Tuesday 12 November 2019

اسپيس ايڪس آمريڪي خلائي ايجنسي پاران هڪ ئي وقت 60 کان وڌيڪ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جو ڪامياب تجربو

اسپيس ايڪس آمريڪي خلائي ايجنسي پاران هڪ ئي وقت 60 کان وڌيڪ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ جو ڪامياب تجربو

”دريا خان“

اهوئي فالڪن راڪٽ وسيلي 60 اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ زميني مدار ۾ اماڻيون ويون سڄي دنيا ۾ تيز انٽرنيٽ جي سهولت لاءِ اسٽار لنڪ واري سلسلي جون 60 سيٽلائيٽن جو پھريون گروپ ڪاميابي سان خلا ۾ پھچي ويو 
اھوئي سيٽلائيٽون فالڪن 9 راڪٽ ذريعي فلوريڊا ۾ لڳل ڪيمپ ڪيناورل خلائي اڏي مان روانو ڪيا ويا ۽ غير معمولي تجربي ۾ وري وري استعمال ٿيڻ واري راڪٽ جو تجربو بہ ڪيو ويو
لائچ ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ منٽن ۾ راڪٽ جو پھريون مرحلو پاڻ مرادو الڳ ٿي سمنڊي جھاز تي ڪاميابي سان لٿو. جنھن کانپوءِ ٻيو مرحلو سيٽلائيٽ تي لوڊ کڻي زميني مداري ۾ هليو ويو. ان مرحلي تي راڪٽ جي رفتار ٽي سيڪڙو وڌي وئي ڇوجو جيئن ئي پھريون مرحلو الڳ ٿيندو آهي راڪٽ جي رفتار بہ وڌندي آهي
اڄ ان راڪٽ جي ڪامياب اڏام مان پھريون دفعو هڪ ئي راڪٽ بوسٽر کي وري وري استعمال ڪيو ويو. جيڪو انکان اڳ چار ڀيرا استعمال ڪيو ويو هيو، جيڪو وڏو اهم ڪارنامو پڻ آهي. انکان پھريان اهو راڪٽ بوسٽر سمنڊ ۾ ڪريو هئو جنھن کي ڪڍي ڪري ٻيهر استعمال جهڙو بڻايو ويو. راڪٽ جي اڏام کان هڪ ڪلاڪ کانپوءِ وري وري سڀني سيٽلائيٽن کي زميني مدار ۾ اماڻيو ويو، جنھن جا منظر سنڌ جي ميداني علائقن ۾ پڻ ڏٺا ويا جيڪي سڀ سيٽلائيٽون هڪ خاص جڳھ تي گلاب جي پنن جيان رکيون ويو هيون، اڳين مرحلي ۾ سيٽلائيٽون هڪ ٻئي کان ڏور ٿي وينديون جتي انھن ۾ لڳل ڪرپٽون آين ٿراسٽر انھن کي پنھنجي پنھنجي مداري جڳھ تي اماڻيندو. ياد رهي تہ اسپيس ايڪس ڪمپني اسٽار لنڪ سلسلي جون ٻارھن هزار کان مٿي سيٽلائيٽون زميني هيٺين مدار ۾ اماڻين جي خواهش رکي ٿي تہ جيئن دنيا ۾ هر جڳھ انٽرنيٽ جو ڄار وڇايو وڃي جنھن جي اڃان انکي اجازت ناهي ڏني وئي،
ان کان پهرين 24 مئي 2019  تي پڻ ساڳي قسم جو تجربو ڪيو ويو هو.

وڊيو 

#SpaceX #StarlinkMissionSatellites #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment