Tuesday 26 May 2020

ڇا انساني ڪلوننگ ممڪن آهي؟

ڇا انساني ڪلوننگ ممڪن آهي؟

اسان وٽ هر روز ڪرڻ جي لاءِ گھڻو ڪم هوندو آهي، ملڻ جي لاءِ گھڻا ماڻهون ڦاسڻ جي لاءِ هر روز ٽريفڪ جام، جو گھڻو ڪري هڪ جڳھ تي ٻہ هجڻ جو اسانکي خيال ايندو آهي، اسان پهريان ئي رڍن، ڳئون ايستائين جو ڀولن جا ڪلون بڻائي چڪا آهيون، ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان پنھنجو ڪلون بڻائي سگهون؟ ڇا ان ڪلون ۾ خواب ۽ سوچيون هونديون؟ ڇا انھن ۾ پاڻ کان جينيٽڪ تبديلون آڻي ڪري پاڻ کان سٺو بڻائي سگهون ٿا؟ هتي اسان اهو سڀ ڄاڻينداسين تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن اوهان پنھنجو ڪلون بڻائي سگهو تہ، ڪلون جو مطلب آهي تہ ڪنھن جاندار جي جين جو هڪجهڙو نمونو ڪاپي نقل تيار ڪرڻ، ماهر وڏي عرصي کان ڪلون بڻائيندا پيا اچن، پر اهوئي انسان جو ڪلون ناهين بڻائي رهيا، اهو ڪم عام طور تي پيروي ڪرڻ خلين جي مقصد جي لاءِ سيلن يعني ڊي اين اي جي ڪاپي تيار ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن هو جانورن جو بہ ڪلون تيار ڪندا آهن ڊولي نالي رڍ بڻائڻ جي لاءِ ماهرن هڪ بالغ رڍ جو جسماني سيل وٺي ڪري انکي اهڙي آني ۾ وڌو جنھن جي سڄي ڊي اين اي جي معلومات کي هٽايو ويو هو، تڏهن کان اسان ڪتن، ٻلين، گهوڙن، ۽ تازو ڀولن جو ڪلون بہ تيار ڪيو آهي، ڏسڻ ۾ تہ لڳي پيو محققن ڪلوننگ کي صحيح نموني سان سمجھي چڪا آهن تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن هو هڪ ڏينهن انسانن جو ڪلون تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺن، ڪجھ جاندارن جي نقل تيار ڪرڻ ٻين جاندارن جي نسبتن مشڪل هوندو آهي، ڪتن جو ڪلون بڻائڻ ٻلين کان مشڪل آهي، ۽ وري ڪوئن جو ڪلون بڻائڻ تہ وري ڪتن کان بہ گھڻو مشڪل هوندو آهي. ايئن انساني ڪلوننگ بہ سڀ کان مشڪل ڪلوننگ ۾ ايندي آهي، مشڪل؟ پر ممڪن، ڇا ٿيندو جيڪڏهن اوهان پهريان اهوئي انسان هجو جيڪو پنهنجو ڪلون تيار ڪري سگھي تہ، ڇا اهو نمونو اوهان جيان ئي هوندو؟ اوهانکي اهو ٻڌائڻ جو موکي افسوس آهي تہ، نہ بلڪ اوهانجو ڪلون ڏسڻ ۾ اوهان کان الڳ هوندو پر اهو ڏسجڻ ۾ بہ اوهان کان الڳ هوندو ۽ اوهان جيان ڏسڻ ۾ نہ ايندو، انکي ايئن سمجھو ٻہ جاڙا پاڻ ۾ ڪيترا ملندڙ جلندڙ هوندا آهن؟ اوهانکي پھرين نظر ۾ پتو نہ پوندو، پر جڏهن اوهان ويجهڙائي کان ڏسندو تہ انھن مان ھڪ تي نيشان هوندو، ۽ ٻيو قد ۾ ٿورو وڏو هوندو، جيتوڻيڪ اوهانکي رڍ جي ڪلون ۾ اهڙا نمونا نظر نہ ايندا پر هڪ ڀيرو اوهان پنهنجو ليب ۾ تازو ڪلون ڏسندو تہ اوهان ڄاڻيندو تہ اهو اوهان نہ آهيو، اوهان پنھنجي جينياتي ڪوڊ کان گهڻو وڌيڪ آهيو اوهانجو ڪرادر، سلوڪ، ايستائين جو اوهان ڪيئن نظر ايندا آهيو هي سڀ ان ماحول تہ ڀاڙي ڪندو آهي، جنھن ۾ اوهان وڏا ٿيا آهيو. اوهان پنھنجي جينز جي هڪ ڪاپي تيار ڪري سگهو ٿا، پر يادن ۽ خيالن کي ڪاپي ڪرڻ ناممڪن آهي فلحال، ۽ ها اوهانکي اهو تہ پتو آهي نہ تہ اوهانجو ڪلون وڏي ٿيڻ کانپوءِ اوهانجو روپ نہ هوندو، اوهانکي هڪ ڪلون ڪيل ٻار کي وڏو ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اهو ڪڏهن وڏو بہ ٿي سگھي ٿو تہ ڇوجو ڪلون عام طور تي گهڻا غير صحت بخش هوندا آهن، اهڙيون گهڻيون ڳالھيون آھن، جو انجو دل، جگر، دماغ ۾ ڪا ڪمي هجي، ۽ انجي بيمارين سان وڙهڻ جي صلاحيت گهڻي گهٽ هجي، ڪيترن ڪلون ٿيل جانورن جا سيل عام سيلن کان گهڻو وڌيڪ پوڙها ٿيندا آهن، اوهانجي ڪلون جو جسم ڇايد اوهان کان جلدي پوڙهو ۽ خراب ٿي وڃي ۽ افسوس اوهانجو ڪلون بيمار ٿيندو ۽ جلدي ئي دم ڏئي ڇڏيندو. ۽ اهو اوهان جيان ڏيکاربو بہ نہ، گڏوگڏ شخصیت بہ اوهان کان بلڪل مختلف هوندي انسانن جي ڪولننگ ڌرتيءَ تي تقريبن هر جڳھ تي غير قانوني آهي، جڏهن تائين ڪو ماهر اها دعوا نٿو ڪري تہ اهوئي هڪ انسان جو ڪلون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، پر جيئن تہ انھن جي دعوي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪا سائنيسي معلومات موجود ناهي هوندي، انسانن جي ڪلون وقت ۾ سفر ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ بہ نہ آهي، تہ جيڪڏهن اوهانکي ڪڏهن سفر دوران اوهان پاڻ جهڙو ڏسجندڙ ڪنھن ماڻھون سان ملو تہ، پريشان نہ ٿيجو، هي اڃان تائين لڳ ڀڳ ناممڪن آهي تہ اهو اوهانجو ڪلون هجي، ڇا اوهان ڪڏهن پنھنجو همشڪل ڏٺو آهي، ڇا ٿيندو جيڪڏهن ڌرتيءَ تي هر ڪنھن جو هڪ همشڪل هجي ان بابت وري ڪڏهن ڄاڻينداسين 

ڀولن جي ڪلوننگ تي
 

#Human #Cloning #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment