چنڊ تائين انساني سفر
”دريا خان“
چنڊ شروع کان ئي ڪنهن بہ گهگھ اونڌاھي رات ۾ دنيا جي هٿراڌو روشنين کان سواءِ روشني جو سڀ کان وڏو ذريعو هجڻ سان گڏوگڏ انسان جي توجھ جو مرڪز رهيو آهي، ڪجھ ماڻھن انکي چانڊوڪي محبوب جي خوبصورتي سان تشبي ڏني آهي، پر تقريبن 51 سال پهريان جڏهن روس پاران پهريون انسان زمين جي ويجھو مدار ۾ اماڻيو تہ آمريڪا پاران چنڊ کي پنھنجو اڳيون نشانو بڻايو، ۽ چنڊ تي لهڻ جي ڪوششن ۾ لڳا رهيا، چنڊ تي پهريون انساني رتبو ظاهري ڪا سائينسي اڳڀرائي هئي، پر حقيقتن هي بہ مختلف ملڪن جو سياسي دور ۽ هڪٻئي کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش هئي، 1947ع مان جيئن ئي دنيا جنگن مان نڪتي 1961ع ۾ جڏهن روس پاران زمين تي خلاءِ ۾ پهريون خلاباز موڪليو تہ آمريڪا کي ان سياسي ڍوڙ ۾ روس کان اڳتي نڪرڻ جي ڳڻتي کائي رهي هئي، ان وقت جي آمريڪي صدر ڪينيڊي جن فيصلو ڪيو تہ آمريڪا پاران پهريون انسان چنڊ تي موڪليو ويندو، آمريڪا جو هي فيصلو تہ جذباتي پر ان جلدبازي ۾ ڪيل فيصلي ئي سائنس جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، ۽ نتيجن اڄ انسان مريخ تي پير رکڻ جي تيارين ۾ رڌل آهي. ناسا پاران چنڊ تي انسان کي موڪلڻ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ پهرين ڪوشش ۾ ئي انسان کي چنڊ جي سطح تي نہ لاٿو بلڪي انکان پھريان چنڊ جي طرفان ڪجھ خلائي گاڏيون موڪليون ويون هيون، ۽ خلائي مشن کي”اپالومشن Apollo مشن“ جو نالو ڏنو، آمريڪا جي لاءِ اپالو مشن جو اصل مقصد انسان کي چنڊ تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ انکي زمين تي صحيح سلامت واپس وٺي اچڻ بہ هو، ڇوجو چنڊ زمين کان تقريبن 3 لک ڪلوميٽر ڏور آهي، ۽ زمين کان ايترو گهڻو پنڌ انساني تاريخ ۾ پھريان ڪڏهن بہ نہ ڪيو ويو هئو، انڪري اپالومشن ۾ 12 اپولو خلائي گاڏيون چنڊ جي طرف هڪ هڪ ڪري موڪليون ويون، ۽ هر خلائي گاڏي چنڊ تي نہ لٿي بلڪ پهريون ڪجھ گاڏيون زمين جو چڪر لڳائي ڪري زمين تي واپس آيون ۽ ڪجھ چنڊ ڏيان موڪليون ويون، اپولو 7 جي خلائي گاڏي کي 25 ڊسمبر 1968ع جو چنڊ ڏا روانو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٽي خلاباز ( فرينڪ بورمين، جيمز لوول ۽ وليم انڊرز) موجود ھيا، پر هي خلائي گاڏي چنڊ جي سطح کان 90 ڪلوميٽر جي فاصلي تي انجو چڪر لڳائي ڪري زمين تي واپس اچي وئي، انساني تاريخ ۾ هي پهريون واقعو هو جڏهن ان پنھنجي گهر سياري زمين کي پهرين ڀيرو پري کان ڏٺو. جتي نہ ڪا ملڪي