ڪوانٽم کان اڳتي (5) - ڀروسي جو بحران
”دريا خان سنڌي“
ويهين صديءَ ۾ سائنس تي ڪيترن ئي طرفن کان حملا ٿي رهيا آهن، ۽ اهي مختلف قسمن جا آهن، سماج جا ڪيترائي حصا حقيقت ۽ ڌوڪي (illusion) جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۾ ناڪام آهن
انهن ۾ سڀ کان سنجيدھ صورتحال اها آهي جتي اهي ماڻهو آهن، جيڪي سائنس کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا، ڇاڪاڻتہ سائنس جا نتيجا سندن سياسي، نظرياتي يا ڪاروباري مفادن سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿا، مثال طور، آبهوا جي تبديلي (Climate Change) ڪا سياسي ڳالھ نہ آهي، اها نظرياتي بحث بہ نہ آهي، پر اسان سڀني جي سلامتي جو مسئلو آهي ۽ ان لاءِ اسان کي اهڙا حل ڳولڻا آهن جيڪي شاهدن (evidence) ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل هجن.
سائنس تي هڪ ٻيو حملو انهن مذهبي قدامت پرستن طرفان اچي ٿو جيڪي هر نئين تحقيق ۽ علم کي شڪ جي نظر سان ڏسن ٿا، منهنجي نظر ۾، سياسي ۽ ڪاروباري مخالفن جي ابتڙ سائنس ۽ مذهب ۾ ڪا بہ بنيادي دشمني موجود نہ آهي.
گهڻا مذهبي مڪتبِ فڪر سائنس کي نہ رڳو قدرتي دنيا کي سمجهڻ جو طريقو مڃين ٿا، پر ان جي حوصلا افزائي بہ ڪن ٿا، ان کان اڳتي وڌي، دنيا ۽ اسان جي وجود ۾ ايترو اسرار موجود آهي جو سائنس ۽ مذهب ٻنهي اسان کي ان بابت سوچڻ ڏانهن متاثر ڪن ٿا، ۽ ٻنهي وٽ ان جا مڪمل جواب بہ ڪونهن.
مذهبي مخالفن کان رڳو هڪ ڳالھ ضروري آهي، تہ هو سائنسي دريافتن ۽ شاهدين جي بنياد تي قائم ٿي ويل علم تي حملو نہ ڪن، ۽ هر مذهب ۾ اهڙا سربراھ آهن جيڪي بلڪل اهو ئي نڪتو رکندا آهن، جواب ۾ سائنسدانن کي بہ گهرجي تہ اهڙن مذهبي ماڻهن ۽ راھنمائن کي هڪ بهتر دنيا ٺاهڻ ۾ پنهنجو اتحادي سمجهڻ.
سائنس تي هڪ ٻيو حملو هيومنسٽ اڪيڊيميا طرفان آهي، جيڪي دعويٰ ڪن ٿا تہ سائنس محض هڪ سماجي ٺهڻ (social construct) آهي، ۽ هر نڪتو نظر هڪجهڙو صحيح آهي.
جيڪڏهن سائنس کي اهڙن چيلنجز جو واضح ۽ مضبوط جواب ڏيڻو آهي تہ ان کي نہ سائنسدانن جي “mystical خواهشن” ۽ نہ ئي انهن جي “metaphysical ايجنڊا” سان آلودو ٿيڻ گهرجي.
انفرادي طور سائنسدان ڪنهن بہ ذاتي خيال رکڻ ۾ آزاد آهن، ۽ اهو سائنس کي نقصان نہ ٿو پهچائي، جيستائين اهي ذاتي نظريا يا غيرمتعلق ڳالهين کي سائنس جي نالي سان پيش نہ ڪن.
سائنس صديون پراڻو هڪ حقيقت شناسيءَ جو منصوبو آهي، جيڪو آهستي آهستي پنهنجي علم ۾ سڌارو ڪندو رهي ٿو، ۽ حقيقت ۽ ڌوڪي ۾ فرق رکندو آهي، اينٽي رئيِلزم (anti-realism) جو خطرو اهو آهي تہ اهو اسان جي فطرت کي سمجهڻ واري خواهش کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو.
ننڍي کان وڏي پيماني تائين اينٽي رئيِلزم ۾ speculation (خيالي قياس) جي ڪا گهٽتائي نہ آهي، مثال طور: ڪاسمولوجسٽن جي هڪ اقليت اهو خيال پيش ڪري ٿي تہ اسان جي ڪائنات، ڪائناتن جي هڪ وڏي سمنڊ ۾ رڳو هڪ بلبلو آهي، ۽ اهڙا اڻ گهڻا بلبلا وجود رکن ٿا.
هيستائين تہ هڪ محفوظ مفروضو آهي تہ جيئن قسمن جون گليڪسيوز اسان جي آس پاس ڏسجن ٿيون، اهڙيون ئي ٻيون بہ باقي ڪائنات ۾ موجود آهن، پر اهو خيال تہ اڻ گهڻن بلبلن ۾ مختلف ۽ بي ترتيب قانون لاڳو ٿين ٿا ۽ اسان جي ڪائنات انهن مان خالي هڪ آهي؟ ۽ پوءِ اهو بہ تہ اهي بلبلا سدائين اسان جي مشاهدي کان ٻاهر رهندا؟ ان جو مطلب تہ multiverse ٻن ڪائناتن جو اهو خيال نہ ئي سچو ثابت ڪري سگهجي ٿو ۽ نہ ئي غلط، اهڙو خيال سائنس جي حدن کان ٻاهر آهي، پر ان جي باوجود ڪيترائي سٺا فزسسٽ ۽ رياضي دان ان کي اصل خيال سمجهي حمايت ڪن ٿا.
ملٽي ورس واري خيال کان سواءِ، هڪ ٻيو مثال ڪوانٽم ميڪنڪس جي Parallel universes (متوازي ڪائناتن) جو آهي، اهي ٻئي بلڪل مختلف خيال آهن، پر انهن ۾ هڪ گڏيل ڳالھ آھي, (جادوئي حقيقت نگاري"magic realism) ۽ اهي سائنس جي بنيادي مقصد، دنيا کي سمجهڻ، ۾ مدد نٿيون ڏين
بيشڪ ڪوانٽم ميڪنڪس قدرت جي ڪيترن ئي رخن جي گهڻي گهرائي سان وضاحت ڪري ٿي، فزسسٽن ان جي بنياد تي ڪيترائي طاقتور اوزار تيار ڪيا آهن، ۽ ان کي ماسٽر ڪرڻ سان اسان قدرت جون ڪيترين ئي شيون ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، پر اها فطرت جي مڪمل تصوير نٿي ڏئي، اها نٿي ٻڌائي تہ انفرادي عملن ۾ اصل ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ۽ عام طور تي وضاحت نٿي ڪري سگهي تہ ڪنهن تجربي مان اهو نتيجو ڇو نڪتو.
۽ اهي شيون اهم آهن، ڇوتہ اهي ظاهر ڪن ٿيون تہ اسان سائنس جي مرڪزي سوالن جا خالي شروعاتي جواب حاصل ڪيا آهن، جهڙوڪ: گريويٽي ۽ اسپيس ٽائيم کي گڏ ڪرڻ يا سڀني انٽرئڪشنز کي يڪجا ڪرڻ ