Wednesday 26 September 2018

سج جي وڌندڙ تپش ۽ انسان

"دريا خان سنڌي"

ماهرن ارضيات زمينن ۾ ٿيندڙ  انسان لاء کاڌ خوراڪ سبزيون خراب ختم سڙڻ بابت پريشان 
سج جي وڌندڙ گرمي بابت اسان صدين کان پڙهندا اچون ٿا سج جي گرمائش ۾ وقت گذرڻ سان ان ۾ مسلسل تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي 
جيڪو دنيا وارن لاء ناقابل برداشت پڻ آهي ان گرمي نه صرف اسانجا گليشيئر گاري ڇڏيان صدين کان قائم برف جا تح به ايتري جلدي سان ختم ڪري ڇڏيا هاڻ ته اهيو به انديشو آهي دنيا وارن لاء پئيڻ جو صاف پاڻي به ملندو يا نه. ڪٿي ائين ته نه ٿيندو هاڻي جنگون ئي پاڻي ته ٿينديون جيڪو هاڻ پڻ نظر اچي رهيو آهي 
سج جي گرمي جتي جتي پنهنجا اثر ڏيکهاريا آهن انهن سان ماهرين مسلسل پڻ واقف آهن عام ماڻهو به ان شدت کي هاڻ محسوس ڪري رهيو آهي. 
اسانجا ارضياتي ۽ سائنسي ماهرين اسانکي وقتن به وقت آگاهي ڏيندا رهيا آهن جن جو چوڻ آهي مسلسل سج جي وڌندڙ گرمي پنهنجا هن سياري زمين ته مختلف اثر ڏيکهاريا آهن جنهن سان جنگلي جيوت وڻن کي پڻ خطرا دريش ۽ نقصان رسيا آهن   
گڏوگڏ ان ڳاله جو به خطرو آهي سج جي وڌندڙ تپش وارين شعاعين زمين ۾ ٿيندڙ سبزين وڻن کاڌ خوراڪ فصلن کي جڏهن متاثر ڪيو ته انسان کي پنهنجي روز مرھ جي کاڌ خوراڪ کي پورو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو
دنيا کي پهريان ئي خوراڪ جي قلت جو مسئلو دريش آهي ٻئي صورت جڏهن سج جي تپش سان کاڌ خوارڪ سڙئي يا خراب ٿي ويندي ان ٽائيم جانور ۽ انسانن جو ڇا ٿيندو

ماهرين ڪافي خور ويچار ڪرڻ کان پوئي تجويز پيش ڪئي آهي جيڪڏهن اسانکي زمين کي ٿڌو رکڻ لاء سج جي گرم شعاعين کي زمين تائين اچڻ کان پهريان ڪو اهڙو رستو يا متبادل عمل ۾ آڻڻ گهرجي جنهن سان سخت گرم شعاعين کان زمين بچي سگهي جنهن سان نه صرف زمين محفوظ رهندي بلڪي جيوت جانورن ۽ وڻڻ کي به رليف ملندو گڏوگڏ انهن جي پيداوار ۾ به پڻ اضافو ٿيندو جنهن سان کاڌو خوراڪ ۾ پڻ اضافو ٿيندو
ان بابت وڌيڪ ماهرين جو چوڻ آهي سج جي تيز ٽپش کي ڪنٽرول ۾ ڪري اسان گلوبل وارمنگ جي نقصانن کان محفوظ رهي سگهو ٿا جنهن سان مختلف جيوت جانورن جي پيدائش عمل ۾ اچي سگهي ٿي جيڪي انکان اڳ نه هئا.
ٻئي طرف مختلف ماهرن ان ڳاله کي رد ڪندي چئيو آهي
ان سان زمين ۾ ٿيندڙ سبزن کي نقصان ۾ ڪمي نه ايندي
۽ ڪجه ماهرين جو چوڻ آهي بيشڪ سولر جيو انجيئرنگ زمين جي تپش ۽ هيٽ اسٽروڪ کي گهٽ ته ڪندي ليڪن گڏوگڏ انجي ڪري فوٽوسينتهيس جو عمل به پڻ گهٽجي ويندو هي برڪلي فورنيا يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ ٻڌائيو ويو
ان موقعي ته ماڻهن کي ٻڌائيو ويو ڪجه عرصو پهريان فضائي ۽ سائنسي ماهرن زمين جي تپش کي گهٽ ڪرڻ لاء مختلف تجاويزن پيش ڪيون هيون جيڪڏهن زمين جي مٿين ماحول ۾ سلفٽ ايروسولز کي لگائيو وڃي نه صرف مٿائن ماحول بلاڪ ٿي ويندو بلڪي سج جون شعاعون لهرن جي شڪل اختيار ڪنديون جنهن سان عملي طور تپش ۾ گهٽائي ٿيندي ۽ ممڪن آهي اسانجي سبزن ۾ اضافو پڻ ٿيندو
ڪافي بحث ڪرڻ کان پوئي ماهرين زمين ۾ ٿيندڙ سبزن کي سج جي تيز تپش سان ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاء ان ڳاله ته متفق ٿيا سڀ کان مناسب ۽ سڌو رستو اهيو آهي اسان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ واري اخراج کي گهٽ ڪري فصلن سبزن جي سٺي نموني محفوظ پيداوار ڪري سگهون ٿا جنهن سان جيوت جانورن کي پڻ جيڪي خطرا لاحق آهن انهن ۾ رليف پڻ ملندو اهيو دنيا جي مستقبل لاء بهتر رهندو
ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي دنيا کي قدرتي سسڻم تي هلڻ گهرجي ان ۾ انسان مداخلت جو ڪو ڪم ناهي ته تاثر بلڪل غلط آهي اگر ائين هي هلڻو آهي ته مستقبل وجهو انساني زندگيون وڏي مصيبت ۾ اچي وينديون جيڪو انسان کي پنهنجي وجود کي بچائيڻ لاء ناممڪن ٿي ويندو


No comments:

Post a Comment