Thursday 30 April 2020

جين جا ظلم (5)

جین جا ظلم ۔ جین (5)

بائيو لوجسٽ فرٽز لينز هڪ ڀيرو چيو هو” نازي ازم اپلائيڊ بائيولوجي هئي" جنوري 1933ع ۾ ايڊولف هٽلر تخت سنڀاريو هو، نازي نظري موجب نسلي هائي جين صحيح ڪرڻ ضروري آهي، انکي پيش ڪرڻ وارو پلوٽز جو چوڻ هو تہ جنھن ريت انساني پنهنجي هائي جين جو خيال رکندو آهي، ۽ پاڪيزگي حاصل ڪندو آهي، ائين ئي قومن کي ڪاٺ ڪٻاڙ ۽ فالتو ماڻهون ختم ڪري پنھنجي هائي جين جو خيال رکڻ ضروري آهي تہ جيئن هڪ صحتمند ۽ نج نسل بڻجي سگهي، جنھن طرح جاندار شيون پنھنجا خراب خليا قربان ڪري ڇڏينديون آهن، هڪ سرجن خراب عضوا ڪٽي ڪري اڇلائيندو آهي تہ جيئن جسم صحتمند رهي سگھي، ائين ئي هي رياست جو ڪم آهي اها عظيم مقصد ڪارڻ بي رحمي سان نقصانڪار جين آبادي ۾ ڦھلجڻ کان روڪي 

آمريڪا ۾ يوجينڪس ڪيمپ کلي چڪا هيا، جرمن يوجينڪس ان مان متاثر ٿي ڪري رياستي پروگرام جي تحت نقصانڪار جين آبادي مان ختم ڪري رهيا هيا، قيصر ولهلم انسٽي ٽيوٽ نسلي سائنس جو اڪيڊمڪ مرڪز هو، نسلي بائيولوجي جرمن يونيورسٽين جي خلاصي جو حصو بڻجي وئي هئي 

پلوٽز جا خيال هٽلر جيل ۾ پڙهيا هيا ۽ ان کان گهڻو متاثر ٿيا هيا، هٽلر جو خيال هو تہ ھي نقصانڪار جين قوم جي لاءِ سست زهر آهن ۽ هڪ مضبوط ملڪ جي بڻجڻ ۾ رنڊڪ آهن، حڪومت جي اچڻ کانپوءِ هٽلري کي انھن خيالن کي عملي ڪرڻو جو موقعو ملي ويو، حڪمران بڻجڻ جي پنج مهينن کانپوءِ سٽيريلازيشن جراثيم کان پاڪ ڪرڻ جو قانون بڻجي ويو،”جيڪو جينياتي مرض جو شڪار هوندو، ان تي آپريشن ڪري سگهجي ٿو“ وراثتي بيمارين جي لسٽ بڻائي وئي، ذهني ڪمزوري، شٽزوفرينيا،ڪوڙھ، ڊيپريشن، انڌائپ، جسماني معذوري ان ۾ آيون، اهڙي ماڻهون کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو هو، ڪورٽ مان اجازت ملڻ تي انکي جراثيم کان پاڪ ڪيو ويندو هو، ڀلي انجي مرضي هجي يا نہ. 

ان جي عوامي سپورٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ قانوني عمل سان پراپيگنڊا مهم شروع ڪئي وئي، سرڪاري اداري طرفان فلمون بڻايون ويون، داس اربي (ترڪ) ۽ اربڪرانڪ (وارثتي بيماريون) جهڙن مشهور ٿيڻ واريون فلمون سينيما ۾ هلون، هڪ معذور عورت جي ٿيڻ واري معذور ٻار جي وجھ سان ٻنهي جون زندگيون اجڙي وڃڻ جي غمگين ۽ جذباتي داستان گهڻي مشهور ٿي، هڪ ٻئي فلم اوليپا جنھن ۾ هڪ جرمن رانديگر جي پرفيڪٽ جسم جو جينياتي پختگي جو شڪار آهن، انجي جسماني صلاحيتن تي هرڪو شڪ ڪندي ڏيکاريو ويو. 

ٻئي پاسي نسلي صفائي جي حد آهستي آهستي ڦهلجندي وئي، نومبر 1933ع ۾ انجي هيٺ خطرناڪ ڏوهاري بہ آيا، انن خطرناڪ ڏوهارين ۾ سياسي مخالف، صحافي ۽ لکڻ وارا بہ هيا، آڪٽوبر 1935ع جي نورمبرگ قانون ۾ جرمن ماڻهن جا جين يهودين سان ملڻ تي پابندي هنئي وئي، يهودي آريا نسل سان ملاپ نہ پئي ڪري سگهيا، شادي ممنوع ڪئي وئي، يهودين جي گهرن ۾ جرمن عورتون جو ڪم ڪرڻ منع ڪيو ويو، 1934ع ۾ هر مهيني پنج هزار ماڻهون جراثيم کان پاڪ ٿي رهيا هيا، ٻہ سو وراثتي صحت جون عدالتون پورو ٽائيم اهوئي ئي ڪيس ٻڌي رهيون هيون، منظوري ملڻ ۾ ڪنهن دير جو شڪار نہ هيا، ڪيس ۽ اپيليون جلدي جلدي حل ڪيون پئي ويون 

آمريڪا ۾ هوجينڪس جي حامي جرمن پروگرام تي حسد ڪري رهيا هئا، لاٿراپ استوڊورڊ جن لکيو تہ” اسانجي رياست ڇو ايتري ڪمزوري آهي؟ اسانکي جرمن مثال مان سبق ماڻڻ گهرجي، باهمٿ قومون اهڙيون هونديون آهن 

سٽيرئلائزيشن - جراثيم پاڪ مان قتل تائين جو سفر خاموشي سان ٿيو هو، خبر بہ نہ پئي، 1935ع ۾ هٽلر ان پروگرام جي رفتار تي ناراضپو جو اظهار ڪيو هو، سڀ کان سٺو طريقو ڪمزور جين وارن کي ئي ختم ڪري ڇڏڻ هو پر انجو ري ايڪشن ڇا هوندو؟ هي موقعو 1939ع ۾ آيو، رچرڊ ۽ لينا ڪرشمار جن گذارش ڪئي تہ انهن جو ٻار يارهن مهينن جو آهي، انڌو آهي ۽ هٿ ۽ پير بہ ٺيڪ ناهين، انجو مضبوط جرمن قوم جي جينياتي پول ۽ نہ هجن گهرجي، انجي اجازت جلدي ملي وئي ۽ پروگرام کي ٻارن کي ختم ڪرڻ تائين جلد ئي وڌايو ويو، اهڙي ماڻهن جا چپ ٻڌي ورٽس چپ کائي ويو يعني” زندھ رهڻ جي لاءِ ناڪاور" هاڻي خيال هي هو تہ نسلي صفائي خالي مستقبل ۾ ئي ڇو؟ اڄ ئي ڇو نہ
 
انجي شروعات ٽن سالن مان گهٽ عمر جي  معذور ٻارن کي ختم ڪرڻ سان ٿي، سپٽمبر 1939ع تائين هي خاموشي وڌيڪ پکڙجي چڪو هو، ان کان اڳئي واري گهٽ عمر ڏوهارين جي آئي، ڊاڪٽر انهن کي جيتياتي حساب سان نقصانڪار چوندا هيا، ڪيترا ڀيرا گهڻي معمولي ڏوھ جي سزا بہ موت بڻجي وئي، ۽ پوءِ هي وڏن تائين پهچي ويو 
سڄي ملڪ ۾ ماڻهن کي ختم ڪرڻ جا مرڪز ٺاهيا ويا، باڊامار ۾ پهريون گيس چيمبر بڻيو، ڪاربن مونو آڪسائيڊ وسيلي موت ڏني ويندي هئي، سائنس ۽ ميڊيڪل ريسرچ جي نالي تي هي ڪيو ويندو هو،”انهن جي جسم جا عضوا، ٽشو ۽ دماغ محفوظ ڪيا ويا تہ جيئن انهن مان اسان سائنس کي اڳتي وڌائي سگهون،“ ڊاڪٽر انهن جي لاشن تي آپريشن ڪرڻ جي پريڪٽس ڪن پيا 

