Monday 6 January 2020

ناسا هن سال ٻہ هزار ويھ ۾ مريخ تي مريخي گاڏي موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو

ناسا هن سال ٻہ هزار ويھ ۾ مريخ تي مريخي گاڏي موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو
”دريا خان“

ھن سال مريخ تي وڃڻ لاءِ ناسا جي جديد ترز گاڏي مريخ ٻہ هزار ويھ روور کي پھريون ڀيرو دنيا آڏو پيش ڪيو ويو آهي، ڪجھ ڏينھن اڳ ٿيندڙ تقريب ۾ ماڻھن کي گهرايو ويو ۽ انھي مريخي گاڏي جو تعارف پڻ ڪرايو ويو
ان جديد گاڏي ۾ ٽيويھ ڪيمئرا ۽ ٻہ حساس مائيڪ لڳايا ويا آهن جيڪي انساني ڪنن جيان مريخ تي آواز ٻڌندا روور ڏسڻ ۾ هڪ ننڍي ڪار جي جسامت جيان آهي ۽ چوويھ ڪلاڪ ۾ هڪ سو اسي
ميٽر ئي اڳتي وڃي سگھندي روور کي توانائي پهچائڻ لاءِ ان ۾ جديد ترز ايٽمي ري ايڪٽر بہ لڳايا ويا آهن مريخ روور ۾ لڳايل روبورٽڪ هٿ مريخي سطح کوٽي ڪري انجو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهن. اها تقريب لاس اينجلس ويجھو جيٽ پروپلشن ليبارٽري جي گھڻي صاف سٿري بند ڪمري ۾ گاڏي هاڻ بہ اها اتي موجود آهي جنھن تي گذريل ھفتي ڪيتريون ئي ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون هيون، مريخ ٻہ هزار ويھ روور جولائي تي مريخ سياري ڏا موڪلي ويندي ۽ ستن مهينن کانپوءِ ٻہ هزار ايڪويھ تي اهو مريخ جي سطح تي لهندي ايئن مريخ تي پهچڻ واري اها پنجي روبورٽڪ گاڏي بہ هوندي، ميٽ ويلس موجب ان تي گھڻا حساس ۽ جديد اوزار پڻ لڳايا ويا آهن جيڪي مريخ جي ماحول جي مناسبت سان لاڳاپيل ۽ مريخ سياري تي زندگي جي کوجنا ۾ مدد ڏيندا ۽ اتان جي ارضياتي ۽ ڪيميائي ساخت بابت اسانجي معلومات ۾ اضافو ڪندا. اها معلومات انسانن کي مريخ تي موڪلڻ ۾ مددگار هوندي ڇوجو چنڊ کانپوءِ ناسا سميت ڪيترائي ادارا مريخ تي انساني پير رکڻ گھرن ٿا.

#ScienceJeDunya #Mars2020
https://www.facebook.com/ActualidadRT/videos/2552738118128148/

No comments:

Post a Comment