Monday, 27 April 2020

مٽر جا داڻا، جين (3)

مٽر جا داڻا، جين (3) 

اگيسٽين جي خانقاھ جي هڪ مذهبي رھنما گريگور جوهان مينڊل کي ٻوٽن جو شوق هو انجو ٻيو شوق بائيولوجي هو 
مينڊل 1853 ۾ مٽر پوکيا، هي انهن پهريون ڀيرو نہ ڪيو هو، اهوئي پوئين ٽن سالن کان اتي تجربا ڪري رهيا هيا، مٽرن جون 34 قسمون گڏ ڪري چڪا هئا، پهرين انن جي بريڊنگ ڪري پڪ ڪرڻ هو تہ هڪ طرح جا مٽر پنھنجي اڳئي نسل اوئين ئي پيدا ڪندا آهن، اڳئي نسل پوئي جهڙي ئي هوندي آهي، هي ان جي تجربن جي لاءِ بنيادي ميٽيريل بڻيو 
جيڪڏهن ڊگهي ٻوٽي جو ملاپ ڊگهي سان ٿي، نتيجو ڊگهو هوندو، ننڍي جو ننڍي سان تہ ننڍو ٿيندو، ان طرح ڪجھ سٽ همورا ٻج پيدا ڪندا هيا، ڪجھ گهنج وارا، ڪجھ سائوا ۽ ڪجھ پيلا ، ڪجھ ۾ ڦري پڪئي ڪري ڊهلي رهجي ويندي هئي، ڪجھ ۾ مضبوط هوندي هئي، انھن ست خاصيتن جون لسٽ ٺاهي 

ٻج جي بناوت ۔ نرم یا گهنج واري
ٻج جو رنگ ۔ سائو يا پيلو 
گل جو رنگ - اڇو يا واڱڻائي 
گل جي جڳھ - ٻوٽي جي ڪناري تي يا ٽامي تي
ڦَريِ جو رنگ - سائو يا پيلو 
ڦَري جي شڪل - نرم يا گهنج واري 
 ٻوٽيِ جو قد - وڏو يا ننڍو 
ست خاصيتون ۽ ٻہ ممڪن صورتون” مينڊيل جن ٻن ممڪن صورتون چونڊ ڪري تجربا ڪيا، هويئن نہ تہ ھي صورتون وڌيڪ هونديون آهن“ انکي بائيولوجي ۾ allele چيو ويندو آهي، پيلو ۽ سائو رنگ جا اليل آهن، 
هڪ جهڙي اليل پاڻ جهڙي نسل پيدا ڪندا آهن پر جيڪڏهن انکي ملايو وڃي؟ 
هي تجربا گهڻي ئي مھارت ۽ محنت وارو ڪم هو، مٽر پاڻ پنهنجي پولن مان فرٽيلائيز ٿي سگهي ٿو، تجربي جي لاءِ انکي روڪڻ جي لاءِ مينڊيل کي پهريان هر گل تان اينٿر ڪٽڻا پوندا هيا، پولن، معني گل جو اٽو هڪ برش وسيلي هڪ گل کان ٻئي ۾ منتقل ڪرڻو پوندو آهي اهوئي اڪيلا ئي ڪم ڪري رهيا هيا، انھن هي اهڙا تجربا ڪوئن تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر چرچ ۾ ڪوئا پالڻ کان روڪي ڇڏيو هئو، مٽر پوکڻ تي ڪو مسئلو نہ هو، مينڊيل انجي لاءِ چرچ جي ٻاهر جي جڳھ کي استعمال ڪري ورتو 
 
