(2)بائيولوجي بنيادي سوال، جين
ترجمو دريا خان...
ڪا بہ خاصيت ڪنھن والدين کان ٻارن ۾ ويل هوندي آهي؟ آخر والدين ۽ ٻار هڪجھڙا ئي ڇو هوندا آهن؟ ان تي جيڪو خيال گهڻو عرصو مشهور رهيو، اهو هي تہ اسپرم جي اندر ئي ننڍڙو انسان هوندو آهي، پوري طرح بڻيل جيڪو هڪ ننڍي پيڪج ۾ هوندو آهي ۽ هي انسان بڻبو آهي، هي ننڍو انسان هومنڪلس آهي، ۽ ان ننڍي انسان جي پنهنجي اندر انهن کان اڳئي نسل جا انسان آهن ۽ ايئن اهو سلسلو رهندو آهي، هي سڀ ڪجھ پهرين انسان سان گڏ ئي رکيو ويو آهي، انساني نسل جي شروعات تي سڀهي انسان ان طريقي سان زمين تي اچي ويا هيا، هڪ جي اندر بند اڳيون هومنڪولس، هي ٿيوري ان ڀاڳي مشهور رهي جو مائيڪرو اسڪوپ جي ايجاد ٿي وڃڻ کانپوءِ بہ ختم نہ ٿي، 1699 ۾ ڊچ مائيڪرو اسڪوپسٽ دعوي ڪئي تہ انھن کي انساني اسپرم ۾ ڪيترائي ننڍا انسان نظر اچي ويا آهن، هي اهو ئي خيال هو جيڪو ڪڪرن تي عڪسي منھن ڏسڻ ڏيندو آهي، سترهين صدي ۾ اسپرم جي تصوير ڪوپڙي ۽ انجي پويان لڳل هڪ وڏي وار جيان بڻائي ويندي هئي، هي پري فارميشن ازم جو خيال هو، ويل ڪوڊ نہ پورو انسان هوندو آهي
پري فارمیشن سان هرڪو راضي نہ هو، هي ان شيءَ جي وضاحت بلڪل بہ نہ پئي ڪيو تہ جڏهن اسپرم بيضي سان ملندو آهي تہ آخر ٿيندو ڇا آهي، انجو جواب 1768 ۾ برلن جي ايمبريو لوجسٽ ڪاسپر وولف جن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، انجو خيال ارسطو سان ملندڙ جلندڙ هو تہ ايمبيرو ۾ ڪا انفارميشن موجود آهي، ڪا هدايت موجود آهي
جڏهن بائيولوجسٽ، فلاسفر، مذهبي اسڪالر ۽ ايمبريولوجسٽ ارڙهي ۽ اڻويهي صدي ۾ گرمائي بحث مباحثو ڪري رهيا هيا تہ، حقيقت هي هئي ان سوال جي جواب لاءِ ارسطو ۽ فيثاغورث کان وڌيڪ اڳتي نہ پئي پڙهيو وڃو ٿي
اڻويھ صدي جي وچ اهو وقت هو جڏهن بائيولوجي هڪ ڄميل نظري لاءِ هوندي هئي جنهن ريت هڪ فزسٽ بال کي هوا ۾ حرڪت جي وضاحت ڪندو آهي، ائين بائيولوجي ۾ ڇو ناھي؟ بائيولوجي هڪ تسلسل، هڪ پراسس، هڪ پراگريشن، هڪ تاريخ جيان ڇو ناھي؟ هي سوال ڪرڻ وارا ٻہ ماڻهون هئا، ٻھي باغائي هئا، ٻنهي فطرت جي مشاهدن جو جوش رکندا هيا، ٻنهي ٿيولوجي کان بائيولوجي ڏا آيا هيا ۽ ٻنهي بائيولوجي جي بنياد کي سمجهڻ پئي چاهيو، مينڊيل جو سوال مائيڪرو اسڪوپڪ هو، هڪ نسل کان انفارميشن اڳئي نسل تائين ڪيئن ويندي آهي، ڊارون جو سوال ميڪرو اسڪوپڪ هو، جاندارن جي هزار نسلن ۾ انفارميشن پهچندي پهچندي بدلجي ڪيتري ويندي آهي؟ انهي ٻنهي جي پيش ڪيل خيال الڳ الڳ شين جو جواب ڏيندا هيا، پر وقت سان گڏوگڏ انهن ٻنهي جا وزن هڪٻئي جي ويجهو ٿيندا ويا، ۽ انھن جي جديد بائيولوجي جي سڀ کان اهم ملاپ کي جنم ڏنو، هي ملاپ جديد بائيولوجي جي بنياد بڻي، وارثت جي سمجھ جو هي نظريو ماڊرن سنٿيسز چورايو
بيگل تي ڊارون 27 ڊسمبر 1831 کي روانو ٿا، 20 آڪٽوبر 1835 کي گالاپاگوس ٻيٽ پهتا، ٻيٽن جي ان جهرمٽ ۾ پکين ۽ جانورن جي مشاهدي کان نڪرڻ واري خيالن کان انهن ٿيوري جوڙي، هڪ ٻيو سفر ويليس جن ڪيو هو، جيڪو برازيل جو هو ٻهي ئي بائيولوجي جي اهم ٿيوري تائين پهچي رهيا هيا، فطري چونڊ وسيلي ايوليوشن تي ڊارون ۽ ويليس جا پيپر هڪ جولائي 1858 ۾ لنڊن ۾ لينين سوسائٽي ۾ پڙهيا ويا، اهو ڪيترو اهم هو؟ انجو اندازو جلدي ئي ڪنھن کي نہ ٿيو، ايستائين جو لينين سوسائٽي جي صدر سال جي آخر ۾ راءِ ڏني تہ” بائيولوجي ۾ نئي دريافين جي حوالي سان 1858 هڪ بنجر سال رهيو آهي، ڪا بہ خاص دريافت ڏسڻ لاءِ ناهي ملي“، انجي اڳئين ورهين 24 نومبر 1859 جي جمعرات جي ٿڌي صبحو ڊارون جي ڪتاب” اوريجن آف اسپيشيز“ پڌري ٿي، جنھن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سائين عطا محمد ڀنڀور جن بہ ڪيو آهي، انجي قيمت پندرهن شلنگ جي قيمت رکي وئي، پهرين ايڊيشن جي ڇپجي وڃڻ واريون اڍائي سو ڪاپيون پهرين ڏينهن ئي کپي ويون،
ڊارون جو بريڪ ٿرو اهم هو پر نامڪمل هو، ان ۾ جيڪو خال سڀ کان وڏو هو، اهو هي تہ ان ۾ وارثت جي ٿيوري نہ هئي، آخر هڪ نسل کان اڳئي نسل تائين ڪا بہ خاصيت ڪيئن ويندي آهي؟
ڊارون پنهنجي غور ويچار مشاهدن ۽ ورهين جي فڪر کانپوءِ ايوليوشن جي ٿيوري تہ پيش ڪري ڇڏي هئي پر وارثت جو ان ۾ موجود نہ هجڻ ڊارون کي سڀ کان گهڻو پريشان ڪندو هو، وارثت جي اهڙي ٿيوري جي پائيداري ۾ بہ ڏنا ۽ تبديلي جي گنجائش بہ ، ڊارون ان تي جيڪو خيال پيش ڪيو اهو هي تہ جسم ۾ گيمولز وڌندا رهندا آهن جيڪي جسم جي حالت بابت انفارميشن کي گڏ ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ والد کان والدا جي شروعاتي جرم سيلز ۾ هي ائين ئي ملي ويندا جيئن رنگ جي ڊٻي ۾ رنگ ملندا آهن، ڊارون جو پيش ڪيل خيال ارسطو ۽ فيثاغورث جي خيالن جو ملاپ هو، ۽ پنھنجي ڪتاب”اوريجن آف اسپيشيز“ کان ڏھ سال کانپوءِ 1867 ۾ انجي ڪتاب”جانورن ۽ ٻوٽن ۾ قسم“ ۾ لکيو ويو
ڊارون جي ان ڪتاب ۽ پين جينيسز جي ٿيوري تي تنقيد غير توقع طور تي فليمنگ جينڪنز کان آئي جيڪو رياضيدان ۽ انجنيئر هيا، انھن هي ڪتاب تفصيل سان پڙهي هئي ۽ ان ۾ کليل غلطي ڪري ورتي هئي، جينڪنز نتيجي جي لاءِ ڪهاڻي پيش ڪئي، فرض ڪريو تہ هڪ اڇو ماڻھو ڪنهن اهڙي ٻيٽ Island تي پهچندو آهي جتي ڪاري رنگ جا ماڻهون رهندا آهن، اسان اهو بہ فرض ڪري وٺون ٿا تہ انکي بادشاھ بڻايو ويندو آهي، ۽ اهو گهڻيون ئي شاديون ڪري وٺندو آهي، ۽ ٻار پيدا ٿيندا آهن پوءِ بہ انجي ٻارن ۾ ان مان ٿوريون خاصيتون اينديون، ٻوٽن ۾ هڪ چار ڏهائي، انکان اڳيون، اٺون حصو ۽ ائين ڪجھ نسلن ۾ انجي” اڇي رنگ جي خاصيت “ ختم ٿي ويندي، ڀلي هي خاصيت ايتري ئي ڪارآمد ۽ فٽ ڇو نہ هجي جو انکي بادشاھ بڻايو وڃي ۽ پنهنجي خاصيتون اڳيان منتقل ڪرڻ جي لاءِ مدد ڪري” جينڪنز جي ڪهاڻي جو خلاصو هي هو تہ جيڪڏهن قسم اچي بہ وڃي تہ اها جلدي ئي سراسري بڻجي ويندي، قسم کانپوءِ هي جاري ڪيئن رهندو؟
ڊارون کي جينڪنز جي منطق، علم پريشان ڪري ڇڏيو، انھن لکيو”فليمنگ جي تنقيد مون لاءِ ڪنھن بہ مضمون کان وڌيڪ مفيد رهي آهي“ انجو مطلب ڇا هو؟ ارتقا کي ڪم ڪرڻ جي لاءِ وارثت جو طريقو رنگن جي ملاپ جهڙو نٿو ٿي سگهي، انفارميشن جا”ايٽم" گهربل آهن ناقابل ورڇ پيڪٽ جيڪي والدين کان ٻار ۾ وڃي سگهن.
ڇا اهڙي ڪنهن بہ طريقي جو ثبوت هو؟ جيڪڏهن ڊارون پنهنجي لائبريري کي سٺي طرح سان پرکي وٺي ها تہ هڪ مخفي ماهر نباتات جي مخفي جريدي ۾ پڌرو ٿيڻ وارو مخفي پيپر جو حوالو ملي وڃي ها جنهن جو عنوان”بوٽن کي ملائڻ تي تجربا“ هو جيڪو مشڪل جرمن زبان ۾ لکيو ويو ۽ رياضي جي ٽيبل مان ڀريل هو، 1866 ۾ لکيو ويندڙ ان پيپر کي جيڪڏهن ڊارون جي ذهانت گهڻو ڪري انھن کي ان جواب تائين پهچائي ڇڏي ها جنهن کي اهو ڳولهي رهيو هو ۽ يقينن اهو ان تي ڪئي ويندڙ محنت، سندرتا ۽ ان کان نڪرندڙ نتيجن کي تعريف ڏيڻ کان سواءِ نہ رهجي سگهجي ها بائيولوجي جو هي اهو مسئلو هو جنهن کي وڏي ئي محنت ۽ احتياط سان مٽر جي ٻوٽن جي مدد سان ڊاپلر جي شاگرد مينڊيل هڪ خانقاھ جي ميداني اراضي ۾ ورهين جي محنت سان حل ڪيو هو
هلندڙ....-.
No comments:
Post a Comment