Thursday 21 May 2020

هڪ مٿي ۾ ٻہ دماغ؟

هڪ مٿي ۾ ٻہ دماغ؟
:- دريا خان

هڪ نيوروسرجن، جو بوگن جن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ماڻهن جي دماغ کي ڪٽي ڪري اڌ اڌ ڪرڻ جي لاءِ آپريشن ڪرڻ شروع ڪيا، هي ڪم انهن ماڻهن جي مدد جي لاءِ ڪيو ويو هو جن جي زندگيءَ مرگھي جي دورن جي گهڻائي تباھ ڪري ڇڏي هئي، هي دورا دماغ جي ڪنهن حصي مان شروع ٿيندو آهي ۽ پنهنجي ويجهي ٽشو ۾ ڦهلجندو آهي، دماغ جو سڄو ۽ کاٻو حصو ڪورپس ڪالوسم سان مليل آهي جيڪو پوري جسم ۾ تنت جو سڀ کان ٿلھو بنڊل آهي، جيڪڏهن هي ان کي پائي وڃي تہ پوري دماغ ۾ ڦھلجي سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي بيھوش ڪري سگھي ٿو، ڪيرائي سگهي ٿو ۽ اڻ قابو جهٽڪن ۾ وجهي سگهي ٿو 

پهرين نظر ۾ اهڙو آپريشن چريائپ لڳندو هو، تنت جو جي ٿلهو بنڊل اهم ڪم ڪندو آهي ۽ اهم ڪم دماغ جي ٻن حصن جي پاڻ ۾ رابطي ۽ واسطي جو آهي، پر جانورن تي ڪيل تجربن مان پتو پيو تہ انکي ڪٽڻ جي باوجود جانور جلدي ئي نارمل زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، بوگن جن انساني مريضن تي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو ڪم ڪري ويو، ان آپريشن کانپوءِ دورن جي گهڻائي گهٽ رهجي وئي 
 
ان مان مريض تي ڇا فرق پيو؟ انکي ڄاڻڻ جي ماھر نفسيات مائيڪل گازانيڪا کي آندو ويو، جن جو ڪم دماغ کي ڪٽڻ واري سرجري کانپوءِ ھئڻ واري اثرن کي ڄاڻڻ هو، اسان اهو ڄاڻون ٿا تہ دماغ دنيا جي پراسسنگ کي الڳ حصن ۾ ورڇ ڪندو آهي،
کاٻي ۽ ساڄي ۾، کاٻو حصو ساڄي طرف کان اچڻ واري معلومات ۽ ساڄو کاٻي طرف کان اچڻ واري، (دماغ جي ساڄي حصي جي لاءِ کاٻو ڪن، کاٻي ڄنگھ، ساڄي ٻانھ  آهن اک جي ريٽينا جو کاٻو اڌ جيڪو ويزوئل فيلڊ جي ساڄي طرف کان اچڻ واري معلومات وٺندو آهي) هي ابتو ئي ڇو آهي؟ خبر ناهي پر هي ايئن آهي

ٻنهي اڌڙن وٽ ڪم بہ پنهنجا پنهنجا آهن، کاٻي اڌڙي ٻوليءَ جي پراسسنگ ۽ تجرباتي ڪم ڪندو آهي، بصري ڪمن ۾ هي تفصيل کي نوٽ ڪرڻ ۾ سٺو آهي، ساڄو حصو اسپيس ۾ پيٽر سڃاڻڻ ۾ سٺو آهي، خاص طور تي سڀ کان پيٽرن يعني شڪلون سڃاڻڻ جو ڪم ان وٽ آهي، ( ان تصور کي ضرورت کان وڌيڪ ساڌو ڪري آرٽسٽ کي رائٽ برينڊ ۽ سائنسدان کي ليفٽ برينڊ چوڻ جي هي وجھ آهي 