ڪنٽرولڊ طريقي سان پهرين ملندڙ جلندڙ 1857 ۾ اچڻ شروع ٿي، اٺ سال تائين تجربا جاري رهيا. بونا، پولينيٽ ڪرڻ، ٽوڙڻ، کل لاھڻ، گڻڻ، ۽ انکي ورجائڻ، هي مينڊيل جي زندگي هئي، ننڍي سوچ کان وڏا اصول نڪرندا آهن، سائينسي انقلاب جي شروعات جي بنياد هڪ شيءَ تي هئي، ۽ اها هي تہ قائدا فطرت هڪ ئي جهڙا آهن ۽ هر جڳھ تي آهن، جيڪا قوت صوف ڪرائيندي آهي، بلڪل اها ئي سيارن جي ڦير بہ ڪرائيندي آهي، انهي طرح جيڪر هي مٽر جا داڻا ڪنھن يونيورسل وراثتي قانون جو پتو ڏيندا آهن تہ اهو ئي قانون انسانن تي ائين ئي لاڳو ٿيندو، مينڊيل جو باغ ننڍو هو پر اهو ڄاڻيندو هو تہ جنھن تي هو ڪم ڪري رهيا آهن، اهو گهڻو ڪجھ ٻڌائي ڇڏيندو. 
 مينڊل لکيو،” تجربن ۾ اڳڀرائي سست رفتاري کان ٿي رهي هئي، هي صبر وارو ڪم هو، مون پوءِ کوجي ورتو تہ جيڪڏهن هڪئي وقت ڪيترن ئي شين تي گڏيل ڪم ڪيو وڃي تہ اڳڀرائي تيز ٿي سگهي ٿي، ان سان ڊيٽا جو اچڻ تيز ٿيندو، جڏهن ڊيٽا ملڻ لڳو تہ آهستي آهستي ان مان پيٽرن، نمونا نظر اچڻ لڳا “، انن نمونن جو مستقل هئڻ، نسبت جو جاري رهڻ، عددن جو جوش... مينڊيل وارثت جي عقدي جي اندروني منطق کي حاصل ڪري ورتو هو 
پهريون نمونو سڃاڻڻ سولو هو، هائيبرڊ جي پهرين نسل ۾ خاصيتن جو ڪو ملاپ نہ ٿيندو هو، وڏي ۽ ننڍي ٻوٽي مان ڊگهو ٻوٽو ئي بڻبو هو، گول ٻج ۽ گهنج واري ٻج ۾ گول ٻج ئي بڻبا هيا، ستين خاصتين سان ائين هو، مينڊيل جن زور رهڻ واري خاصيت کي dominant - زور جڏهن تہ غائب ٿي وڃڻ واري خاصيت کي recessive - غائب ٿيڻ وارو چيو 

جيڪڏهن مينڊيل پنهنجا تجربا اتي ئي روڪي ڇڏي ها تہ وارثت جي ٿيوري ۾ هي بہ گهڻو وڏو حصو هجي ها، انکان اڻويھ صدي جي blend، ميل جول ٿي وڃڻ واري ٿيوري غلط ثابت ٿي وئي هئي، خاصيتون هڪٻئي مان ڊٻي ۾ مڪس هئڻ واري رنگن جيان ناهين ملنديون، هڪ اليل ٻئي تي زور رهندو آهي  
پر هي غائب ٿي وڃڻ واري خاصيت ڪاڏي وئي؟ ڇا انکي زور خاصيت ڳهي ورتو؟ مينڊيل جن ان تي تجزيو ڪرڻ جي لاءِ ٻيو تجربو ڪيو، هڪ هائيبرڊ کي ٻئي هائيبرڊ سان ملايو، ڊگهي ۽ ننڍي هائيبرڊ کي هڪ ٻئي ڊگهي ۽ ننڍي هائيبرڊ سان، هي ٻھي ٻوٽا پاڻ وڏا هيا پر ٽي نسل ۾ جيڪو ٿيو، اهو بلڪل ئي غير توقع هو، ننڍو قد ٽي نسل ۾ واپس اچي ويو هو، اڇا گل ٻئي نسل ۾ بلڪل غائب هيا، ٽي ۾ واپس اچي ويا هيا 

 مينڊيل جن چيو تہ هائيبرڊ حقيقتن مرڪب آهي، زور اليل آهي، جيڪو نظر ايندو آهي پر آن مڃائڻ اليل بہ ان ۾ پاتو ويندو آهي 
مينڊيل ٽي نسل ۾ نسبت کي ڳڻڻ شروع ڪيو، هر خاصيت ۾ نمونو نظر اچي رهيو هو، نر ۽ مادي مان اچڻ واري انفارميشن جر منتقلي جو علم ٿيڻ لڳو هو