سٽيرئلائزيشن، جراثيمن کان پاڪ قانون جو نشانو 1933 کان 1943 جي وچ چار لک ماڻهون بڻيا 

”يهودي پن“ ۽ خانا بدوش ٿيڻ بہ ڪروموزوم جي وسيلي اڳتي منتقل ٿيندو آهي، جرمن سياسي ڪلچر ۾ اختلاف ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ روڪيو ويو هئو، جيڪو چيو ويو، هاڻ انکي ريسرچ مان ثابت ڪيو وڃڻ هو، انجي حق ۾ سائنيسي ثبوت کڻي اچڻ جي ذميواري قيصر ولهلم انسٽي ٽيوٽ جي هئي، اوٽمار وون ورشيور تحقيق مان پتو ڪيو تہ هسٽيريا ۽ چريائپ يهودين جي ڪارڻ آهن ۽ يهودي خودڪشيون بہ وڌيڪ ڪندا آهن،”موت جو فرشتو“ جي لقب سان مشهور هئڻ واري ڊاڪٽر جوزف مينگيل کي پي ايڇ ڊي ڏني وئي، وڏي ٽريجڊي اڃان اچڻي هئي. 
 
انهن معذورن سان گڏ جيڪو ڪجھ ٿيو، اهو گهٽ افسوسناڪ نہ هيو پر هي اچڻ واري وقت جي اڳيان گهٽ پئجي ويو، ڇھ ملين يهودي، ٻہ لک خانا بدوش، ڪيترائي ملين روسي ۽ پولش، ڪيترائي سياسي مخالف، آرٽسٽ، لکياري، اختلاف جي جرت ڪرڻ وارا ۽ نسلي صفائي جي عمل ۾ ماريا ويا. 
جينوسائيڊ جو لفظ جين مان نڪتو آهي، جين ۽ جينيات جي نالي تي نازيون پنهنجو ايجنڊا شروع ڪيو هو، انکي جاري رکيو هو، ۽ جواز بڻايو هو، وڏي خاموشي سان هي جينياتي تعصب نسلي قتل ۾ بدلي ويو هو، ذهني معذورن کي انسانيت جي رطبي مان ڪرايو وڃڻ پهريو ڪم هو 
 
جنهن طرح نازي وارثت جي زبان کي پنهنجي ايجنڊي جي لاءِ ٽوڙي مروڙي رهيا هيا، اھڙو ئي ڪم هڪ ٻيو يورپي رياست ڪري رهي هئي، وارثت ۽ جينز کي پنهنجي نظرياتي ايجنڊي جي لاءِ بلڪل مخالف سمت ۾ موڙڻ واري هي رياست سوويت هئي، کاٻي ٻانهن جي سائنسدان ۽ انٽلڪچوئل 1930ع جي ڏهائي ۾ تجوير پيش ڪري رهيا هيا تہ وارثت بي معني شيءَ آهي، هر شيءَ کي روڪجي وڃي سگهجي ٿو، هر ماڻهو بدلجي سگهجي ٿو، جينز شهري طبقي جو ڏنل رڃ آهي تہ جيئن شخصي فرق ظاهر ڪيا وڃن، رياست جو ڪم هر هڪ کي برابر ڪري ڇڏڻ آهي، ۽ سڃاڻپ مٽائي ڇڏڻ آهي، جنھن شيءَ جي صفائي جي ضرورت آهي، اها جين ناهي، دماغ آهن 

جنهن طرح نازي ڪري رهيا هيا، اهو ئي طريقو سوويت جو هو، غير معياري سائنس 1928ع ۾ لايسينڪو جن پاڻ کي ۽ پنهنجي سوويت آفيسرن کي مڃائي ورتو هو تہ فصلن کي بہ خاصيتون سکائي وڃي سگهجي ٿي،”جيننات پرستن جين جو تصور ڪوزو آهي تہ جيئن انڌي منڊي  ۽ ويجهو مئل شهري سائنس کي سهارو ڏئي سگهجي، هي سڀ فراڊ آهي.“

