Tuesday 12 November 2019

سڀ جا سڀ تارا ڪٿي آهيو

سڀ جا سڀ تارا ڪٿي آهيو
”دريا خان“

تارن سان روشن رات زميني مٿاڇري کي غور سان ڏسڻ سان هر ڪو ڪجھ نہ ڪجھ محسوس لازمي ڪندو آهي. ڪڏهن چنڊ اڌ نظر ايندو آهي ڪڏهن وري پورو روشن ٿي اسان کي ڏسڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي تہ ڪڏهن شام جو سج اسان کان ڏور ٻين ماڻھن لاءِ روشن ٿيندو آهي ۽ اسان لاءِ ڳاڙهو منظر پيش ڪندو آهي، روشني سان ڀريل زميني مٿاڇرو گھڻو وسيع آهي پر حقيقتن اسان انکي ٿورو ئي پري ڏسي سگهو ٿا. گھڻي چٽي صاف راتين ۾ بہ اسان وڌ مان وڌ پنجويھ هزار تارن کي ئي ڏسي سگهو ٿا، جيڪو اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي تارن جو هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو. هي سڀ اهوئي تارا آهن جيڪي هڪ هزار نوري سال جي پنڌ تي يا انکان بہ گھٽ پنڌ تي موجود آھن. ھڪ ھزار نوري سال اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جو هڪ سيڪڙو آهي، جيڪي اسان رات جو تارا ڏسندا آهيون اهوئي خالي هڪ ننڍي دائري جي اندر ئي موجود هوندا آهن. جيتوڻيڪ اسانجي ملڪي وي ۾ ڪروڙين تارا موجود آهن. جڏهن تارن ۽ ڪهڪشائن جي ڳالھ هلندي آهي تہ ڪجھ ماڻھن جي ذهن ۾ اهو سوال جنم وٺندو آهي تہ ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلا آهيون؟ يا اسان کان سواءِ بہ ذهنن سان لاڳاپيل زندگي ڪٿي موجود آهي؟ جيڪڏهن”ها“ تہ پوءِ اها ذهني حيات ڪٿي آهي، انريڪو فرمي جي ذهن ۾ بہ اهو سوال اڀرندو هئو، ڪهڪشائون ڪائنات جي ايتري حصي ۾ آهن جيڪي اسانجي دوربينن جي پڪڙ ۾ آهن. سائنسدانن جو ان ڳالھ تي هڪ راءِ آهي تہ ڪائنات جا سڀ تارا اسانجي سج جيان ناهين. سج جيترن تارن جو انگ پنج کان ويھ سيڪڙو ئي ٿي سگھي ٿو، پنج سيڪڙو مان مراد پنج سئو ارب سج جھڙا تارا، جيڪا ڳالھ بہ پڪي ناهي تہ انھن منجھان سج جيان تارا ڪيترو سيڪڙو آهن.

هي سڀ  ملڪي وي جون تصويرون بلوچستان جي مختلف علائقن مان فوٽوگرافن ورتيون آهن



وڌيڪ ڏسو

No comments:

Post a Comment