مينڊيل جن 1857 کان 1865 جر وچ مٽرن جا داڻا ڇلي ڇلي ڊرمن جا ڊرم ڀري ورتا، انکي نوٽ بڪ تي لکندا ويا، نتيجا مستقل طور تي هڪ ئي جهڙا هيا، اٺاويھ هزار ٻوٽا، چاليھ هزار گل، چار لک مٽر... ايتري محنت ڪرڻ بهادري جو ڪم هو.”ھي مينڊيل جن پوءِ لکيو، هي هڪ باغائي جي سندرتا ۽ تيز مشاهدا هئا، جنھن بائيولوجي جي اهم ترين حصي جي وضاحت ڪري ڇڏي هئي،” وارثت والدين کان ٻارن ۾ انفارميشن جي پيڪٽس جي صورت ۾ منتقل ٿيندي آهي، هڪ اليل پيءُ کان ايندي آهي، هڪ ماءُ کان، اڳئي نسل جي هي بڻجندڙ مادي ۾ هي ٻھي پوءِ الڳ هونديون آهن ۽ انھن مان ھڪ جي چونڊ ٿيندو آهي، جيڪر ڪنهن فرد ۾ ٻہ مختلف اليل آهن تہ زور اليل جي 
خاصيت هوندي پر اها ٻئي کي اڳتي منتقل ڪري سگھي ٿو هي انفارميشن جا پارٽيڪل جاري رهندا آهن 
 
مينڊيل جن ڊوپلر کان مثال ورتو هو، شور جي پويان موسيقي آهي، افراتفري جي پويان قانون آهي، ۽ هڪ گهرو مضموعي تجربو... ٻوٽن جي طريقي سان افزائشِ... انهن رازن کي پڌرو ڪري سگھي ٿو، هي قسم بہ ہنگم ناهي، وارثت جي انفارميشن جا پيڪٽ آهن جيڪي هڪ نسل کان اڳتي ويندا آهن، هر خاصيت الڳ آهي ۽ ناقابل ورڇ آهي، مينڊيل جن وارثت جي ان يونٽ کي نالو تہ نہ ڏنو پر انھن جين جي دريافت ڪري ورتي هئي 
ڊارون ۽ ويليس جي پيپرز کان ست سال کانپوءِ 8 فروري 1865 جو مينڊيل جن پنھنجي پيپر پيش ڪيو، ٻن حصن ۾ لکيو ويندڙ ان پيپر کي هارين، ماهرن نباتات ۽ ماهرن حياتيات جي لاءِ لکيو ويو هو، چاليھ ماڻهوم ٻڌڻ جي لاءِ آيل هئا، ان پيپر ۾ ڪيترائي درجن ٽيبل ها، جيڪي ماهرن شماريات جي لاءِ بہ چيلينج هوندو ۽ بائيولوجسٽس جي لاءِ گھڻو ڪري فارسي هوندي، بائيولوجسٽ مورفولوجي پڙهندا آهن، رياضي نہ، فطرت ۾ رياضي جي موسيقيءَ جو تصور فيثاغورث کانپوءِ فيشن کان ٻاهر ٿي چڪو هو، ڪنهن پاران ان مان ڇا هٿ ڪيو؟ خبر ناهي

مينڊيل جو پيپر هڪ غير مشھور سالاني رسالي ۾ پڌرو ٿيو، خاموش طبع مينڊيل لکڻ ۾ بہ گهٽ هيا، پنھنجي ھڪ ڏهائي جي ڪم کي 44 پنن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، انجون چاليھ ڪاپيون مينڊيل پنھنجي لاءِ ڪرائيون ۽ ڪيترن ئي سائنسدان کي موڪليون
هڪ سائنسدان جي لفظن ۾،” انکان پوءِ جيڪو ٿيو، اُهو بائيولوجي جي تاريخ ۾ سڀ کان عجيب خاموشي هئي، 1866 کان 1900 جي وچ ان پيپر کي خالي چار ڀيرو سائٽ ڪيو ويو ۽ هي سائنيسي لٽريچر کان جهڙو گم ٿي ويو، اها اسٽڊي جنھن جديد بائيولوجي جي بنياد وڌي، اها هڪ وچ يورپ جي هڪ زوال ٿيندڙ شهر مان پڌري ٿيڻ واري هڪ رسالي جي پنن ۾ گم ٿي وئي. 

