Thursday 30 April 2020

ريل تي باجا ۽ بائيولوجي جو نامعلوم جين (1)

ريل تي باجا ۽ بائيولوجي جو نامعلوم جين (1)

ڪرسچن ڊوپلر آسٽرين سائسندان هيا، 1842 ۾ اڻيتاليھن جي ڊوپلر جن رياضياتي منطق کي استعمال ڪندي نتيجو ڪيو تہ آواز جي پچ يا روشني جي رنگ جو آڌار مشاهدي ڪرڻ واري جي جڳھ ۽ رفتار تي آهي، جيڪڏهن آواز جو بنياد ٻڌڻ واري جي طرف اچي رهيو آهي تہ دٻاءُ ٿيڻ جي وجھ سان آواز جي پچ گهڻي جڏهن پري وڃڻ جي صورت ۾ گهٽ ٿيندي، نقادون جن مذاق بڻايو، اهو وري ڪيئن ممڪن آهي تہ هڪ ئي ليمپ مان نڪرڻ واري روشني جا رنگ مختلف نظر اچن؟ 
ڊوپلر جن 1845 ۾ باجو وڃاڻ وارن جي هڪ بينڊ کي ريل تي کنيو ۽ انهن کي چيو تہ جڏهن ريل هلي تہ هڪ ئي نوٽ وڃائيندا رهن، پليٽ فارم تي بيٺل ماڻهون حيرت ۾ ٻڌندا رهيا تہ جڏهن ريل انهن جي طرف اچي رهي هئي تہ ھي نوٽ وڌيڪ ۽ جڏهن تہ جڏهن پري وڃي رهي هئي تہ گهٽ پچ سان گڏ هو 

ڊوپلر جو چوڻ هو تہ آواز ۽ روشني يونيورسل ۽ قدرتي اصولن جي تحت ڪم ڪندا آهن، ڀلي هو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ڪيترائي مختلف ئي خلاف عقل ڇو نہ لڳن، جيڪڏهن اوهان احتياط سان ڏسندو تہ دنيا جي گهڻائي ۽ ڳجھا لڳڻ واري فنامينا گهڻي ئي نظم واري فطري قانون جو نتيجو آهن، ڪيترائي ڀيرا اسان پنهنجي خيال ۽ سمجھ مان انھن کي سمجھي وٺندا آهيون پر گھڻو ڪري اسانکي ذهانت مان سڌارڻ وچ تجربا ۽ حالتن جي ضرورت پوندي آهي جيئن تہ باجو وڃائڻ واري بينڊ کي ريل تي کڻڻ، جو اسان انکي سمجهي سگهون 

ويانا ۾ سائنس وڌي رهي هئي، ڊوپلر فزڪس جا استاد هيا ۽ انجي هڪ شاگرد ڊوپلر جي طريقن کان گهڻو متاثر بہ ٿيا ۽ پريشان بہ، هي شاگرد مينڊيل هو، انجي دلچسپي بائيولوجي سان هئي پر بائيولوجي جي سائنس ۾ گهڻائي ڊسپلن لڳي رهي هئي، بائيولوجي ۾ ٽيڪسانومي پڙهي ويندي هئي، گهڻن شين کي ڪڻڪ، فائلم، ڪلاس، آرڊر، فيملي، جينرا ۽ قسم ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڪم ٿيندو هو، پر هي سڀ خالي ڪيٽگري ٺاهڻ وارو ڪم هيو، انجي پٺيان منطق ڇا هئي؟ ائين ڇو هو؟ ڪينگرو جو ٻچو ڪينگرو ئي ڇو ٿيندو آهي، چمڙي جو چمڙو؟ سونهری وارن ۽ نيرن اکين واري سونهری وار ۽ نري اک واري اولاد کي ۽ ڪاري  گهنڊيدار وارن Hair's جي گهر ڪارو ۽ گهنڊيدار وار وارا ٻچا ئي ڇو پيدا ٿيندا آهن؟ هي سڀ ڪجھ نامعلوم هو 
 
هي سوال صدين پراڻو هيا، فيثاغورث جن ان تي پنھنجي ٿيوري ڇهين صدي اڳ مسيح ۾ پيش ڪئي هئي، انجو بنيادي نڪتو هو تہ وارثت پيءُ کان ايندي آهي، نر يا سيمن پوري جسم ۾ ئي هدايتون گڏ ڪندو آهي، هر عضوي مان پراسرار بخارات جمع ڪندو آهي ۽ هڪ ماڻهون جي لائيبريري بڻجي ويندو آهي ۽ هڪ ماڻهون کي نپوڙڻ هوندو آهي، اک جو رنگ، وارن جي بناوت جهڙي هدايتن ان ۾ هونديون آهن 

هي ماءُ جي جسم ۾ وڃي ڪري جڏهن بيهجي وڃي تہ اتان کان غذا حاصل ڪندو آهي ۽ ائين ٻار وجود ۾ ايندو آهي، ان ٿيوري کي پوءِ اسپرم ازم جو نالو ڏنو ويو، ان ۾ مرڪزي ڪردار اسپرم جو هو، پيءُ ٻار کي”نيچر" ڏيندو آهي، ماءُ انجي پرورش ڪندي آهي، ان خيال جي پويان فيثاغورث جو ٽڪنڊو سان گڏ جنون هو، پنھنجي ٽڪنڊي جي رياضي جيان انجو فارمولو هي هو تہ انجي هڪ پاسي پيءُ جي نيچر آهي، ٻيو ماءُ جي نيچر ۽ انجي مدد سان ٽي سائيڊ پتو ڪري پئي سگهجي 

ارسطو جي تيز ۽ تجرباتي دماغ جن فيثاغورث جي وارثت جي ٿيوري کي بائيولوجيڪل دنيا مان تجرباتي ڊيٽا وسيلي غلط ڪوٺيو، وارٿتي فيچر هڪ يا ڪيترائي ڀيرا ٻہ نسلون ڇڏي ڪري بہ اچي سگهن ٿا، ڪيتريون ئي عادتون جهڙوڪ هلڻ ڦرڻ، خلا ۾ تڪڻ ڏسڻ يا ذهني حالت اهڙا فيچر ناهين جو اسپرم ۾ وڃي سگهن، ۽ جيڪڏهن ڇوڪري پيدا ٿي تہ پوءِ اها ڪيئن سڀ فيچر والد مان ڪيئن وٺي سگهي ٿي ارسطو جن متبادل خيال پيش ڪيو جيڪي پنهنجي وقت ۾ گھڻا اڳتي هيا، جنھن طرح والد جي طرف کان فيچر وارثت ۾ ايندا آهن، ائين ئي والدا جي طرف کان بہ ۽ نيو وجود انجي ملاپ سان آهي، جڏهن تہ والدا جي طرف کان ٻار جي بڻجڻ جو ميٽيريل ايندو آهي، وارثت حقيقتن پيغام جي منتقلي آهي، هي ٽڪنڊو ناهي، هڪ دائرو آهي، فارم مان انفارميشن ۽ انفارميشن مان فارم، 
ارسطو انکي ڪوڊ چيو هو، ۽ جيڪڏهن ارسطو جي ڪوڊ جي بنيادي خيال صحيح هيا پر جيڪڏهن وارثت انفارميشن جي منتقلي آهي تہ جي انفارميشن ڇا آهي؟ ڪٿي آهي؟ هزارين سال تائين ان سوال تي ارسطو ۽ فيثاغورث کان اڳتي نہ پئي پڙهيو وڃي سگهيو

هلندڙ.... 

No comments:

Post a Comment