Wednesday 10 June 2020

مالیڪیول جي تصویر ۔ جین (9)

مالیڪیول جي تصویر ۔ جین (9)

هڪ ماليڪيول جي تصوير ڪيئن ورتي وڃي؟ ڪيل ٽيڪ سان واسطو رکڻ واري فزيڪل ڪيمسٽ لائنس پالنگ ۽ رابرٽ ڪوري جن انکي حل ڪيو هو، انجو جواب ڪرسٽلوگرافي ۽ ايڪس ري ڊيفرييشڪن هو، انجو بنيادي خيال هي هو تہ اوهان هڪ ٿري ڊي شيءَ جي شڪل ڄاڻڻ چاهيندا آهيو پر انکي ڏسي نٿا سگهو، انجا ڪنارا محسوس نٿا ڪري سگهو پر انجي هڪ خاصيت آهي جنھن کي استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ اهو پاڇو آهي، جيڪڏهن هڪ ڪيوب يعني ڇهن پاسن وارو ٽڪر آهي ۽ اوهان مختلف پاسن کان ان تي روشنيءَ وجهندا آهيو ۽ انجي بڻجندڙ پاڇي جي شڪل نوٽ ڪندا ويندا آهيو، جيڪڏهن هڪ طرف کان وڌيو تہ هڪ پاڇي جي ڊائمنڊ شڪل بڻجي وئي، هڪ ٻئي پاسي کان ٽراپيزائيڊ بڻجي ويو، هر هڪ گهڻي محنت وارو ڪم آهي پر مجسمي سازي ۾ شڪل کوٽي ويندي آهي، ائين ڪيترن ملين پاڇن جي مدد سان هڪ ٿري ڊائمنشنل شڪل ڪڍي سگهجي ٿي 

ايڪسري ڊيفرييشڪن جو اهو ئي اصول آهي، هي ” پاڇا “ ايڪسري جي ماليڪيول سان ٽڪرائي ڪري پکڙجڻ آهي، ماليڪيولر دنيا ۾ روشنيءَ جي طاقتور صورت ايڪسري آهي، هاڻي هتي هڪ ٻيو اضافي مسئلو آهي، ايئن تہ آهي نہ جو ماليڪيول پنهنجي تصوير بنائڻ ۾ هڪ پوز ۾ ويٺل رهندا، مائع يا گيس جي شڪل ۾ ماليڪيول گهڻي ئي تيز رفتاري سان حرڪت ڪري رهيا هوندا آهن، هڪ ملين حرڪت ڪندي ڪيوبز تي روشنيءَ وجهو تہ خالي گوڙ ئي ملندو، انجو هڪ وڏو دلچسپ حل آهي ۽ اهو هي تہ ماليڪيول جو ڪرسٽل بڻائجي وٺجي جنهن سان ايٽم هڪ پوزيشن ۾ ساڪن ٿي ويندا آهن، هاڻ ان تي ايڪسري جي سڪيٽر جي مدد سان انجي شڪل معلوم ڪري سگھجي ٿي 

پالنگ ۽ ڪوري انجي مدد سان ڪيترن پروٽين جي حصن جا ٿري ڊي ماڊل بڻايا هيا، ان ٽيڪنيڪ بنائڻ تي پالنگ کي 1954ع ۾ نوبل انعام مليو هو

اهو ئي طريقو هو جنھن سان مورس ولڪنز جن ڊي اين اي جي تصوير وٺڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو، انھن سان گڏ ڪم ڪرڻ هڪ نواجون عورت روزلينڊ فرينڪلن اچي وئي، ولڪنز خالص ڊي اين اي هڪ سوئس ليبارٽري مان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا هيا، انجي ريشن جي تصوير وٺڻ اندازي کان وڌيڪ مشڪل ثابت ٿي رهيو هو، روزلينڊ جن انجي وجھ پتو ڪري ورتي، ڊي اين اي نمي ۽ خشڪي واري اسٽيٽ ۾ پنهنجي شڪل بدلي ڇڏيندو آهي انجو حل تجربي جي ماحول ۾ نمي جي سطح جي اضافي مان ڪڍي وٺڻ، هي هڪ گهڻو ئي الڳ حل هو، لوڻياٺ پاڻي ۾ هائيڊروجن جي بلبلن مان ان مسئلي کي حل ڪيو ويو جنهن سان ڊي اين اي جا ريشا ڍهلي پوزيشن ۾ اچي ويا، ڪجھ ئي هفتن ۾ فرينڪلن گهڻا ئي سٺا ايڪسري فوٽوگرافي ڪرڻ جي قابل ٿي ويون 

مورس ولڪنز 1951ع ۾ سائنس جي ڪانفرنس ۾ پنهنجي ڪم جو ٻڌايو، انجي وڏي ۽ خشڪ ليڪچر جي آخري سلائيڊ ۾ ڊي اين اي جي ان وقت جي ورتي ويندڙ تصوير اسڪرين تي ڏيکاري، هي نڪتا ۽ ڌاڳ ڏسي ڪري ڪاپن هيگن مان اچي ڪري انجي ٻڌڻ واري هڪ نواجون جو ذهن ان ۾ ڦاسي پيو، هي نواجون واٽسن هئا، انھن واپس ويندي ئي چيو تہ هو ڪيمبرج وڃڻ گهرن ٿا، هو ان تصوير کي پنھنجي دماغ مان نہ پئي ڪڍي سگهيا، واٽسن جن فيصلو ڪري ورتو تہ هو ڊي اين اي جي ڍانچي جو پتو کوجي ئي رهندا،” زندگي جو راز انهي ۾ تہ لکيو آهي، هڪ ماهر جينيات جي لاءِ جيڪڏهن دنيا ۾ حل ڪرڻ جي قابل ڪو بہ مسئلو آهي تہ اهو خالي اهو ئي آهي.“

هڪ تصوير جي پويان هو ڪيمبرج پهچي ويا، هتي انجي ملاقات فرانسس ڪرڪ سان ٿي، واٽسن کان 12 سال وڏي ڪرڪ سان انجي پارٽنرشپ جلدي ئي ٿي وئي، ان دوران پالنگ هي اعلان ڪري چڪا هئا تہ انھن پروٽين جي ڍانچي جو سڀ کان وڏو مسئلو حل ڪري ورتو آهي، پروٽين امينو ايسڊ جي زنجيرن مان بڻيل آهن،
هي زنجيرون فولڊ - ويڙھ ٿينديون آهن تہ ذیلي اسٽرڪچر بڻبا آهن، جيڪي فولڊ ٿي ڪري وڏا اسٽرڪچرز بڻائيندا آهن، (جيئن هڪ زنجير ڪوائل جي صورت ۾ هڪ اسپرنگ بڻائي ۽ پوءِ هي اسپرنگ هڪ تھ جي شڪل ۾ فولڊ ٿي وڃن) پالنگ جن هي ڳولهي ورتو تہ گهڻو ڪري پروٽين هڪ سنگل هيلڪس جي صورت ۾ هوندا آهن، انجو اعلان انهن هڪ ڊرامائي طريقي سان ڪانفرنس ۾ ڪيو هو، افواھ هي هئي تہ پالنگ پنھنجي توجھ ڊي اين اي ڏا ڪري ڇڏي آهي 

پالنگ جو پيپر اپريل 1951ع ۾ پڌرو ٿيو، مساوات ۽ عدن سان ڀريل هي پيپر ماهرن جي لاءِ بہ سمجهڻ سولو نہ هو. ڪرڪ، جيڪي رياضي ۾ ماهر هئا، انھن سڃاڻي ورتو تہ انھن پنهنجو طريقو ان رياضي جي آڙ ۾ لڪايو آهي، ڪرڪ جو تبصرو هو،”پالنگ جو اصل طريقو ڪامن سينس آهي نہ وري رياضياتي منطق، ڪجھ جڳھ تي رياضي جي ضرورت هئي پر گهڻيون ئي اهڙيون جڳھون آهن، جتي لفظ ئي ڪافي هئا،” الفا 
هيلڪس کي ايڪسري وسيلي نہ ڳوليو ويو، ان ۾ اهم ٽول ڪاغذ ۽ پنسل هئا، ۽ هي ڳولھڻ تہ ڪھڙو ايٽم ڪنھن سان گڏ ڪيئن ويهي سگھي ٿو، ماليڪيولر ماڊل ٻارن جي کيڏڻ واري بلاڪ سان بڻايا ويا هيا 

واٽسن ۽ ڪرڪ جن هتي هڪ فيصلو ورتو، ڇا ڊي اين اي جو مسئلو بہ پالنگ جي طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو؟ ايڪسري مدد ڪري سگهي ٿو پر بائيولوجيڪل ماليڪيلوز کڏ تجرباتي طور تي سڃاڻڻ گهڻو ئي وڌيڪ وقت گهربل ڪم هندو، ڪرڪ جو چوڻ هو تہ”ھي ايئن ئي آهي جيئن ڪنهن پيانو جي شڪل ان سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ ھي ڏاڪڻين تان ڪرندي وقت ڪهڙي آواز ڏيندو آهي، پر ڇا خبر تہ ڊي اين اي ايترو ساڌو هجي، ايترو سندر هجي جو انکي ڪامن سينس سان پتو لڳايو وڃي سگهجي پيو؟ ڇا انجو ماڊل ان طريقي سان تيار ڪري سگھجي ٿو؟ 

