موت کانپوءِ قاتل ڪير.!؟
”امتياز علي“
هو قتل ڪيو ويو هو. ڪنهن کي ان جي لاش ملي هئي. اهو انصاف جو طالبگار آهي پر ان وٽ ٻين کي پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائڻ جو طريقو صرف ان جو جسم آهي. پوليس ۽ فرانزڪ ماهر پهچي چڪا آهن. اهوئي ان جو جائزو وٺي رهيا آهن. ڇا ٿيو هو؟ ڪڏهن ٿيو هو؟ ان جي اک سان، ان جي جسم سان وڏي احتياط سان گڏ ٽِشو گڏ پيا ڪيا وڃن. پد ڏٺو پيو وڃي. پر ان کي ڏسي ڪري ماهر ڪيئن ٻُڌائيندا؟ ان جي ڪري اسان هتان کان ڪجھ پري يونيورسٽي آف ٽينسيس ميڊيڪل سينٽر جي تحقيقاتي مرڪز هلنداسين جنهن کي 1981ع ۾ قائم ڪيو ويو.
اڍائي ايڪڙ تي هي خاردار تارن سان الڳ ڪئي وئي آهي، وڻن سان ڀريل جڳھ آهي. ڪڏهن ڪئي نوريئڙا ڀڄندي نظر اچي ويندا آهن ۽ ساون گاھن جي ميدان ۾ سج جا ڪِرڻا جُهمي رهيا آهن. هتي جي روشني ۽ ساوڪ ۾ ڪجھ جسم ليٽيل آهن، اهي زندھ ناهن. هي پنهنجي طرز جي واحد ريسرچ سينٽر آهي، جيڪو صرف موت کانپوءِ جسم تي ٿيڻ واري ٽُٽڪ ڦُٽل جي تحقيق لاءِ جوڙيو ويو آهي. ليٽڻ وارن پنهنجو جسم تحقيق جي لاءِ عطيو ڪري ڇڏيو هو. ۽ هي خاموشي سان ڪِرمينل فرانزڪس جي سائنس جي اڳڀرائي ۾ مدد ڪري رهيا آهن. اسان جيترو وڌيڪ ان شيءِ کي بهتر ڄاڻي وٺنداسين تہ موت کانپوءِ جسم سان گڏ ڇا ٿيو آهي. ڪهڙي ڪيميائي ۽ بائيولوجيڪل پراسس هوندا آهن، ڪيترو عرصو رهندا آهن، ڪهڙي طرح جو ماحول انهن تي اثر ڪندو آهي ايترو ئي بهتر ڄاڻي سگهنداسين تہ ان جي موت ڪڏهن ٿي هئي. سالانو، سئو ڄڻا پنهنجو جسم ان فيسلٽي جي لاءِ عطيو ڪندا آهن.
پوليس هاڻ ان جو گھڻو سٺو اندازو لڳائڻ جي قابل آهي. پهريان چوويھ ڪلاڪن ۾ اک جي جيل جو پوٽاشيم ليول ئي ٻُڌاءِ ڇڏيندو آهي. الگور مورٽس، جيڪو جسم جي پد ۾ هئڻ واري في ڪلاڪ تبديلي آهي. ان ڳالھ کي ٻڌاءِ ڇڏيندي آهي. جسم جي حالت جو گھڻو وڌيڪ آڌار ان تي آهي تہ صورتحال ڪهڙي هئي. جسم کي دفنايو ويو هو؟ ڪهڙي طرح؟ پد ڇا هو؟ يونيورسٽي آف ٽينيسي جي آنٿروپولوجيڪل ريسرچ فيسلٽي ڪجھ کي گهٽ هيٺ زمين ۾ دفن ڪيو آهي. ڪجھ کي گاڏي جي ڊگي ۾ رکيو آهي. ڪجھ کي پلاسٽڪ جي ڪور ۾. ڪجھ کي پٿرن جي هيٺيان. ڪجھ کي پاڻي ۾. هر اها صورتحال جيڪو قاتل جسم سان گڏ ڪري سگهن ٿا، ان يونيورسٽي جي محققين اهوئي ڪري رهيا آهن.
انهن حالتن جي اثر کي سمجهڻ کان پهريان بنيادي انساني سڙڻ کي سمجهڻ ضروري آهي. هتي محققين ڪيتري ئي وقت کان ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ اها ئي اها جڳھ آهي جتان کان قانون لاڳو ڪرڻ وارن آفيسرن جي تربيتي ڪورس ٺهندا آهن ۽ ڏنا ويندا آهن.
جسم ۾ ٽُٽڻ ڦُٽڻ جي شروعاتي مرحلو آٽولوسز چوَرائندي آهي. ان کي پاڻ کي هضم ڪرڻ بہ چئي سگهجي ٿو. انساني خليا ماليڪيولز کي ٽوڙڻ جي لاءِ اينزائم استعمال ڪندا آهن. ان سان مختلف ڪمپائونڊز کي پنهنجي استعمال جي شين ۾ ٽوڙي سگهجي ٿو جنهن کي خليو استعمال ڪري سگهي ٿو. جڏهن تائين زندگي هئي، خليا ان اينزائم کي قابو ۾ رکندا آهن. ڪٿي هي خليا پنهنجي ڀِت کي نہ ٽوڙي ڇڏين. موت کانپوءِ هي قابو بہ ختم ٿي ويو. هي اينزائم ڍانچو ٽوڙڻ لڳا. خلين جي اندر جو ليڪوئيڊ لِيڪ ٿيڻ لڳو. ان جي نتيجي ۾ جلد جسم مان لهندي آهي. فرانزڪ ان عمل کي گلوونگ چوندا آهن.