مينڊيل هڪ جنوري 1866 جو سوئٽزرلينڊ سان واسطو رکڻ واري پلانٽ فزيولوجسٽ ڪارل ناگيلي کي خط لکيو جنهن ۾ پنهنجي نتيجن کان آگاھ ڪيو، ٻن مهينن کانپوءِ ناگيلي جو جواب آيو، انھن ان ڪم کي ايتري اهميت نہ ڏني هئي،” ھي خالي تجرباتي نيتجا هيا، انجو ڪو منطقي بنياد نہ”منطق جي تجربن تي مٿانهون قرار ڏيڻ جي غلطي ڪيترا ڀيرا ڪئي وئي هئي 

مينڊيل اسرار جاري رکيو ۽ وڌيڪ خط لکيا، اهوئي ناگيلي جي حمايت جي آسري هئا،”موکي خبر آهي تہ منھنجا نيتجا اوهانجي جديد سائنس جي مطابق ناهي ۽ هي بہ تہ ھي مون اڪيلي جا ڪيا ويندڙ تجربا آهن“ پر ناگيلي جي لاءِ اهو مڃڻ ئي ڏکيو ٿي رهيو هو تہ ان طريقي سان فطرت جو هڪ گهرو ترین قانون، ۽ هڪ خطرناڪ قانون، دريافت ڪري سگهجي ٿو
ناگيلي هڪ ٻئي ٻوٽي تي اڀياس ڪري رهيا هيا، هي پيلي گلن واري ٻوٽي هاڪ ويڊ هئي، انھن مينڊيل کي چيو تہ هو پنهنجا نتيجا ان تي ٻيهر ڪري ڏيکارين، هي غلط چونڊ هئي، مينڊيل مٽر جي چونڊ گهڻي سوچ سمجھ سان ڪيو هو، هي جنسي طور تي پيدا ٿيندو آهي انجي خاصيتون سولائي سان سڃاڻپ ڪري سگھجن ٿيون، انکي احتياط سان گڏ پنھنجي مرضي سان پولينيٽ ڪري سگھجي ٿو 
نہ هي مينڊيل ۽ نہ هي ناگيلي ئي ڄاڻيندا هيا تہ هاڪ ويڊ غيرجنسي طريقي سان بہ نسل وڌائي سگهي ٿو، انکي ڪراس پولينيٽ ڪرڻ تقريبن ممڪن آهي، ۽ هائبرڊ گهڻا گهٽ پيدا ٿيندا آهن، انکان نڪرندڙ نتيجا بلڪل بہ سٺا نہ هيا، مينڊيل جن ان هائيبرڊز جو تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي مٽر جهڙا نمونا نظر نہ آيا، پنھنجي ڪوشش تيز کان تيز ڪئي هزارين ٻوٽيون پوکيون، انکي چمٽي ۽ برش جي مدد سان 1867 کان 1871 تائين انن تي تجربا ڪندا رهيا، خط ۽ ڪتاب جاري رکي، ناگيلي جي لاءِ هڪ ننڍي شهر جي مذهبي رهنما کي سنجيدو سائنسدان طور تي وٺڻ مشڪل هو 

نومبر 1873 جو مينڊيل جن ناگيلي کي پنهنجو آخري خط لکيو، انھن ٻڌايو تہ هو ناڪام ٿي ويا آهن ۽ هو نتيجا نٿا حاصل ڪري سگهن، چرچ ۾ انهن کي وڌيڪ ذميواريون ملي ويون ۽ هو هاڻي انتظامي ڪمن کي بہ ڏسندا 

سائنس مينڊيل جي توجھ کان هٽي وئي، هڪ انتظامي مسئلا ۽ پوءِ اڳيون، انجي خانقاھ تي لڳڻ وارا ٽيڪس وڌندا ويا، انتظامي معاملن ان شاندار سائنسدان جي سائنس جو ڳلو دٻائي ڇڏيو 
مينڊيل مٽرن تي هڪ ئي پيپر لکيو، انجي صحت 1880 کانپوءِ خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي، ڪم گهٽ ڪري ورتو، باغائي جو شوق جاري رهيو، 6 جنوري 1884 جو مينڊيل گڙدا فيل ٿيڻ سبب هلي پيا، مقامي اخبار انجي موت جي باري ۾ وڏي خبر لڳائي جنهن ۾ انجي سائينسي تجربن جو ڪو بہ ذڪر نہ هو، هڪ نواجون پادري انجي موت تي راءِ ڏني ،” شريف، مهربان ۽ پنهنجي مرضي ڪرڻ وارو، انھن کي گلن سان پيار هو“

هلندڙ....
بائيولوجي بنيادي سوال - جين (2)

No comments:

Post a Comment