ٻئي پاسي روزلينڊ  فرينڪلن کي کولڻ واري ماڊلز سان کيڏڻ جي ڪا ضرورت محسوس نہ ٿي رهي هئي، هڪ کان پوءِ اڳين تصوير انهن کي اڳتي وڌائي رهي هئي، تجرباتي ڊيٽا ماڊل بڻايا ويا، نہ ڪئي ماڊل بڻائي ڪري ان تي تجربو ڪيو ويندو، 21 نومبر 1951ع جو انھن ڪاليج ۾ هڪ پنھنجي ڪم تي ليڪچر ڏنو، ڊي اين اي ڪيترن زنجيرن وارو وڏو کن هيلڪس لڳي رهيو هو، جنھن ۾ فاسفيٽ ٻاهران ڏا آهن 

ڪرڪ ۽ واٽسن پنهنجو ماليڪيلوز ڍانچو حل ڪري رهيا هيا، هو هڪ هيلڪس تائين پهچي ويا هيا، فاسفيٽ ان ۾ اندر جي طرف ڏا هوندا، هي ان ڀاڳي قابل نہ هو جيترو انھن جو خيال هو، انھن فرينڪلن ۽ واٽسن مان ان تي راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ولڪنز ۽ فرينڪلن پنهنجي هڪ شاگرد گوسلنگ سان گڏ ٽرين ۾ ڪيمبرج پهتا، انھن کي گهڻي اميد هئي تہ اهم مسئلو حل ٿيڻ لڳو آهي 

واٽسن ۽ ڪرڪ جن ماڊل ظاهر ڪيو، ولڪنز جن ڏسي کي مايوسي مان ڪنڌ ڦيريو، فرينڪلن ايترا ڊپلومينٽ نہ هيا، اهوئي ڦاٽي پيا ” ھي ڇا آهي خراب ماڊل آهي؟ هي ڪا خراب، ٽٽل ڦٽل، آفت واري شيءَ آهي، جيئن زلزلي کانپوءِ ڪا وڏي ماڙ هيٺ پيل هجي، هي غلط کان بہ بدتر آهي،” گوسلنگ ٻڌائيندا آهن، “ روزلينڊ جن انجا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪري ڇڏيو، هڪ هڪ ڪري ان ۾ غلطيون ڳڻايون ۽ انکي رڌ ڪري ڇڏيو، انکي خالي سوٽو هڻي ڪري ڪرائڻ جي ئي قصر رهجي وئي هئي. “

ڪرڪ جن غير ضروري زنجيرن کي پائيداري ڏيڻ جي لاءِ وچ ۾ فاسفيٽ سان پٺي جي هڏي بڻائي هئي، پر فاسفيٽ منفي چارج کنيل هوندا آهن، هي هڪٻئي کي ڌڪيندا ۽ ماليڪيول ٽٽي ويندو، انجو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪ کي وچ ۾ مثبت چارج واري ميگنيشيم جو وڌارو ڪرڻو پيو هو، روزلينڊ فرينڪلن جي تجربن مان ورتيون ويندڙ پيمائشون ٻڌائي رهي هئي تہ ميگنيشيم انجي وچ ۾ ناهي، ان ڍانچي کي ايترو ٽائٽ پيڪ ڪري ڇڏيو هو جو انجي وچ ۾ وڌيڪ پاڻي نہ پئي اچي سگهيو، ۽ هي پاڻي فرينڪلن جي پهرين دريافت هو 

هي سيشن ڪرڪ جي لاءِ شرمندگي جو وقت هو، هو ڪنڌ هيٺ ڪري هي سڀ تنقيد ٻڌي رهيا هيا، پنھنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڀروسو انهن جو سٿ ڇڏي ويو هو، روزلينڊ فرينڪلن جي لاءِ هي ڇوڪرا ۽ انجا رانديڪا وقت جو ضايعن ٿيا هيا، انھن ساڍهي ٽي بجي واري ريل ورتي ۾ واپس اچي وئي 

هلندڙ ......

بيوقوف ماليڪيول جين (8)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2684977378451003/

1 comment:

  1. The Evolution Gaming casino is back in town and ready to go
    in 광양 출장마사지 the 강릉 출장샵 industry, but a little-known casino operator that is 군포 출장샵 also making 문경 출장안마 waves in the online gambling scene. Evolution 과천 출장샵 Gaming.

    ReplyDelete