لائسنگو جي ٿيوري سوويت سياسي ايجندي سان مشابهت رکندي هئي، چانور ۽ ڪڻڪ جي شاڪ ٿراپي وسيلي ترتيب ڪئي وڃي سگهجي ٿي تہ سوويت عوام جي بہ ڪئي وڃي سگهجي ٿي، ۽ سياسي مخالفن کي بہ شاڪ ٿراپي سان صحيح ڪري سگهجي ٿو 

نازي ۽ سوويت هڪ ٻئي جا بلڪل مخالف طرف ۾ هيا، نازي نظري موجب جين قسمت هئي، هڪ خانا بدوش هڪ خانا بدوش هي آهي، سوويت بدلي وڃي سگهجي ٿي” هرڪو ڪجھ بہ بڻجي سگهجي ٿو.“

ڊارون ۽ مينڊيل سوويت يونين ۾ ممنوع ڪوٺيا ويا، لائسنڪو جي مخالف ڪرڻ واري سوويت سائنسدانن کي قيد خانن ۾ موڪليو ويو، عظيم سوويت ماهر جينيات نڪولائي واويلوف کي بدنام زمانو ساراٽوف جيل ۾ اڇلايو ويو، انهن تي بائيولوجي ۾ شهري نظريو پکيڙڻ جو الزم لڳو، انھن جو موت اتئي ئي ٿيو، 
نازي ازم ۽ لائسنڪو جي بنياد حياتياتي وارثت جي قائدن تي هئي، ٻھي هڪٻئي کان 180 درجي جي مخالفت تي هيا، ٻنهي ۾ انساني سڃاڻپ کي پنهنجي مرضي جي سياسي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو هو، جين ۽ وارثت جو واسطو رياست ۽ ترقي سان ٻڌايو ويو هو، سڀ ڪجھ وارثت آهي، نازي ازم جو مرڪزي خيال هو، سڀ ڪجھ مٽايو وڃي سگهجي ٿو، سوويت رياست جو مرڪزي خيال هو، رياستي جبر ۽ نظامن کي پنھنجي مرضي جي سائنس سان سهارو ڏنو ويو، ويهي صدي جي وچ ۾ جين، يا انجو انڪار، اهم سياسي ۽ ڪلچرل اوزار هو، هي تاريخ جو خطرناڪ خيال هو، ويهين صدي جو سڀ کان وڏو قتل عام ان ڪارڻ ٿيا 

نازي ازم جو سڀ کان بدنام ڪيمپ آشوٽز ۾ ڏھ لک يهودين، پولش، جپسي ۽ سياسي قيدين کي ماريو ويو، 27 جنوري 1945ع جو سوويت ريڊ آرمي ايستائين پهچي چڪي هئي، ست هزار قيدي آزاد ڪرايا وڃي سگهيا، اتي ماريا ويندڙ ۽ دفن ٿيڻ واري جي مقابلي ۾ گھڻا زندھ بچيا، ان وقت تائين يوجينڪس هڪ قابل نفرت لفظ بڻجي چڪو هو، نازي جينيات انسانيت تي هڪ وڏو زخم جو نشان هئي، نازيون جي سائنس ۾ آخري شرڪت يوجينڪس کي شرمندگي جي علامت بڻائي ڇڏيو هو، انجو پروگرام سڄي دنيا جي لاءِ ۽ اچڻ واري وقتن جي لاءِ سبق آميزو هو، آمريڪا ۾ يوجينڪس جو خاتمو 1939ع کان ٿي ويو ۽ 1945ع ۾ انجي جوشيلا سپورٽر بہ جيئن پنهنجي يادداشت جو هر حصو وڃائي چڪا هيا، يوجينڪس جي شروعات هڪ شاندار مستقبل جي خواب سان ٿيو هيو، انجو خاتمو تاريخ انساني جي خوفناڪ ترين باب جو خاتمو هو

پر هي جين ڇا هئي؟ خالي هڪ تصور آهي يا ڪا شي؟ انجي سڀ کان پهرين سراسري نظر برطانوي سائسندان ڏٺي هئي جيڪي فلو جو علاج ڳولهي رهيا هيا

هلندڙ....

No comments:

Post a Comment