گازانيڪا انکي استعمال ڪندي دماغ جي ٻنهي حصن کي الڳ معلومات فراهم ڪئي، مريض کي اسڪرين جي هڪ نقطي تي نظر رکڻ جو چيو ۽ ڪا تصوير يا لفظ ان نقطي کان ٿورو کن کاٻي يا ساڄي طرف فليش ڪيو، ايتري تيزي سان جو مريض کي ڇنڻ جي حرڪت جو موقعو نہ مليو، جيڪڏهن هڪ ٽوپي جي تصوير ساڄي طرف فليش ٿي تہ ھي صرف ريٽينا جي کاٻي طرف رجسٽرڊ ڪئي ( تصوير جي ڪورينيا ۾ پهچڻ ۽ ابتو ٿيڻ کانپوءِ) ان نيورل معلومات دماغ جي ساڄي طرف واري حصي کي موڪلي، کاٻي وٽ هي نہ پهتي، 

هاڻي مريض کان پڇيو ويو، ڇا نظر آيو؟ کاٻي طرف وارو حصو ڇوجو زبان جي پراسیسنگ ڪندو آهي تہ مريض سولائي سان جواب ڏيندو آهي تہ” ٽوپي“، جيڪڏهن هي تجربو ان طرح ڪيو جو هي تصوير دماغ جي ساڄي طرف واري حصي جي طرف پهتو جيڪو ڳالهڻ کي ڪنٽرول نہ ڪندو تہ کاٻي طرف واري حصي تائين هي معلومات پهچائڻ واري رستو ڪٽجي چڪو هو، اتان تائين معلومات پهتي نہ، مريض جواب ڏنو،”ڪجھ بہ نہ“ جڏهن مريض کي ڪجھ تصويرون ڏيکاريون ويون ۽ کاٻي هٿ کان اشارو ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو تہ ڇا ڏٺو تہ مريض بلڪل صحيح تصوير جي طرف اشارو ڪيو، ساڄي طرف وارو حصو ان هٿ کي ڪنٽرول ڪري سگھي پيو، جيئن الڳ ذهانت ان حصي ۾ بند هئي ۽ ان وٽ کاٻي هٿ جو ڪنٽرول هو 
 
هي انکان وڌيڪ عجيب ان وقت ٿي ويو جڏهن ٻنهي طرفن کان الڳ تصويرون ڏسڻ لاءِ مليون، ڪڪڙ جي ٻچي جي تصوير ساڄي طرف، برف سان ڀريل گاڏي ۽ فٽ پاٿ جي تصوير کاٻي طرف، انکان ڪيتريون تصويرون ڏسي ڪري پڇيو ويو تہ جيڪو ڏٺو آهي، ان سان ملندڙ جلندڙ تصوير ڏا اشارو ڪريو 
ساڄي هٿ ڪڪڙ ڏا اشارو ڪيو ( جنھن جو واسطو پير سان هو) ۽ کاٻي بيلچي ڏا ( جنھن جو واسطو برف هٽائڻ سان هو) 

جڏهن مريض کان پڇيو ويو تہ اهو ائين ڇو ڪري رهيو آهي جو ٻهي هٿ الڳ الڳ تصوير جي طرف اشارو ڪري رهيا آهن؟ انجو جواب هي نہ هو تہ انجي خبر ناهي تہ ائين ڇو ڪيو، بنا ڪنھن هٻڪ جي مريض چيو” ظاهر آهي، ڪڪڙ جي پير جو واسطو ڪڪڙ سان آهي ۽ ڪڪڙ جا پير صاف ڪرڻ جي لاءِ بيلچو گهرجي“، 
 
