Wednesday 10 June 2020

ايٿر

ايٿر Ether بابت سوال جو جواب

جيئن تہ اسانکي خبر آهي تہ آواز کي اسانجي ڪنن تائين پهچڻ جي لاءِ ميڊيم واسطي جي ضرورت پوندي آهي ۽ اسانکي خبر آهي تہ مڪينيڪل ويو اها ويو ھوندي آھي جنھن ۾ سوال گهربل هجي ماضي جي سائنسدانن جو اهو مڃڻ هو تہ روشني کي بہ هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ وڃڻ جي لاءِ ميڊيم واسطي جي ضرورت هوندي آهي جنھن کي ايٿر Ether جو نالو ڏنو ويو جيڪو سڀهي خلا ۾ ڦهليل آهي ايٿر کي صاف هجڻ گهرجي تہ جيئن روشني ان مان گذري سگهي، ٻئي ڳالھ تہ هر جسم مان گذري سگهي ٿو سواءِ ڪنهن مزحمت جي، خصوصن زمين سج جي ويجھو گردش ڪندي آهي ۽ ايٿر انجي رستي ۾ رنڊڪ نٿو ٿي سگهي انهن جو مڃڻ اهو بہ هو تہ سج جي روشني زمين تائين انهي ميڊيم واسطي يعني ايٿر وسيلي پهچندي آهي ۽ اهو ايٿر کي مطلق حوالا فريم تصور ڪندا هئا 
هاڻي اسان فرض ڪريون ٿا تہ ايٿر ساڪن آهي مطلب هي ڪائنات ۾ هر طرف پکيڙيل آهي ۽ جيڪڏهن اسان سج کي ساڪن مڃي وٺون تہ خالي زمين ئي آهي جيڪا حرڪت ڪندي آهي تہ زمين تي اسانکي محسوس هئڻ گهرجي تہ هوا اسان ڏا اچي رهي آهي 
۽ اسانکي خبر آهي تہ زمين سج جي ويجھو ٽيھ ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان گھمندي آهي زمين جي رفتار تہ گهڻي گهٽ آهي روشني جي رفتار کان تقريبن ڏھ ھزار سيڪڙو گهٽ، انجو مطلب ٿيو ايٿر کي ڳولھڻ گهڻو مشڪل هو
هي ڪم سڀ کان پهريان ٻن سائنسدانن مورلي، ميڪلسن جن 1887 ڪيو انهن هڪ اوزار بڻايو جيڪو اڄ ميڪلسن انٽرفيوميٽر جي نالي سان مشهور آهي انجي رياضي اوهان کي پاڻ ڏسڻ گهرجي، مورلي، ميڪلسن موجب زمين، روشني جي رفتار معلوم ڪرڻ گهرن پيا پهريان انهن اوزار کي ساڪن رکي ڪري روشني جي رفتار معلوم ڪئي ۽ پوءِ انکي حرڪت ڏئي ڪري رفتار معلوم ڪئي، ائين پتو هي پيو تہ حاصل ٿيڻ واري پهرين روشني جي ري ray جڏهن اوزار ساڪن هو تہ حاصل ٿيڻ واري ٻئي ري ray ڪڏهن اوزار حرڪت ۾ هو هڪئي وقت ۾ نہ پهتي هئي ائين انهن جي وچ مداخلت ٿيندو ۽ پوءِ هي مداخلت پڙدي تي ظاهر ٿيندو پر مورلي ميڪلسن جن ڪا مداخلت نہ ڏٺي ۽ انکي ايٿر جي وجود جو ڪو ثبوت نہ ملي سگهيو، مورلي ميڪلسن جو سڀ کان ناڪام تجربو سمجهو ويندو آهي، اسانکي ان ڳالھ جو علم ٿيو تہ ايٿر جو ڪو وجود هي نہ آهي ۽ سج ۽ زمين جي ويجھو خالي اسپيس آهي ڪو ميڊيم واسطو وغيرھ نہ آهي ۽ اهو ان نتيجي تي پهتو جو روشني جي رفتار خلا ۾ ۽ سڀهي انرشيل فريم ۾ هڪئي جيتري هوندي آهي يعني تہ c=3x10^8 m/ ۽ هي خصوصي نطريہ اضافيت جو پهريو قلعو چورائبو آهي ۽ انجي ئي بنياد تي اسان ڄاڻون ٿا تہ ايٿر نالي ڪا شئي وجود ئي ناهي رکندي هن ڪائنات ۾

No comments:

Post a Comment