Wednesday 13 May 2020

جيڪڏهن ڪو جسم سڪون واري حالت ۾ هجي تہ انجو وقت ان جسم جي نسبت تيزي سان گذرندو؟

جيڪڏهن ڪو جسم سڪون واري حالت ۾ هجي تہ انجو وقت ان جسم جي نسبت تيزي سان گذرندو؟

ٿيوري آف ريليٽيويٽي موجب جيڪڏهن ڪو جسم سڪون واري حالت ۾ هجي تہ انجو وقت ان جسم جي نسبت تيزي سان گذرندو جيڪو جسم حرڪت ۾ آهي، ۽ تيز رفتار جسم جو وقت نسبتن سست گذرندو، جيتري تيز حرڪت هوندي اوترو ئي وقت سست گذرندو، جيئن جيئن ڪنھن جسم جي رفتار حرڪت تيز ٿيندي ويندي انجو وقت ٻئي ڏسڻ واري جي نظر ۾ سست ٿي ويندو، ۽ روشنيءَ جي رفتار ماڻيندي ان جسم جو وقت مڪمل روڪجي ويندو، ان ڳالھ کي”برائن گرين“ جن گهڻي سولائي سان هيئن سمجهايو آهي تہ....
اسپيس ٽائيم فيبرڪ چار جهٽي يعني چار ڊائمينشز تي لاڳاپيل آهي، لمبائي، چوڙائي، گهرائي ۽ وقت اسان سڀني جي حرڪت هڪئي وقت انهن چئن ڊائمينشز ۾ ٿي رهي آهي، ڪجھ فزڪس جا ماهر اهو بہ خيال رکن ٿا تہ ڊائمينشز چار کان وڌيڪ بہ ٿي سگهن ٿا، پر سندن پاران اڃان ڪا واضع پڌرائي ناهي آئي، خير انکي پاسي رکون ٿا ھينئر پاڻ هلون ٿا چار ڊائمينشز تي واپس، مٿي جيئن بيان ڪيو ويو آهي تہ اسان سڀني جي حرڪت هڪئي وقت انھن ڊائمينشز ۾ ٿي رهي آهي يعني اسان وقت ۽ اسپيس ٻنهي ۾ يڪسان حرڪت ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن هڪ ماڻهو اسپيس ۾ حرڪت نٿو ڪري يعني اهو ڪنھن ھڪ جڳھ بيهجي ويو آهي تہ انکي اسپيس ۾ حرڪت جي جيڪا لمبائي، چوڙائي ۽ گهرائي، ۾ جاري هئي سڄي حرڪت وقت جي ڊائمينشن ۾ ڊائيورٽ ڦيرو ٿي ويندي ۽ انجو وقت تيزي سان گذرندو ڇالا جو هاڻي انجي سڄي حرڪت خالي وقت جي لائن تي ٿي رهي آهي، اسپيس تي اهو بيٺل آهي تہ ڇوجو اهو خالي وقت ۾ سفر ڪري رهيو آهي تہ انجو وقت تيز رفتاري سان گذري رهيو آهي (بيٺل يا سست رفتار جسم جو وقت تيزي سان گذرندو آهي)، ان طرح هاڻي اوهان اهو خيالي تصور ڪريو جيڪو چئن ڊائمينشنز ۾ ٿي رهيو آهي، ٽي اسپيس جون ڊائمينشنز ۽ هڪ وقت جي، پهرين مثال جي ابتڙ هاڻ ان جسم جي توانائي ڇوجو وقت سان گڏ اسپيس لائن ۾ بہ ڊائيورٽ، ڦيرو ٿي رهي آهي تہ اينرجي جو هي لاس وقت جي لائن تي آيو آهي يعني اهڙي ماڻھو جو وقت پهريان واري ماڻهو جي نسبت جھڪو سست ٿي ويو آهي ڇالا جو پهريان وارو ماڻھو خالي وقت ۾ سفر ڪري رهيو هو ۽ ٻيو ماڻھو وقت سان گڏ اسپيس ۾ بہ حرڪت ڪري رهيو آهي تہ اها چرپر جيڪا پهريان خالي وقت تي لڳي رهيو هو هاڻي اسپيس تي لڳڻ جي وجھ سان وقت جي رفتار پهريان جي نسبت سست ٿي وئي، جيئن جيئن ان ماڻهو يا جسم جي چرپر  اسپيس ۾ رفتار وٺندو ويندو ائين ائين انجو وقت ۾ چرپر گهٽبو ويندو، ۽ هي سڄو اسپيس ڏا ڊائيورٽ ٿيڻ لڳندو، ائين وقت جي گذرڻ جي رفتار وڌيڪ سست ٿيندي ويندي، جڏهن هي جسم وقت تي لڳائڻ واري سڄي حرڪت اسپيس حرڪت ۾ لڳائي ڇڏيندو يعني جڏهن هي روشنيءَ جي رفتار سان حرڪت ڪندو تہ انجو مطلب اهو هوندو تہ وقت تي انجي چرپر زيرو آهي، يعني انجو وقت نہ پيو گذري، انجو وقت بيهجي ويو آهي، هاڻ اهو خالي اسپيس ۾ سفر ڪري رهيو آهي، وقت ۾ نہ ڇوجو وقت تي لڳائڻ جي لاءِ هاڻ ان وٽ حرڪت ئي ناهي بچيو، انڪري روشنيءَ جي فوٽان جي عمر اڄ بہ اها هي آهي جيڪا ساڍا تيرهن بلين سال اڳ بگ بينگ مان نڪرندي هئي، فوٽان جو وقت بيٺل آهي ۽ اهو خالي اسپيس جي ٽن ڊائمينشنز ”ڪلاسيڪل فزڪس جي ڊائمينشن" ۾ حرڪت ڪري رهيو آهي

#ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment