Wednesday, 2 October 2019

ڪجھ نیبیولا بابت

ڪجھ نیبیولا بابت
:دريا خان
رات جي پھر ۾ زميني مٿاڇري ڏا جڳھ جڳھ تي اسانکي ستارا پئي نظر ايندا آهن هڪ ستاري کان ٻئي ستاري جي وچ واري وٿي کي انٽرسٽيلر اسپيس چئبو آهي اها وٿي ڪا خالي جڳھ ناهي ان ۾ گيسن جا ڪڪر موجود هوندا آهن ان گيس جي جزن مان سڀ کان گھڻي گيس هائڊروجن گيس موجود هوندي آهي انکان سواءِ ايليمينٽس عنصر بہ موجود هوندا آهن پر هي بہ ان گيس جي ڊينسٽي ڪثافت هر جڳھ تي هڪ جھڙي ناهي هوندي ڪٿي گهڻي ڪٿي گھٽ انٽرسٽيلر اسپيس ۾ جڳھ جڳھ موجود گيس جي انھن ڪڪرن کي نيبولا جمع نيبولائي چيو ويندو آهي هي ڪڪر مينھن واري ڪڪرن جئيان ناهين هوندا مينھن وارا ڪڪر گهڻو ئي ننڍا هوندا آهن نيبيولائي ۾ سج جي نسبتن هزارين سيڪڙو وڌيڪ ماس موجود ٿي سگهي ٿو ۽ انجو پکيڙ ڪيترن نوري سالن تائين ٿي سگهي ٿو هي نيبيولائي مختلف طرح جا ٿيندا آهن ۽ مختلف انداز مان ٺھندا آهن هڪ قسم ۾ انٽرسٽيلر ميڊيم ۾ پھريان کان موجود گيس وقت سان گڏوگڏ ٿڌي ٿي ڪري هڪ جڳھ گڏ ٿي ويندي آهي ۽ نيبيولا ٺھي ويندو آهي گيس جي ان وڏي ڪڪر ۾ ستارن جو جنم ٿيندو آهي ٿڌي گيس جا هي ڪڪر جيترا وڏا هوندا اوتري ڪشش بہ گھڻي هوندي ڪڪر ڪشش جي وجھ سان سڪڙجڻ شروع ڪندا آهن ۽ وڌ کان وڌ گيس مرڪز  طرف وڃڻ شروع ٿي ويندي آهي
سڪڙجڻ جي ان عمل جي دوران حرارت بہ پيدا ٿيندي آهي ۽ مٽيريل/مواد گرم کان گرم ٿيندو ويندو آهي شروعاتي حالت ۾ ان گرم مرڪزي حصي کي پروٽوسٽار چئبو آهي وقت سان گڏوگڏ هي مٽيريل/مواد ايترو گرم ٿي ويندو آهي جو ان ۾ هائيڊروجن جي فيوزن جو عمل شروع ٿي ويندو آهي ان ڏاڪي تي هڪ ستارو وجود ۾ ايندو آهي ڇوجو گيس جو ڪڪر گھڻو وڏو هوندو آهي ان ڪري سڀ جو سڀ مٽيريل/مواد ستاري جو حصو ناهي بڻبو مرڪزي ستاري جي ويجھو گھمندي باقي بچيل مٽيريل/مواد وقت سان گڏوگڏ ڪنڊينس گرم روشن ٿي ڪري سيارن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي اسانجو پنھنجو سولر سسٽم ڪجھ چار پوائنٽ ڇھ بلين سال اڳ مٿي بيان ڪيل عمل ذريعي هڪ گھڻي وڏي گيس جي ڪڪر سان ٺهيو آهي
نيبيولائي ۾ جن جڳهن تي ستارا ٺهي رهيا هجن ان کي اسٽيلر نرسريز بہ چيو ويندو آهي هيٺ پھرين تصوير ۾ اوهانکي اورائن نيبيولا ۽ ان ۾ چمڪندڙ ستارا نظر اچي رهيا آهن 
ٻئي قسم جا نيبيولا سپر نووا ڪارڻ ٺهندا آهن هڪ گھڻي وڏي ستاري جو مرڪزي حصو جڏهن ڪشش ڪارڻ کوليپس زوال ڪندو آهي تہ ان ستاري جو ٻاهر وارو حصو هڪ شديد ڌماڪي سان گڏ ڦاٽي ڪري هيڏا هوڏا ماحول ۾ پکڙجي ويندو آهي ۽ گيس جا هي ڪڪر هڪ نيبيولا بڻجي ويندو آهي ان ڌماڪي کي سپر نووا چئبو آهي ۽ ستاري جو مرڪزي حصو نيوٽرون ستارو يا بليڪ هول وغيرھ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي هيٺ ٻئي تصوير ۾ اوهانکي ڪريب نيبيولا سپر نووا مان ايتري روشني پيدا ٿيندي آهي جيڪي ڌماڪي جي ڪيترن ئي ڏينھن کان پوءِ خلا ۾ بنا ڪنھن دوربين سان بہ ڏسي سگهجي ٿي
نيبيولا جي ٽين قسم کي پلينيٽري نيبيولا چئبو آهي ستارن ۾ ڪشش ستاري جي مٽيريل/مواد کي مرڪز ڏا ڇڪيندي آهي ۽ هائڊروجن جي فيوزن جي عمل مان پيدا ٿيندڙ حرارت مٽيريل/مواد کي ٻاهر جي طرف ڏا ڦھلائيندي آهي ان طرح سان هڪ توازن قائم رهندو آهي پر جڏهن ستاري جي مرڪز ۾ هائڊروجن ختم ٿي وڃي تہ حرارت جي گهٽتائي جي وجھ سان ٻاهر جي طرف لڳڻ وارو زور گهٽ ٿي ويندو آهي ۽ ڪشش ستاري جي مرڪز کي وڌيڪ سڪوڙيندي آهي پر سڪڙجڻ جو هي عمل وڌيڪ حرارت پيدا ڪندو آهي هي حرارت ستاري جي ٻاهر واري مٽيريل کي ڦھلائڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ستاري جو ووليوم وڌي ويندو آهي ستاري جي ان حالت کي ريڊ جائينٽ چئبو آهي ٻاهر وارو مٽيريل ڦهلجي ڦهلجي مرڪزي حصي کان ڌار ٿئي ان جي ويجھو گڏ ٿي ويندو آهي ۽ پلينيٽري نيبيولا بڻجي ويندو آهي جڏهن تہ مرڪزي حصو سڪڙجي سڪڙجي اڇو وائٽ ڊوراف ۾ بدلجي ويندو آهي اسانجي سج جو بہ آخري انجام ائين ئي ٿيندو ٽين تصوير ۾ اوهانکي هيليڪس نيبيولا نظر اچي رهيو آهي مرڪز ريڊ جائيٽ آهي ۽ ٻيا گيس جا ڪڪر انجي ويجھو موجود آهن

#Nebula  #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment