا آهن جيڪي انھن کي عرصي جي لاءِ مائيڪرو گريويٽي جي ماحول ۾ تندرستي سان گڏ رهڻ جي صلاحيت ڏيندا آهن، خلاباز خلائي اسٽيشن ۾ مسلسل اهڙا بہ ڪم ڪندا آهن جن جو مقصد زمين جي مدار ۾ مسلسل گهمڻ واري ان اسٽيشن جي صحيح انداز ۾ ڪم ڪرڻ کي يقيني بنائڻ آهي، اهوئي خلائي اسٽيشن ۾ لڳل فلٽرز ۽ ڪمپويٽر نظامن جي سارسنڀال بہ ڪندا آهن، يعني خلاباز هي سڀهي ڪم ان انداز ۾ ڪندا آهن جهڙوڪ نئي گهر ۾ وڃڻ کانپوءِ، ڪو رهندڙ انجي سارسنڀال ڪندو آهي انکان سواءِ هو زمين تي موجود مشن ڪنٽرول سان رابطي ۾ رهندي انهن جي هدايتن تي بہ عمل ڪندا آهن 


خلاباز ننڍ ڪيئن ڪندا آهن 
انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ۾ خلاباز مخصوص وقت تي ننڍ ڪندا آهن ۽ پوءِ مخصوص وقت تي اٿئي ڪري پنھنجو ڪم ٻيهر شروع ڪندا آهن، پر ڇوجو اتي ڪشش ثقل اندر موجود ناهي هوندي ان لاءِ خلابازن جو ڪو وزن ناهي هوندو، ائين هو ڪيبن ۾ ڪنھن بہ پاسي کان سمھي ڪري ننڍي پوري ڪري سگھن ٿا، ۽ انهن کي معمول موجب ليٽڻ جي ضرروت ناهي هوندي جيئن اسان زميني واسين کي هجي ٿي، 
پر انھن کي ڪنھن رسي سان ٻڌڻو پوندو آهي ۽ تہ جيئن وزن نہ هئڻ سبب اهو مستقل حرڪت نہ ڪندا رهن، ۽ سمهڻ جي لاءِ سليپنگ بيگ استعمال ڪندا آهن، سمهڻ جا ڪيبن ننڍا هوندا آهن ۽ هڪ ڪيبن ۾ خالي هڪئي خلاباز سمهي سگھي ٿو، ڪجھ خلابازن موجب خلا ۾ ننڍ مهل هو خوفناڪ خواب ۽ گهگهرا ghaghra هڻندا رهندا آهن 

خلا ۾ ورزش 
انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي وڃڻ کانپوءِ خلاباز جي لاءِ روزانو ورزش ڪرڻ  لازمي هجي ٿو، ڇالا جو ڪشش ثقل نہ هئڻ ڪارڻ ھڏن ۽ مشڪن کي ڪو نقصان نہ رسي، اتي خلاباز روانو 2 ڪلاڪ کن ورزش ڪندا آهن پر ورزش جي لاءِ جيڪي اهوئي سامان استعمال ڪندا آهن اهوئي زمين تي استعمال ٿيندڙ ورزشي مشينن کان مختلف هوندا آهن، مثال جي طور تي جيڪڏهن اوهانکي هتي زمين تي ورزش جي دوران 100 ڪلو گرام وزن کڻڻو پئي هي ڪم گهڻو ڏکيو هوندو آهي، پر خلا ۾ ان اسٽيشن اندر ڪشش ثقل نہ هجن ڪارڻ خلابازن کي اهڙو سامان استعمال ڪرڻو پوندو آهي جيڪو ماحول ۾ ورزش جي ضرورت کي پوري ڪري سگھي 

صبحو جا معاملا 
خلائي اسٽيشن ۾ خلابازن جا معاملا ويجھو ويجھو زميني هوندا آهن، جهڙوڪ زمين تي ڏنڊ صاف ڪبا آهن، باٿروم ۾ ويندا آهيون ۽ وينجهندا آهيون، پر هي سڀهي ڪم ڪشش ثقل نہ هئڻ ڪارڻ گهڻن ئي مختلف اندازن ۾ ڪيا ويندا آهن، هو وارن Hair's جي لاءِ اهڙو شيمپو استعمال ڪندا آهن جنھن کي ڌوئڻ جي ضرورت ناهي پوندي، جهڙوڪ اسپتالن ۾ اهڙا مريض استعمال ڪندا آهن جيڪي عام زندگي جيان ناهين وينجهي سگھندا 

واندڪائي جي وقت جي وندر 
واندڪائي جي وقت ۾ خلاباز پنھنجي پسند موجب وقت گذاريندا آهن، هو هڪ عام انسان جيان هڪٻئي سان گڏ پنھنجي زندگي ۽ کلندا مذاق ڪندا رهندا آهن، يا وري ڌري کان ٻاهر زمين جي مختلف حصن کي ڏسندا آهن، جيئن تہ زمين جي مٿان رات جو تصور ناهي هوندو اهوئي زمين تي ٿيندڙ سرگرمين جهڙوڪ رات ڏينهن ڪيئن ٿيندا آهن ۽ مختلف جڳهن تي پاڇا ڪيئن پون ٿا ڏسندا رهندا آهن ۽ اهوئي نظارا بہ وندر لاءِ اهم هوندا آهن، ۽ خلائي اسٽيشن تي رهندڙ کي سج جي روشنيءَ سان ٿيندڙ رات ڏينھن وارو نظارو 45 منٽ کانپوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيڪڏهن انھن کي ڪيترن ئي مھينن تائين اتي رهڻو پوندو آهي تہ، اهوئي پنھنجي گهرڀاتين سان رابطي ۾ رهندا ۽ ڪتاب ۽ فلمون ۽ گانا پڻ ٻڌندا ۽ ڏسندا آهن

#ISS #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment