Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (6) - ڪوانٽم دنيا


ڪوانٽم کان اڳتي (6) - ڪوانٽم دنيا

”دريا خان سنڌي”
ڪوانٽم ميڪانيڪس تقريبن هڪ صدي کان قدرت کي سمجهڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ جديد سائنس جو ڪو بہ مطلب نٿو نڪري.

ڪوانٽم ميڪانيڪس اسان کي ٻڌائي ٿي تہ ايٽم ڇو آهن؟ اهي مستحڪم ڇو آهن؟ ۽ انهن جون ڪيميائي خاصيتون هڪ ٻئي کان الڳ ڇو آهن؟ ڪوانٽم ميڪانيڪس وضاحت ڪري ٿي تہ ايٽم گڏجي ڪيئن مختلف مالڪيول ٺاهين ٿا. ان جو مطلب اهو آهي تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس جي مدد سان اسان مالڪيول جي شڪل ۽ انهن جي عمل کي سمجهي سگهون ٿا. زندگي ڪوانٽم کانسواءِ ناقابلِ فهم هوندي. پاڻي جي خاصيتن کان وٺي پروٽين جي شڪلن ۽ ڊي اين اي ۽ آر اين اي جي وسيلي ڄاڻ جي مٽاسٽا تائين، حياتيات جي هر شيءِ جو لاڳاپو بہ ڪوانٽم تي آهي.

ڪوانٽم ميڪانيڪس ٻڌائي ٿي تہ مادي جون خاصيتون ڇا آهن، ڪهڙو شيءِ برقي ڪنڊڪٽر ٿيندو ۽ ڪهڙو شيءِ انسوليٽر، اها روشني ۽ تابڪاريءَ جو بہ بيان ڪري ٿي ۽ نيوڪليئر فزڪس جي بنياد آهي، ان کان سواءِ اسان کي نہ خبر پوي ها تہ تارا ڇو روشن آهن، ۽ نہ ئي اسان چِپ يا ليزر ايجاد ڪري سگهون ها جن تي جديد ٽيڪنالاجي جو بنياد آهي، ڪوانٽم ميڪانيڪس اها زبان آهي جنهن کي استعمال ڪري اسان پارٽيڪل فزڪس جو "اسٽينڊرڊ ماڊل" لکيون ٿا، جنهن ۾ سڀ بنيادي ذرڙا ۽ قوتون آهن. 

شروعاتي ڪائنات جي سٺي نظرئي موجب، سڀ مادو  جيڪو پوءِ آڪاشگنگا بڻيو، ان جو وجود ويڪيوم جي ڪوانٽم بيترتي (Quantum Randomness) جي ڪري ٿيو، جنهن مان اهو ڦهلاوُ شروع ٿيو، پڙهندڙ گهڻو ڪري ان جملي جو صحيح مطلب نہ سمجهي سگهن، پر اهي لفظ هڪ ذهني تصوير ضرور ٺاهي ڏين ٿا، ۽ جيڪڏهن اهو صحيح آهي، تہ پوءِ ڪوانٽم فزڪس کان سواءِ ڪجھ بہ نہ هجي ها، اسان ڪوانٽم دنيا ۾ رهون ٿا. 

۽ پنهنجي سموري ڪاميابي جي باوجود، ان وٽ هڪ مرڪزي ۽ ضدِي مسئلو موجود آهي، دنيا جي وضاحت ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو اڃان بہ وڏو اسرار رکي ٿي، ماهر ان ڳالھ تي متفق ناهن تہ ڪوانٽم فزڪس اسان کي قدرت بابت اصل ۾ ڇا ٻڌائي ٿي، اها اسان جي گھٽ سمجھ کي چئلينج ڪري ٿي، عام طور تي چيو ويندو آهي تہ ڪوانٽم فزڪس ۾ هڪ ايٽم ساڳئي وقت ٻن جڳهن تي ٿي سگهي ٿو، پر اها رڳو شروعات آهي، ان جي ڪهاڻي ان کان بہ گهڻي عجيب آهي، جيڪڏهن ايٽم هتي ۽ اتي ساڳئي وقت ٿي سگهي ٿو تہ ان جو مطلب آهي تہ اسان کي اهڙين حالتن جي ڳالھ ڪرڻي پوندي جيڪي گڏ گڏ ٿي سگهن ٿيون، ۽ ان کي سپرپوزيشن چيو ويندو آهي. 

جيڪڏهن اوهان ڪوانٽم دنيا ۾ نوان آهيو تہ گهڻو ڪري حيران ٿي رهيا هجو تہ ساڳئي وقت هتي ۽ اتي هجڻ جو مطلب ڇا آهي، جيڪڏهن اوهان کي اهو پريشان ڪندڙ لڳي ٿو تہ فڪر نہ ڪريو، اوهان جي اها پريشاني بلڪل ٺيڪ آهي، هي ڪوانٽم ميڪانيڪس جي مرڪزي اسرارن مان هڪ آهي، هن وقت لاءِ اهو ڪافي آهي تہ اوهان ان کي اهڙيءَ طرح مڃي وٺو ۽ سمجهي وٺو تہ ان اصطلاح کي "سپرپوزيشن" چيو وڃي ٿو
 
۽ ان کي سمجهڻ جو پهريون قدم اهو آهي تہ جڏهن چيو وڃي ٿو تہ ڪوانٽم ذرڙو هتي ۽ اتي جي سپرپوزيشن ۾ آهي تہ ان جو واسطو مادي جي لهر جهڙي فطرت سان آهي، لهر هڪ ڦهليل disturbance آهي جيڪا ساڳئي وقت هتي ۽ اتي ٿي سگهي ٿي. 

اسان بنيادي ذرڙن جي ڳالھ ڪريون ٿا پر هر ڪوانٽم شيءِ ساڳئي وقت ذرڙو بہ آهي ۽ لهر بہ، ان جو مطلب ڇا آهي؟ جيڪڏهن اوهان اهڙو تجربو ڪيو جنهن ۾ ايٽم جي جاءِ معلوم ڪئي وڃي تہ نتيجو اهو نڪرندو تہ ان جي هڪ پڪيل جاءِ هوندي، پر ماپڻ جي وچ ۾، جڏهن اسان ان کي نٿا ڏسون، تہ اهو ٻڌائڻ ممڪن ناهي تہ اهو ڪٿي آهي، اهو اهڙيءَ طرح آهي ڄڻ ڪنهن ذرڙي کي ڳولڻ جو امڪان لهر وانگر ڦهليل هجي، پر جڏهن اسان ان کي ڏسون ٿا تہ اهو ھميشہ ڪنهن نہ ڪنهن جاءِ تي ملي ٿو. 

تصور ڪريو تہ اوهان ايٽم سان لُڪ ڇُپائي جو راند کيڏي رهيا آهيو، جڏهن اوهان ڊيٽيڪٽر آن ڪريو يا اکيون کوليو ٿا تہ اهو ڪٿي نہ ڪٿي ضرور ملي ٿو، پر جڏهن اکيون بند ڪريو ٿا تہ اهو "ممڪنات جي لهر" ۾ حل ٿي وڃي ٿو، ٻيهر ڏسو تہ اهو وري بہ ڪٿي نہ ڪٿي ضرور ملي ويندو. 

ڪوانٽم دنيا جو هڪ ٻيو عجيب مظاهرو "اينٽينگلمنٽ" جو آهي، ٻہ ذرڙا جڏهن هڪ ٻئي سان جوڙجڪ ڪن ٿا ۽ پوءِ پري هليا وڃن ٿا، تہ اهي هڪ ٻئي سان اهڙيون خاصيتون ونڊين ٿا جيڪي الڳ الڳ ذرڙن ۾ ورهائي نٿيون سگهجن

هلندر... 
ڪوانٽم کان اڳتي (5) - ڀروسي جو بحران

https://www.facebook.com/share/p/1BShcTo2vZ/ 

No comments:

Post a Comment