Monday 4 May 2020

مکين وارو ڪمرو

مکين وارو ڪمرو

بائيولوجي جي اڻويھ صدي جي تاريخ ۾ مٽر جي ٻوٽن ۽ ٻيٽ جون جهرڪيون مشهور آهن، ويھي صدي ۾ جديد بائيولوجي جي بنياد مکين سان ڀريل ڪمري ۾ رکي وئي هئي 
ڊارون ازم کي زوال اڻويھ صدي جي آخر ۾ آيو ۽ انجون وجهون منطقي آهن، بائيولوجسٽ ڊارون کي ارتقا ثابت ڪرڻ جو ڪريڊٽ تہ ڏنا هيا پر انجو طريقو نيچرل سليڪشن قدرتي چونڊ ڪافي نہ هو،”جيڪو فٽ ناهي، اهو ناهي بچندو" انجي وضاحت بلڪل بہ نہ ڪندو هو تہ فائديمند تبديليون آخر اينديون ڪيئن آهن، ڊارون جي ان ڳالھ تي اصرار، تہ تبديليون سست رفتار هوندي آهي، ان مسئلي کي ڳجهو ڪري ڇڏيو هو، ڪو ان ڳالھ کي مڃڻ لاءِ تيار نہ هو تہ ننڍيون ننڍيون تبديليون وڏي عرصي ۾ وڏي عملي فرق تي اُپت ٿينديون، هي وڏي جهٽڪن ۽ ٽپن کانسواءِ نٿو ٿي سگهي، ايستائين جو ڊارون جي سڀ کان وڏي سپورٽر ٿامس هڪسلي جن بہ ڊارون کي پنھنجي ان خيال تي نظر وجهڻ جو چيو هو تہ ڊارون ان شيءَ جا قائل هئا تہ گھڻين ننڍين ننڍين تبديلين کي جيڪڏهن گهڻي وڏي وقت جي اسڪيل ماپي تي وٺي وڃي تہ ھي وڏيون ٿي وينديون آهن، تبديلي جو هڪ پير گهڻو ئي ننڍو هوندو آهي، ڊارون ان بابت صحيح نہ هيا. 
ڊارون جي 1882 ۾ وڃڻ کانپوءِ ان خيال جي خلاف وڌيڪ شاهديون گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون، شمارن ۾ هي ڏٺو وڃي چڪو هو تہ جاندارن جي خاصيتون بيل ڪرو مطابق آهن، يعني قد وارا جنهن طرح سراسري مان پري ٿيندا ويندا، انھن جو انگ گهٽ ٿيندو ويندو، جيڪڏهن ڪنھن آبادي مان سست رفتار نڪري وڃن تہ پوءِ بہ وچولن جو انگ وڌيڪ هوندو، تيز رفتار ان سان ئي ملاپ ڪندا، آبادي ۾ وچولو هئڻ جو راج رهندو، فطري چونڊ انکي بهتر نٿو بڻائي، اصل ۽ وڏو ارتقا ڊڳهي ۽ يڪايڪ اوچتي ٽپي مان ٿي سگهي ٿو 
ڊارون ازم جي خلاف هڪ ٻئي وڏي شيءَ ڪم ڪري رهي هئي، جذبا، بي رحم موت زندگي جي ڊيزاين جو اهم حصو آهي؟ هي هضم ڪرڻ جذباتي وجود جي ڪارڻ تي مشڪل هو، جارج برنارڊ شا، جيڪو شروعات ۾ انجا جوشيلا سپورٽر هيا، انھن جي لفظن ۾” مان فطري چونڊ جي مضمرات کي جيتري گهرائي ۾ سوچيندو ويس، منهنجي ناپسنديدگي وڌندي وئي، جڏهن اوهانکي ان جي مطلب جي سمجھ ايندي آهي، تہ اوهانجو دل جيئن ڪنھن ڪپ ۾ ٻڏندو ويندو آهي، هي بدصورت آهي، ظالم آهي، ڪمزور جي موت جو اصول - هي صحيح ناهي، “

ان ماحول ۾ مينڊيل جا دريافت ڪيل جينيات اچي ويا، مينڊيل جو ڪم موت ۽ فاقہ ڪشي تي نہ هو، وڌڻ ۽ واڌويجھ تي هو، ان ۾ صدما هيا، وڏو ٻوٽو ۽ ننڍو ٻوٽو- پيلا مٽر ۽ ساوا مٽر- 1902ع ۾ برطانوي بائيولوجسٽ وليم بيٽسن جن پھرين انساني جين دريافت ڪري ورتي (هي ٻارن جي پيشاب کي ڪارو ڪرڻ واري بيماري الڪاپٽونيريا جي جين هئي) تبديلي جي وجھ جينيات آهن، هي تحريڪ باقائدن شروع ٿي وئي ان ڀاڳي زور ۽ گوڙ سان جو 1904ع ۾ جرمن سائنسدان ايبرهارڊ ڊينرٽ جن اعلان ڪيو،” ڊارون ازم کٽ تي آهي، ان جي آخري رسمن جي تياري هلي رهي آهي“ ڊارون ازم جا سپورٽر هاڻي اقليت ۾ هيا، مڪالما جذباتي هوندا هيا، 
 
ويهن صدي جي ستت ۾ جينز ۽ ڪروموزوم بابت اهم شين جو پتو پئڻ شروع ٿي ويو، هي پتو پئجي ويو تہ سڀهي جاندارن جا جينز هوندا آهن، هي تبديل ٿي سگهن ٿيون، انجي ميوٽيشن، ڦير گهير ٿي سگهي ٿي، ڪروموزوم خلين ۾ جوڙن جي شڪل ۾ هوندا آهن، هي والدين کان ايندا آهن، پر ان سڀ تصورات کي ملائي ڪري ڪا هڪ جوڙ ٿيوري نہ هئي، ہر ڪو وارثت جي هڪ ننڍي حصي کي ڏسي رهيو هو، انھن ٽڪڙن مان ڪا تصوير نہ پئي ظاهر ٿي،”ڪروموزوم ٿيوري“ ”جين ٿيوري“، ميوٽيشن ڦير گهير ٿيوري، ۽ ڪيتريون ٻيون ميدان ۾ هيون، ڪيترن سائسندانن جو خيال هو تہ جينز ڪروموزوم ۾ ناهين هوندا، ڪيترن جي خيال ۾ هڪ ڪروموزوم ۾ هڪ جين هوندي آهي، ڪيترن جي خيال ۾ ڪروموزوم جو وارثت سان واسطو ناهي، انھن سڀني ڌار گروپن جا مڪالما بہ دوستانا نہ هيا، ۽ ٻين گروپن جي دريافتن کي اهم نہ سمجھندا هيا، بائيولوجي ورهايل هئي 
 
جتي هي سڀ انقلابي ۽ جواب انقلابي هڪٻئي کان يورپ ۾ وڙهي رهيا هيا، هڪ ٻيو سائنسدان خاموشي سان آمريڪا ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيو هو، هي ٿامس هنٽ مارگن هيا، مارگن ڊارون ازم ۽ جينيٽڪس ٻنهي کي پسند نہ ڪندو هو، ۽ انهن ٻنهي کي غلط ثابت ڪرڻ جا خواهشمند هيا، انھن کي ان موضوع ۾ دلچسپي هالينڊ ۾ پنهنجي گذاريل وقت جي دوران ڊي ورائز جي تجربا ڏسي ڪري ٿيا هيا، ڊي وائرز ميوٽيشن، ڦير گهير ٿيوري کي سپورٽ ڪندا هيا، انھن ايمسٽرڊيم ۾ هڪ پٽاٽن جي خالي ٻني ۾ گل فنجاني جي عام ٻوٽن سان ملي ڪري واڌ ويجھ  نسل نہ ڪندا هيا، هي نئي نسل بڻجي ويا هيا، ڊارون جن ارتقائي ٽپي کي رد ان لاءِ ڪيو هو تہ سندن موجب جيڪڏهن ڪا خاصيت مختلف ٿي ويندي آهي تہ اها نارمل ماڻهن سان ملي ڪري واپس نارمل ڏا اچي وينديون، ڊي ورائز جي ميوٽيشن، ڦير گهير پيرئيڊ هي اعتراض ختم ڪري ڇڏيو هيو 

