ملڪي وي کان اڳتي
”دريا خان“
جڏهن آئون ٻار هوس تہ، بروڪلن نيويارڪ ۾ رهندو هوس، تڏهن آئون سمجھندو هوس تہ ڪائنات منھنجي ڀر واري پاڙي جيتري جڳھ کان ڪجھ گھڻي وڏي هوندي، پر جڏهن آئون وڏو ٿيس، ۽ فلڪيات دان ٿيس تہ موکي احساس ٿيو تہ هي ڪائنات پنھنجي حقيقت ۾ منھنجي ننڍپڻ جي تصور کان وڏي ئي نہ هئي، پر اڻ حد تائين وڏي هئي. (ڪارن ساگان، ڪوسموس ماهر فلڪيات) 1610ع ۾ اطالوي سائنسدان گيليلو پنھنجي ايجاد ڪيل دوربين سان روشني جي ان پکڙيل پٽي جو مشاهدو ڪيو هئو، جنھن کي هزارين سالن کان وٺي ماڻھون آسمان ۾ وهندڙ، کير جي شاخ، يعني”ملڪي وي“ چوندا پيا اچن. دوريبن استعمال ڪرڻ تي روشني جي هي پٽي، اڻ کٽندڙ چمڪندڙ تارن ۾ تبديل ٿي وئي، هي تارا ويجهڙائي ۾ ايترا ويجھو ھئا، جو انساني اک بہ انھن کي سولائي سان ڏسي پئي سگھي. گليليو جي اها دريافت ڏيڍ سئو سال تائين فلڪيات دانن لاءِ مٿي جو سور بڻي رهي، ڇوجو ان زماني ۾ گمان نظريات جو خيال هئو تہ ڪائنات ۾ تارا برابر ۽ باترتيب انداز ۾ پکڙيل آهن، وقت انھي طرح گذرندو ويو ۽ آخر مشھور انگريز فلڪيات دان، وليم هرشل ان ميدان ۾ لٿو، انھن زميني مٿاڇري تي پکڙيل 683 حصن جون تفصيلون لکيون ۽ ان حصن ۾ موجود روشن تارن جي انگن جو بہ پتو لڳايو، اهو ان نتيجي تي پهتو آسمان تي موجود تارن جو ميڙ هر هنڌ تي نظام شمسي جي ويجهو هڪ عڪسي شيشي جيان شڪل ۾ ويڙهيل آهي، ان ۾ سج جو پتو، ان جي مرڪز کان ويجھو آهي. هرشل جيڪو حساب لڳايو، ان موجب لمابي جي پاسي تي ان عڪسي شيشي جو قطر عراضي 1,500 نوري سال جڏهن تہ موٽائي جو پاسو 800 سئو نوري سال هئو موسمي دائري جي ويجھو عڪسي شيشي جھڙوڪر تارن ۽ ٻين فلڪي جسمن جي ان ميڙ کي”ملڪي وي“ جو نالو ڏنو. ملڪي وي جي صورت بابت هرشل جو تصورتو حيران ڪندڙ طور تي صحيح هئو، پر انکان پوءِ جسامت بابت انجو اندازو گھڻو گهٽ ثابت ٿيو. 1920ع جي شروعاتي مھينن تائين فلڪيات دان اهو معلوم ڪري چڪا هئا، تہ(ملڪي وي) تقريبن هڪ لک نوري سال جي پنڌ جي ويجھو پکيڙيل آهي، جڏهن تہ سج انجي مرڪز کان 27 هزار نوري سال پري آهي. ملڪي وي جو مرڪز پاڻ 16 هزار نوري سال جيترو ٿلو آهي، ۽ اها سج جي مقام تي اها موٽائي گهٽ ٿي ڪري 3 هزار نوري سال جيتري رهجي ويندي آهي
:- اسانجي ملڪي وي ۾ ڪيترا تارا آهن
مٿي اهو مسئلو تہ حل ٿيو تہ ملڪي وي حقيقتن عڪسي شيشي جيان آهي، ۽ ٻيا جسم فلڪي جو ميڙ آهن، پر هاڻ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو، آخر اسانجي ملڪي وي ۾ تار ڪيترا آهن؟ 1920ع ۾ مشھور ماهر فلڪيات، اورٽ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهوئي ان نتيجي تي پهتا تہ اهوئي تارا جيڪي ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو آهن، اهوئي انھن تارن جي نسبتن گھڻي تيزي سان چڪر لڳائي رهيا آهن، جيڪي انجي مرڪز کان پري آهن، انھن موسمي دائري کان تارن جي اضافي حرڪت جو مشاهدو ڪيو ۽ ٻڌايو تہ اسانجو سج بہ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان تقريبن دائري مدار ۾ چڪر لڳائي رهيو آهي، ان رفتار سان اسانجو سج 230,000,000 يعني ٻہ ڪروڙ ٽيھ لک سالن کانپوءِ ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي. پوءِ اورٽ جن ملڪي وي جي مرڪز ۽ سج جي وچ ڪشش ثقل جو حساب لڳايو، انھن اها ڳالھ دريافت ڪئي تہ ملڪي وي جي مرڪز جي ڪميت کي سج جي ڪميت سان 90 هزار ملين (90 ارب) جيترو وڌيڪ هجڻ گھرجي. ائين، جيڪڏهن اهو فرض ڪجي تہ ملڪي وي جي ڪميت جو 90 سيڪڙو انجي مرڪز ۾ موجود آهي، تہ ان ڪهڪشان جي ڪل ڪميت، سج جي ڪميت کان هڪ لک ملين (100 ارب) سيڪڙو وڌيڪ هوندي، وڌيڪ جيڪڏهن سج کي هڪ سراري تارو مڃيو وڃي تہ، اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي ۾ سئو ارب تارا موجود ٿيندا.
هلندڙ.....
#Milkyway #ScienceJeDuniya
No comments:
Post a Comment