انکي ڪنفيبوليشن اتحادي چئبو آهي، يعني اوهان پنھنجي ڪنھن بہ روعي جو جواز ڀروسي سان ۽ يقين سان ڏئي سگهو ٿا، ۽ اوهان پنھنجي طرف کان سچ چئي رهيا هوندا آهيو، ورهايل دماغ وارن ۾ يا دماغ کي ڪنهن ٻيءَ طرح نقصان پهچڻ جي وجھ سان انکي ڏسڻ گهڻو سولو آهي، گازانيگا موجب دماغ جي ٻوليءَ سنٽر هڪ ترجمان آهي، انجو ڪم ڪمنٽري ڪرڻ آهي اهو ماڻهوءَ ڇا ڪري رهيو آهي، ان خيالي نگاريءَ کي ماڻهو جي ڪم ڪرڻ جي اصل وجھ يا مقصد جو علم ناهي ۽ ان تائين رسائي بہ ناهي
جيڪڏهن ساڄي حصي کي هي ڪمانڊ ڏيکاري وڃي تہ ”هلو“ مريض اٿئي ڪري هلون، جڏهن انکان پڇا ڪئي ويندي تہ اهو هليءَ ڇو رهيو آهي تہ اهو چوندو تہ” انڄ لڳي رهي هئي، پاڻي پيئڻ وڃي رهيو آهيان” انجو وضاحتن وارو حصو ڪنهن بہ عمل جي وضاحت ڪري وٺندو آهي 

سائنس ۾ انکان بہ وڌيڪ عجيب دريافتون ٿيون آهن، انجو هڪ مثال ايلين ھينڊ سنڊروم آهي، ڪجھ مريضن ۾ ساڄو ۽ کاٻو حصو باقاعدا ويڙھ شروع ڪري ڏيندا آهن، عام طور تي کاٻو هٿ آهي جيڪو باقي جسم سان بغاوت ڪري پنھنجي مرضي شروع ڪري ڏيندو آهي، موبائيل جي رنگ وڃئي، انکي کنيو پر هي هٿ انکي ڪن تي لڳائڻ کان انڪاري ٿي ويو، انکي ٻئي هٿ کي ڏيڻ کان بہ انڪار ڪري ڇڏيو، يا وري ڪڏهن ٻيءَ هٿ کي چونڊ سان اختلاف ڪري ڇڏيو، پائڻ جي لاءِ هڪ خميس هينگر مان کنئي، ان هٿ پڪڙي ڪري واپس رکي ڇڏي، زپ بند ڪئي، ان کولي ڇڏي، ڪنهن ڪم کان روڪڻ جي لاءِ ٻيءَ هٿ جي ڪلائي کان وٺي ڇڏيو، اهڙو واقعو بہ ٿيو آھي جڏھن ان هٿ ڳلي کي وٺي گهٽو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي 

نارمل ماڻهن جا دماغ ورهايل ناهين هوندا پر نفسيات ۾ اهڙا ماڻهو اسانکي پاڻ کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار نڀائيندا آهن اهو ڏيکاريندا آهن تہ دماغ ڪنهن طريقي سان پاڻ هڪ ڪنفيڊريشن اتحاد آهي، ان ۾ ڪنھن قدر آزاديءَ سان الڳ الڳ پراسیسنگ هلي رهي آهي، جيڪي هڪٻئي جي خلاف ٿي سگهي ٿي، ۽ انکان نڪرندڙ حرڪت جي وضاحت ڪري ڏيڻ، ڀلي اهو ڪجھ بہ هجي، دماغ ۾ وضاحت ڪرڻ جي لاءِ ڪمنٽيٽر جي لاءِ ڪيترو سولو آهي، هي انجي مهارت آهي 

ڪنهن کي سمجهڻو هجي تہ اهو نہ ڏسو تہ اهو چوندو ڇا آهي، هي ڏسو تہ اهو ڪندو ڇا آهي،” قديم دانائي مان اچڻ وارو پهاڪو بلڪل صحيح آهي، انکان سواءِ ڪنھن کي ڄاڻڻ جو ڪو طريقو ناهي، ۽ ها، هي ڳالھ ڪنھن کي ڄاڻڻ جي لاءِ ناهي، بلڪ اوهانجي پنھنجي باري ۾ آهي 

انھن تجرن بابت پڙهڻ جي لاءِ 👇

#ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment