Friday 1 May 2020

عالمي وبائون

عالمي وبائون

”امتياز علي“

اسان هڪ اهڙي دنيا جا رهواسي آهيون جنهن ۾ الڳ ٿلڳ ڪير بہ ناهي. روزانو جي انٽرنيشنل ٻاهرين اڏامن جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ آهي. ان ذريعي ماڻهو هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڏانهن سفر ڪندا آهن ۽ پاڻ سان گڏ ان ننڍڙن وڏڙن جاندارن کي بہ وٺي ويندا آهن جيڪي ان جي جسم ۾ رهندا آهن. دنيا جي هڪ شهر کان ٻئي شهر جو سفر جيڪو ڪڏهن مهينن جو هوندو هيو، هاڻ ڪلاڪن جو آهي. گلوبلائزيشن جو دور صرف انسانن جو ناهي، جراثيمن جو بہ آهي.

۽ هڪ واري بيماري ڦهلائڻ وارو وائرس پنهنجي سواري تي ٻي جڳھ تائين پهچي وڃي تہ ان کي ڦهلائڻ ۾ صرف هڪ نِڇ جو ڪم آهي.

قديم طِرز زندگي ۾ انسان خانا بدوشي واري زندگي گذاريندا رهيا. آباديون ايتريون ڪون هونديون هيون تہ جراثيم الهائي دير تائين پنهنجي آبادي ڦهلائيندا رهيا. ڏھ هزار سال پهريان اچڻ واري زرعي انقلاب کانپوءِ آباديون وسڻ شروع ٿيون. ماڻهن هڪ جڳھ مستقل طور تي رهڻ شروع ڪيو. جانور پالڻ شروع ٿيا. بيڪٽيريا ۽ وائرس جو ڦهلجڻ آسان ٿي پيو. ڍور ڍڳا ۽ انسانن جي وچ انهن جو مٽا سٽا ٿيڻ لڳو. وبائون ڪنهن وجھ ۽ ڪنھن صورت ۾ اينديون آهن. مثال جي طور تي، 2010ع ۾ هيٽي ۾ تباھي مچائيندڙ زلزلو آيو. جنهن ۾ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ۽ عارضي پناھ گيرن کي ڪيمپن ۾ رهڻو پيو. چند هفتن ۾ هي ڪيمپ هيضي جي وبا هتان کان پوري ملڪ تائين ڦهلجي وئي.

پر وبائي مرض جي سڀ کان وڏي وجھ وائرس رهيو آهي. خسرو، فلو، ايڇ آئي وئي جهڙا وائرس. جڏهن انهن جو ڦهلاءُ مقامي سطح کان نڪري ڪري دنيا جي وسيع جڳهن تائين هليو ويندو آهي تہ ان کي (Pandemic) چيو ويندو آهي.اهڙيون وبائون انساني تاريخ ۾ اينديون رهنديون آهن. انهن ۾ گهڻئي پنهنجي شڪار ٿي وڃڻ وارن جي هڏين ۽ ٽِشو ۾ نشان ڇڏيا آهن جنن کي اسان ڄاڻي وٺندا آهيون. ڪيترا شاهد پراڻن ڊي اين اي ۾ محفوظ آهن. مثلن سائنسدانن تپدق جي بيڪٽيريا جو پتو قديم مصري ممي مان لڳائي ورتو. ۽ 2011ع ۾ لنڊن ۾ طاعون Plague جي شڪار هئڻ وارن هڪ ڳَڙھ  مان ملڻ واري باقيات کان هن جراثيم يرسينا پسٽس جو پورو جينوم ٺاهيو ويو. اهو بيڪٽيريا جيڪو يورپ جي ڪاري موت جو ذميدار هو. اندازو آهي تہ چوڏهين صدي ۾ طاعون Plague جي شروعات چين کان 1340 جي ويجهو ٿي هئي. گذرگاھ ريشم سان گڏ هي چين کان مغرب ۾ پهتو. هن تجارتي قافلي سان گڏ جيڪو منگوليا کان ڪريميا وڃي رهيو هو. 1347 ۾ هي بحيري روم تائين پهچي چُڪو هو ۽ 1400 تائين هي ساڍي ٽي ڪروڙ ماڻهن کي ماري چڪو هو. ماهرن ان کي ان کانپوءِ عظيم موت يا ڪاري موت جو نالو ڏنو.

جيڪو مرض سڀ کان وڌيڪ موتن جو سبب بڻيو، اهو انفلوئنزا هو. فلو سڄي دنيا ۾ مسلسل اتري ۽ ڏکڻ ڪَرَ ۾ چڪر لڳائي رهيو آهي. ڊسمبر، جنوري، فيبروري ۾ هن جو عروج اتر جڏهن تہ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هن جو عروج ڪَري ۾ هوندو آهي. هڪ سال ۾ الهائي ماڻهن کي متاثر ڪندو آهي. جيڪڏهن هن سال ٻار ۽ پوڙها ان جي خلاف ڪجھ مدافعت حاصل ڪري وٺندا آهن تہ ٻئي سال ان جي گهڻائي گهٽ ٿي ويندي آهي. پوءِ ان ۾ ڪجھ تبديلي ٿي وڃڻ سان ان جي اڳئين سال ان جو زور وڌيڪ رهندو آهي. هر ويھ کان چاليھ سال کانپوءِ ڪنهن ڊرامائي ميوٽيشن، ڦير گهير جي وجھ سان هي خطرناڪ ٿي ڪري ايندو آهي. خاص طور تي هي پالتو جانورون جي وجھ جي ڪري ٿيندو آهي. مثلن، جڏهن بدڪ يا ڪڪڙ جو وائرس ڪنهن ڍور ڍڳي جي وائرس سان گڏ ملاقات ڪري جينز جو مٽا سٽا ڪري. ان کي اينٽي جينڪ شفٽ چيو ويندو آهي. ۽ هي عمل انساني تاريخ ۾ الائي ڀيرا ٿيندو رهندو آهي.

پهرين عالمي وبا جيڪا رڪارڊ تي آهي، 1580 ۾ ٿي هئي. ارڙهين ۽ اُڻويھ صدي ۾ اهڙيون ڇھ لهرون آيون پر موتن جي انگن ۾ ڪا بہ 1918 ۾ فلو جي وبا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ رهي. برصغير ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن جي موتن جو سبب بڻجڻ واري هن وبا جي تفصيل هيٺيان ڏنل لنڪ ۾ آهي. هي وبا اپريل 1919 تائين تباهي مچائيندي رهي.
۽ هي پنج ڪروڙ موتون ان وقت ٿيون جڏهن وائرس جهازن جو سفر نہ ڪندا هئا. هاڻ وائرس جي لاءِ هي سفر پهريان کان وڌيڪ سولو آهي. انهن جي لاءِ تيز رفتار ريل گاڏيون ۽ جهاز سڀ ڪجھ موجود آهن.

فيبروري 2003 ۾ هانگ ڪانگ جي ميٽروپول هوٽل ۾ هڪ چيني ڊاڪٽر پهتا. انهن جي طبيعت ڪجھ ٺيڪ نہ هئي. انهن خبرچار نہ ڪيو هو پر انهن جي جسم ۾ جانورن کان اچڻ وارو نئون وائرس (SARS) ڪرونا وائرس موجود هو. ڪمرو نمبر 913 ۾ چيڪ اِن ڪرڻ جا چوويھ ڪلاڪن جي اندر ان هوٽل ۾ موجود سورهن وڌيڪ مهمان هاڻ ان وائرس جا ميزبان ٿي چڪا هئا. اڳئين ڪجھ ڏينهن ۾ انهن مان پنج ڄڻن کي ٻئين ملڪن ۾ سفر ڪرڻو هو. سنگاپور، ويٽ نام ۽ ڪينڊا تائين تائين هي وائرس انهن جي ذريعي پهچي ويو.

جلد ئي فلائٽون روڪيون ويون. ڪيترائي ايمرجنسي اپاءَ ورتا ويا. وڏي تباهي کان بچت ٿي وئي. اڳئين چار مهينن کانپوءِ جڏهن وائرس جو زور ٽُٽي ويو تہ هي وائرس 29 ملڪن ۾ ماڻهن کي متاثر ڪري ڇڪو هو. هڪ هزار کان وڌيڪ موتن جو سبب بڻجي ويو هو.

هن وائرس تي قابو گهڻو جلد ڪيو ويو. عالمي وبائن جي لحاظ کان ان جو اثر گهڻو گهٽ رهيو. پر هن واري هڪ ٻي ماحول ۾ ٿي ڪري سامهون آيو. جتي انفارميشن جي ٽيڪنالوجي اسان کي آگاهي جو تحفو ڏيندي آهي ۽ ان هن وبا کي روڪڻ ۾ بہ مدد ڪئي. اتي ئي هي  خوف ۽ حراس جي ڏکائي جو سبب بہ بڻجندي آهي. هن تي بريڪنگ نيوز ۽ وڄڻ وارن الارامن جو ڪجھ بہ نہ ڪري سگهبو هو. ڪيبل تي هلڻ واريون خبرون ۽ انٽرنيٽ تي بلاگر هِسٽيريا جي ٻرندڙ ۾ تيل جون بالٽيون وسڪارو رهيا. هي بنيادي خيال، ڪانسپريسي ٿيوريز جو پرچار ٿيندو رهيو. هانگ ڪانگ ۽ ٻين متاثر شهرن ۾ ڪاروبار زندگي متاثر ٿي ويو هو. هانگ ڪانگ جون ڪاروباري سرگرمين ۾ ڏھ ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. (ماسڪ ٺاهڻ وارو شايد واحد بزنس هو جنهن کي نقصان نہ ٿيو هجي).

سارس ڪورونا وائرس ان شيءِ جي يادگيري هئي تہ (Pandemic) ۽ (Panic) گڏ ئي ايندا آهن. عالمي وبا ننڍڙي جڳھ کان شروع ٿي ڪري ڊرامائي نقصان پهچائڻ جي اهليت رکنديون آهن جيڪو ڪنهن قدرتي آفت يا ڪنهن جنگ جي برابر ٿي سگهي ٿو. خطرناڪ عالمي وبا جو امڪاني خطرو اصل آهي ۽ وڏو خوف بہ.
چوڏهين صدي جي ڪاري موت ۽ اڄ جي دنيا ۾ هڪ فرق سائنس جو آهي. سائنس اسان کي انهن جي جلد نشاندهي جو ۽ روڪڻ جو موقعو ڏيندي آهي. ان سان گڏوگڏ (Panic) ڦهلائڻ، نوا نوا عجيب نظريا مڙئي ڪري ڦهلائڻ ۽ پريشاني کي هوا ڏيڻ جا اوزار پڻ...!!!

فلو تي 

No comments:

Post a Comment