حد هئي نہ ڪو سياسي مخالف هو. اپولو 7 مان ورتي ويندڙ تصوير ۾ پنهنجي ان سياري کي ڏسي ڪري اسانکي اندازو ٿيندو آهي تہ، هن ڪائنات ۾ اسانجي حيثيت ڪيتري گهٽ آهي، اپولو 7 جي زمين تي واپس اچڻ وڃڻ کانپوءِ ناسا پاران انسان کي چنڊ تي لاهڻ جو فائنل اعلان ڪري ڇڏيو هو، ۽ 16 جولائي 1969ع جو اپولو 11 جي خلائي گاڏي 3 خلابازن کي کڻي ڪري چنڊ ڏا روانو ٿي، زمين کان روانو ٿيڻ جي 5 ڏينھن کانپوءِ 21 جولائي 1969ع جو معياري وقت موجب صبحو 1:50 منٽ تي اپولو جي خلائي گاڏي چنڊ جي زمين تي لٿي، ان چنڊ جي سطح تي ان جڳھ کي” امن مرڪز Tranquility Base" جو نالو ڏنو ويو، اپولو جي ان خلائي گاڏي جا 2 حصا هيا جنھن مان هڪ حصو الڳ ٿي ڪري چنڊ تي لٿو، جنھن کي چنڊ گاڏي”ايگل Eagle " چيو ويندو آهي، ۽ ٻيو حصو پائلٽ گاڏي” ڪولمبيا Columbia" هئي جيڪا چنڊ جي ويجھو چڪر لڳائيندي رهي، چنڊ گاڏي ۾ ( نيل آرمسٽرانگ Neil Armstrong ۽ بز آيدرن Buzz Adrin موجود هيا جڏهن تہ مائيڪل ڪولنز Michael Collins ) پائلٽ گاڏي ۾ رهيا، ڇوجو مائيڪل ڪولن زمين کان 3 لک ڪلوميٽر پري اڪيلا هيا انڪري انهن کي حضرت انسان کانپوءِ” دنيا جو سڀ کان اڪيلو انسان“ جي نالي سان بہ سڃاتو ويندو آهي. چنڊ تي ايگل جي لهڻ جي ٿورڙي دير کانپوءِ جڏهن آمريڪي خلاباز نيل آرمسٽرانگ چنڊ گاڏي مان نڪتا ۽ ۽ چنڊ تي پهريون پير رکيو تہ ان وقت انھن جا لفظ هي هئا تہ” انسان جو هي ننڍو پير مرتبو نسل انساني جي لاءِ هڪ وڏو ٽپوچھلانگ آهي". زمين تي موجود 50 ڪروڙ انسانن هي منظر پنھنجي ٽيلي ويزن تي سڌو سنئون ڏٺو، اپولو کانپوءِ وڌيڪ 5 خلائي گاڏيون موڪليون ويون، ۽ ان طرح اڄ تائين ۽ ڪل 12 خلاباز چنڊ جي واڪ ڪري چڪا آهن.
ڪجھ ماڻھن پاران اعتراض هيٺ شامل ڪجن ٿا
چنڊ تي لڏندڙ آمريڪي جهنڊو
سائنسدان ٻڌائيندا آهن تہ چار ارب پهريان چنڊ جي فضا موجود هئي پر شمسي هوائن ۽ چنڊ جي گهٽ ڪشش ثقل ڪارڻ هي فضا ختم ٿي وئي آهي، ۽ هاڻ چنڊ تي هوا موجود ناهي تہ پوءِ اپولو 11 مشن جي تصويرن ۾ جڏهن خلاباز نيل آرمسٽرانگ آمريڪي جهنڊو پٿريلي سطح تي لڳائيندا آهن تہ جهنڊو لڏندي ڏيکاربو آهي، جيڪڏهن اسان جهنڊي جي تصويرن کي غور سان ڏسنداسين تہ اسانکي انگريزي زبان جي لفظ L جيان لوھ جو راڊ ڏيکاربو، ان جهنڊي جي راڊ زمين تي موجود جهنڊي جيان سڌي ناهي بلڪ مٿان کان ڪپڙي کي سڌو رکڻ جي لاءِ بہ راڊ لڳايو ويو هو، جيڪڏهن ائين نہ ڪيو وڃي ها تہ جهنڊو هوا جي گھٽتائي سبب هميشہ جي لاءِ لٽڪيل ڦاٿل هجي ها ۽ واضح نہ هجي ها.