مکيون هتي بيدا ڏيئي وينديون. انهن جڳهن تي، جتان کان جسم جي اندر وڃي سگهجي ٿو. اک، مُنهن، زخم وغيرھ تي. ان جي ٻارن کي ان چمڙي جي هيٺيان جي چرٻي پسند آهي.
اينزائم جي وجھ سان جيڪو ليڪيوئيڊ نڪتو هيو، ان جسم ۾ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هي جسم جي اندر موجود بيڪٽيريا جي ڪالونين تائين پهچڻ لڳو آهي. هڪ گهرڙي جاندارن جي لاءِ هي عيش جو وقت آهي. انهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ وارو مدافعتي نظام پهريان ئي بند ٿي ويو هو. ۽ هاڻ پاڻياٺ ان کي مناسب آهي جيڪو آنڊن جي لائننگ سان انهن کي ملي رهيو آهي. خوراڪ جي پسندي آهي. ان جي تعداد تيزي سان وڌي رهي آهي. پاڻياٺ خالي ان جي خوراڪ آهي بلڪي اچ وڃ جا ذريعا جسم ۾ هر جڳھ پهچي رهيا آهن. اڳيون مرحلو اچي رهيو آهي. هي ان جسم جي سڄڻ جو آهي.
بيڪٽيريا جي زندگي جو مدار خوراڪ آهي. ان جو مُنهن يا آنڱريون تہ ناهن هونديون پر هي کائيندا آهن هضم ڪندا آهن ۽ فالتو مادن جو نيڪال ڪندا آهن. اسان جيان هي خوراڪ کي سادن ٽُڪڙن ۾ ٽوڙيندا آهن. اسان جا اينزائم گوشت کي پروٽين ۾ ٽوڙيندا آهن. آنڊن جي بيڪٽيريا ان پروٽين کي امينو ايسڊ ۾ ٽوڙيندا آهن. جڏهن اسان مري ويندا آهيون تہ انهن جو اسان جي خوراڪ تي آڌار ختم ٿي ويندو آهي. اسان پاڻ انهن جي خوراڪ بڻجي ويندا آهيون. ان عمل جي دوران هي گيس پيدا ڪندا آهن. ائين ئي جيئن اسان جي جسم ۾ پيدا ٿيڻ واري گيس آنڊن جي بيڪٽريا جو فالتو مادو آهي. بيڪٽيريا اهو ئي ڪم سٺي نموني سان جاري رکيون ويٺا آهن. فرق خالي ايترو آهي تہ جڏهن اسان زندھ هوندا آهيون تہ ان کي ڪڍيندا رهندا آهيون. مري وڃڻ کانپوءِ معدي جا مشڪ ڪم ناهن ڪندا، هي جمع ٿيندي پئي وڃي جسم کُلندو رهندو آهي. اثر هر جڳھ آهي سڀ کان ظاهر پيٽ آهي. بيڪٽيريا جو انگ اتي سڀ کان وڌيڪ آهي.
جنهن مکين بيدا ڏنا هئا، ان جا لاروا بہ مصروف آهن، انهن جي کائڻ جي آواز ٻُڌي سگهجي ٿي.
هڪ هفتي ۾ هي مرحلو ختم ٿي ويندو آهي. ان کانپوءِ سڙڻ جي عمل (Putrefaction) جي واري آهي. ان ۾ بيڪٽيريا ٽِشو کي ٽوڙي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪير زمين ۾ دفن آهي تہ اهو زمين جو حصو بڻجي رهيو آهي. نظامِ هاضمو ۽ ڦڦڙ ان جا پهريان شڪار هوندا. هتي بيڪٽيريا جو انگ وڌيڪ آهي. دماغ بہ جلد ئي هليو ويندو. هي گهڻو جلد پاڻياٺ بڻجي ويندو آهي.
مشڪن کي کائڻ وارو بيڪٽيريا بہ هوندا ۽ بيٽل بہ. چمڙي کي ڇا ٿيندو آهي؟ ان جو سڀ کان وڌيڪ آڌار موسم تي آهي. رنگ بدليندي، خشڪ ٿيندي هي بہ ان عمل جو شڪار آهي.
۽ هي انساني ڍانچي جي ڪهاڻي آهي مٽي ۾ ملي ڪري مٽي ٿي وڃڻو آهي...!!
هي اينزائم ۽ خليا، بلغم ۽ روڳ، وهي وڃڻ وارا پاڻياٺ ..... اسان بائيولاجي آهيون. پنهنجي ڄمڻ جي وقت کان پنهنجي موت تائين...... ۽ ان جي وقفي ۾ اسان هر اها ڪوشش ڪندا رهندا آهيون تہ ان حقيقت کي ويساري ڇڏيون...!!
ان تحقيق مان حاصل ٿيڻ واري علم. هتي ٺاهڻ واري تربيتي پروگرام وڏيون ڳجھيون سمجهائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. واقعاتي شاهد تحقيق جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندا آهن. واقعاتي شاهد ڪيترن گناهن کي غلط سزا هئڻ کان بچايو آهي. ڪيترن ڏوهارين جي خلاف گواهي ڏني آهي.
ڇا اسان جي وڪٽم کي انصاف ملي ويو..!؟
خبر ناهي. نوڪس ول جي ان ميدان ۾ آرام ڪرڻ وارن ۽ ان تي ڪم ڪرڻ وارن پنهنجي ڪوشش تہ ڪئي آهي....!!!!
No comments:
Post a Comment