مورگن جي ذهن ۾ هڪ ٻيو خيال آيو، ڊي ورائز کي بلڪل خبر نہ هئي تہ نئي قسم آئي ڪيئن آهي، پر انجو اچي وڃڻ ان ڳالھ جو ثبوت هو تہ نئي قسم بڻجي وڃڻ خالي خيالي نہ آهي، انجو ثبوت تہ انھن جي اکين سامهون آهي، ڇا هي جانورن ۾ ٿي سگهي ٿو؟ ڇا تجربو ڪري سگھجي ٿو؟ 

 مورگن تجربا ڪوئن ۽ ڪبوترن سان شروع ڪيا پر انهن جي اڳئي نسلن تائين پهچڻ وڏو وقت وٺندو هو، نيورياڪ ۾ ڪيلا اچڻ شروع ٿيا ۽ انھن سان گڏ فروٽن واري مکي ڊروسوفيليا بہ، هي جلدي وڌندي هئي، ۽ ڪجھ ڏينھن ۾ اڳئي نسل اچي ويندي هئي، هي انجي تجربن جي لاءِ آئيڊيل هئي، مورگن جو ٺاهيل” مکين جو ڪمرو“ بائيولوجي جي اهم دريافتن جو سبب رهيو آهي، مکين جي واڌ ويجھ نسل، ان تي تجربن جي ٽڪينڪ، تباھ ڪرڻ جا طريقا ان ڪمري ۾ بڻيا، اڄ سڀ کان وڌيڪ تجربا انهن تي ڪيا ويندا آهن 
 انهن تي وڏي صبر وارن تجربن کانپوءِ انجي نسل در نسل واڌويجھ کانپوءِ انهن ۾ ميوٽيشن، ڦير گهير نظر اچڻ شروع ٿيون، هڪ آبادي ۾ ئي رهندي هڪ نسل ۾ ايتري وڏي ميوٽيشن، ڦير گهير ٿي سگهن ٿيون، هي ان ڳالھ جو ثبوت هو، مئي 1910ع ۾ هڪ مکي نظر آئي جنھن جي اک ڳاڙهي جي بجائي اڇيون هيون، انکي الڳ ڪيو ۽ جڏهن ان مان واڌويجھ نسل ڪئي تہ مينڊيل وارا نتيجا نڪتا، مورگن جي لاءِ جهٽڪو هو ڇوجو اهو انکي غلط ثابت ڪرڻ نڪتا هيا پر ذهن بدلي ڇڏڻ مورگن جي طاقت هئي، مکين سان کيڏندي انھن هاڻي نيون دريافتون ڪيون، جين ڪروموزوم تي هوندا آهن پر هڪ جين هڪ ڪروموزوم جو خيال غلط آهي، هي بہ انھن تجربن مان حاصل ٿيو 

انھن جو اڳيون وڏو خيال هي هو جيڪو انهن کي پاڻ بلڪل پسند نہ هئو، هي جين ڪروموزوم ٿيوري جي هڪجائي هئي، ڪهڙيون خاصيتون پاڻ ۾ واسطو رکنديون، انهن جو واسطو ان سان آهي تہ ھي جين ڪروموزوم ۾ ڪنهن جڳھ تي موجود آهن، هي مورگن جو شاندار تجربو هو، انھن ڪو نيو خيال پيش نہ ڪيو هو پر دنيا ۾ ٿيڻ وارن ٽڪڙن ۾ الڳ الڳ ڪيا وڃڻ وارن ڪمن کي جوڙي ڪري تجرباتي طور تي جينيات جي سائنس ۾ هڪ وڏي جست لڳرائي ڇڏي هئي، ڪنهن بہ خيال کي ٽيسٽ ڪرڻ جي لاءِ انھن وٽ ڏهوڻ هزار مکيون هر وقت ڀون ڀون ڪري رهيون هيون
 
مکين تي ڪم ڪرڻ وارن سائسندانن ( انهن جي گروپ کي فلائي بوائز چيو ويندو هو) جن انھن تجربن جي مدد سان انھن مکين جي جينز جو نقشو بڻائي ڇڏيو هو، ان سڀ کي قدرتي چونڊ جي گڏ ملائڻ جو خيال مورگن سان گڏ ڪم ڪرڻ واري هڪ ٻئي سائنسدان ميولر جو هو انهن جي منطق، پرک ۽ خيال ۽ مورگن سان گڏ ٿيڻ وارين وڏين بحثن آخرڪار مورگن کي بہ ان تي مڃائي ورتو 
 
جينز مخلوقن کي خاصيتون ڏيندي آهي، ميوٽيشن، ڦير گهير کي بدلي ڇڏيندي آهي، رنگ، قد رفتار وغيرھ ۾ انجي وجھ سان فرق اچي ويندو آهي، جنھن طرح ڊي ورائز جن گل فنجاني جي نئي قسم بڻجندي ڏٺي هئي، انجي پويان اهوئي مڪينزم ڪار فرما هو، گھڻو ڪري ميوٽيشنز، ڦير گهيري جاندارن ۾ معمولي فرق وجھنديون آهن، ڪروموزوم جي ڪراسنگ اوور جينز کي پینٽ ڏيندي آهي، نئي ورزن بڻائي ڇڏيندي آهي، ۽ فطري چونڊ کي کيڏڻ جي لاءِ وڌيڪ مواد ڏئي ڇڏيندي آهي، گھڻو ڪري خاصيتون گهڻين جين سان ملي ڪري بڻجنديون آهن، سڀ کان اهم، ڇوجو جينز ڊسڪرپٽ آهن، هي مڪمل حالت ۾ پنهنجي اڳئي نسل تائين پهچندا آهن، ان لاءِ فائديمند جين ملاپ سان گڏ ڊائيلئيوٽ ناهي ٿي ويندي، اڳئي نسلن ۾ جاري رهندي آهي، شمارن جو آرگومنٽ جينيات غلط ثابت ڪري ڇڏيو هو 

هي سڀ ميولر جا پيش ڪيل خيال هيا، ڊارون ازم ۽ مينڊل ازم الڳ ۽ مخالف ناهين، هڪٻئي کي سپورٽ ڪندا آهن، بائيولوجي جي تصوير مڪمل ڪندا آهن

مورگن جي لاءِ هي پنھنجي ذهن کي تبديل ڪرڻ جو هي هڪ ۽ ٻيو وڏو مرتبو آهي، مورگن پاڻ مينڊل جي ڪم انهن ٻنهي کي صحيح ثابت ڪري انهن جي دوستي ڪرائي ڇڏي هئي، انکي جديد سنٿيسز جو نالو ڏيڻ جي اها وجھ هئي 

مورگن جو هڪ وڏو ڪنٽريبيوشن بائيولوجي جي جذبات مان ڪڍي ڪري تجربي ۽ رياضي جي ميز تي وٺي اچڻ هو، انجي پنهنجي جيڪا خاصيت ان ۾ سڀ کان ضروري ثابت ٿي، اها انجي لاءِ پنھنجي پھريان کان بڻيل خيالن تي اصرار نہ ڪرڻ بلڪ پڪو ثبوت ڳولھا ڪرڻ تي زور ڏيڻ هو، رڙيون ڪندڙ بائيولوجي جي ڪاري دور کي خوشگواري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مورگن جي مکين جي ڪمري کان سواءِ انجي پنهنجي کلندڙ طبعيت جو بہ ڪمال هو، جنھن تي ماڻهون ڀروسو ڪري سگهن پيا

ٿامس هنٽ مورگن کي پنهنجي ڪم تي نوبل پرائز مکين جي ڪمري جي ٻن ساٿين سميت 1933ع ۾ مليو، ميولر کي ايڪسري وسليي ميوٽيشن ڦير گهير پيدا ڪرڻ جو طريقو ڳولھڻ تي الڳ نوبل انعام 1946ع ۾ ڏنو ويو...

1 comment:

  1. جينيٽڪس بابت سٺو سلسو آهي پر انکي ترتيب سان رکو. قسطون اڳتي پوئتي ٿي ويون آهن. توهانکي شاباس آهي هن سٺي محنت تي.

    ReplyDelete