چنڊي آسمان، مٿاڇرو ۾ تارن جي غيرموجودگي
هي اعتراض هميشہ ڪيو ويندو آهي تہ زمين تي تہ روشنين ڀريل شهرن مان بہ مٿاڇري تي تارا ڏيکاربا آهن پر چنڊ تي تہ نہ فضا آهي ۽ نہ ئي ڪا آلودگي تہ تصويرن ۾ تارا واضح ڏسڻ ۾ اچن پر ڪو تارو نظر ناهي ايندو؟ هي ڳالھ حقيقت جي وچ معلوم هوندي آهي پر جيڪڏهن اوهان وٽ ڪيمرو آهي، ڀلي اهو موبائيل ڪيمرو هجي يا ڊي ايس ايل آر ڪيمرو، تہ اوهان انھن سڀني جي وجھ سولائي سان ٻڌائي سگهو ٿا، اوهان گهڻو ڪري اها شيءَ محسوس ڪئي هوندي تہ جيڪڏهن اوهان ڪجھ دير تيز اس ۾ وقت گذارڻ کانپوءِ پنهنجي ڪمري ۾ ايندا آهيون تہ اوهانکي ڪجھ وقت جي لاءِ سڄو ڪمرو ڪارو نظر ايندو پر ٿوري دير کانپوءِ پورو ڪمرو ڏسڻ ۾ ايندو، ڇا اوهان اهو سوچيو آهي تہ ائين ڇو ٿيندو آهي؟ حقيقتن انجي وجھ هي آهي تہ اوهان جڏهن تيز روشني ۾ هوندا آهيو تہ اوهانجون اکيون پاڻ کي ان طرح ترتيب ۾ وٺي اينديون آهن جنھن سان اوهان تيز روشني ۾ شين کي سولائي سان ڏسي سگهو پر جيئن ئي اوهان ٿوري گهٽ روشني واري ڪمري ۾ ايندا آهيون تہ اکين کي گهٽ روشني جي حساب سان پاڻ کي ترتيب ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ وقت گهربل هوندو آهي ائين ان دوارن اوهانکي ڪمري ۾ گھڻو وڌيڪ اونڌاھي محسوس ٿيندي آهي، هاڻي جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ انسان پاران ڪيمرا اک کي ڏسي ڪري هي ايجاد ڪيو آهي ائين ڪيمرا ۾ بہ ان طرح جي 2 ترتيبون پاتون وينديون آھن، جيڪي تيز ۽ هلڪي روشني ۾ تصويرون وٺڻ ۾ مدد ڏينديون آهن، انھن ترتيبن کي (ايڪسپوير سيٽنگ Exposure Setting) چئبو آهي، اپولو مشن جي وقت ڪيمرا ايترا جديد نہ هئا جو انھن ۾ ھي صلاحيت پيدا ڪئي وڃي تہ روشني جي حساب ۾ ڍلي وڃن، ائين اپولو 11 ۾ استعمال ٿيڻ واري ڪيمرن جي ترتيب زمين مان ڪئي وئي هئي، ڇوجو چنڊ جي سطح سج جي تيز روشني جي وجھ سان گهڻي ڀاڱي وڌيڪ روشن هئي، ائين ڪيمري جي ترتيب ان طرح ڪئي وئي هئي جو چنڊ جي روشن سطح ۽ خلابازن کي صحيح طرح سان ريڪارڊ ڪري سگهن، ان ترتيب جي وجھ سان تارن جي ڊم جهڪي روشني کي هي ڪيمرا ريڪارڊ نہ ڪري سگھيو جنهن جي وجھ سان اسانکي تصويرن ۾ هڪ بہ تارو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن تارن جون تصويرون وٺڻيون هيون تہ انجي لاءِ ايڪسپوير سيٽنگز گھٽ ڪرڻي پئي ها پر ان سان هي ٿي ها تہ ڪيمرا تارن کي ڏسي ها پر خلاباز ۽ چنڊ جي سطح بنا ڪنھن شڪل ۽ صورت جي اڇي ڏيکارجي ها،
شين جي پاڇن جا پاسا مختلف
ٽيون اعتراض جيڪو اپولومشن جي خلاف اٿاريو ويندو آهي اهو هي آهي تہ اپولو 11 جي تصويرن ۾ شين جا پاڇا مختلف پاسن Directions ۾ بڻجي رهيا آهن جنهن سان ثابت ٿي ٿو تہ روشني جو ذريعو سج نہ بلڪ اسٽوڊيو ۾ موجود فليش لائٽ آهي، هاڻي جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ روشني هڪ سڌ م سفر ڪندي آهي ۽ زمين تي سج جي روشني سان ٺهندڙ پاڇا هڪ سڌ ۾ بڻجندا آهن، انجي وجھ هي آهي تہ سج زمين کان تقريبن 15 لک ڪلوميٽر پري آهي، ۽ ايتري وٿي تي روشني جون شعائون هڪ سڌ ۾ اچي وينديون آهن، پر اپولو 11 ۾ پاڇن جي پوزيشن ڏسي ڪري ان جي حقيقت تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي، پر ائين بلڪل بہ نہ آهي.
سائنسدان آيزڪ نيوٽن جو پهريون قانون اسانکي ٻڌائيندو آهي تہ خلا ۾ جيڪڏهن ڪا شيءَ رکيل آهي تہ انکي حرڪت ۾ آڻڻ جي لاءِ قوت طاقت لڳائڻي پوندي آهي، ۽ ان طرح جيڪڏهن ڪا شيءَ حرڪت ۾ هجي تہ انکي روڪڻ جي لاءِ بہ طاقت گهربل هوندي آهي، ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي اپولو مشن تي جيڪو ڪيمرا چنڊ تي کڻي ويل هو اهو ان طرح بڻايو ويو هو جو ڪيمري کي گهٽ يا بغير حرڪت ڏيئن، ويجھي واري ماحول جي وڌيڪ حصي جي تصوير آرام سان وٺي سگهن، ان ڪيمري ۾ ( فش آئي لينز Fish eye Lens) يعني مڇي جي اک جيان جهڙوڪ لينز استعمال ڪيو ويو هيو، هي لينز ان طرح جو هوندو آهي جو جنهن کي هڪ مڇي پنهنجي اک کي بنا حرڪت ڏيندي سڀ منظر ڏسي وٺندي آهي، ان طرح ان ڪيمري سان گڏ بہ ڪيو ويو هيو، ڪيمري جي حرڪت کي ان لاءِ ترجي نہ ڏني وئي ڇوجو چنڊ تي ڪشش ثقل گهٽ آهي ائين ڪيمري کي لوڏيو وڃي ها تہ خلابازن کي گهڻي طاقت لڳائڻ ڪري ساڪن رهڻو پئجي ها تہ جيئن تصوير صحيح اچي.
چنڊ کان واپس ايندي چنڊ گاڏي جي تصوير ڪنهن ورتي
1969ع ۾ جي ڏينهن سڄي دنيا ۾ نيل آرمسٽرانگ ۽ بزآيڊرن کي پھريون ڀيرو چنڊ تي واڪ ڪندي تہ ڏٺو ويو پر جڏهن اپولو 11 جي چنڊ گاڏي واپسيءَ جي لاءِ خلا جي طرف واپس وئي تہ اها ويڊيو بہ ڏيکاري وئي تہ سڀ ماڻهون پريشان ٿيا تہ ھي ڪير موجود آهي جيڪو هي ويڊيو ٺاهي رهيو آهي؟ ڪيمري تہ چنڊ گاڏي ۾ خلاباز گڏ کڻي ويا هئا، ان ڳالھ جو فائدو وٺندي ڪجھ ماڻهن اعتراض شروع ڪري ڇڏيا. هي سوال تہ هر ڪنهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڏيندو آهي پر سائنسدانن جي لاءِ هي ڪا حيران ڪندڙ ڳالھ ناهي ڇوجو ناسا ۽ روس پاران چنڊ تي اپولو مشن کان پهريان ڪيتريون ئي خلائي گاڏيون چنڊ تي موڪليون ويون هيون جيڪي چنڊ تي موجود هيون ۽ هي ويڊيو بہ انهن گاڏين تي لڳل ڪيمري مان ٺاهي وئي هئي.
ناسا پاران چنڊ تي ٻيهر انساني مشن ڇو نہ موڪليو ويو؟
هي سوال گهڻو ڪري ڪيو ويندو آهي تہ جيڪڏهن ناسا جي ان اپولو مشن ۾ سچائي آهي تہ ناسا چنڊ تي ٻيهر انسان کي موڪلڻ جي ڪوشش ڇو ناھي ڪئي جيتوڻيڪ اڄ جديد ٽيڪنالوجي موجود آهي؟ تہ انجو جواب هي آهي تہ انسان ڪائنات ۾ زمين کان سواءِ ٻين جڳهن تي بہ زندگي جي کوجنا ۾ آهي ۽ انهيءَ سببن جي چنڊ تي بہ ويو تہ جيئن چنڊ جو ماحول ڏسي سگهي، پر اپولو مشن ۾ چنڊ تي وڃڻ وارن 12 خلابازن جي مدد سان اسان اها ڳالھ ڄاڻي چڪا آهيون تہ چنڊ جي فضا نہ هجڻ جي وجھ سان ڏينهن جي وقت تيز پد ۽ رات جي وقت ڄمائيندڙ ٿڌ ٿي ويندي آهي جيڪا انساني زندگي جي لاءِ فائديمند ناهي، ائين وري وري اربن جا خرچ ڪري چنڊ تي انساني مشن موڪلڻ جو فائدو ناهي انڪري اهوئي ئي پيسا هاڻي ناسا مريخ تي انساني مشن موڪلڻ جي لاءِ خرچ ڪندو، پر پوءِ بہ جيڪڏهن ماڻهن کي چنڊ تي مشن وڃڻ جو شوق آهي تہ ناسا هاڻي اها بہ خواهش پوري ڪرڻ وارو آهي.
ناسا پاران 2024ع واري چنڊ مشن 🚀👨🚀👨🚀 ۾ هڪ في ميل کي بہ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي گڏوگڏ نئي اسپيس سوٽ جو بہ اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي چنڊ مشن لاءِ ٺاهيا ويا آهن جيڪي انکان اڳ EMU نالي سوٽ کان مختلف آهن وڊيو هيٺ جنھن جو نالو xEMU ٿري ڊي رکيو ويو آهي جيڪو خلائي اسٽيشن سان رابطي ۾ پڻ رهندو هن ڀيري چنڊ مشن لاءِ جيڪي سوٽ ٺاهيا ويا آهن ميل ۽ في ميل لاءِ الڳ الڳ ڊزائين جا سوٽ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي 2024ع واري چنڊ مشن ۾ استعمال ڪيا ويندا گڏوگڏ ان مشن کي چنڊ جي ڏکڻ واري پاسي تي لاهڻ جو ارادو پڻ ڪيو آهي
هاڻي انسان جو اڳيون نشانو مريخ آهي جيڪڏهن انسان جون بڻايون ويندڙ گاڏين جي ڳالھ ڪجي تہ 1970ع جي ڏهائي ۾ خلا ۾ موڪلي ويندڙ ناسا جي وائيجر 1 ۽ وائيجر 2 هاڻي نظام شمسي کان ٻاهر وڃي چڪيون آهن، اسانکي اميد آهي تہ جڏهن 5 ارب سال کانپوءِ سج پنھنجي عمر پوري ڪري ڦاٽي چڪو هوندو، پر اسانجي نسل هن ڪائنات ۾ پنهنجي نئي گهر جي کوجنا ڪري چڪي هوندي، ۽ اتي پنھنجي زندگيون خوشي سان گذاري رهيون هونديون
ناسا جي چنڊ مشن تي
https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=10157541112431772&id=54971236771
وائيجر 2 تي
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2603246086624133
No comments:
Post a Comment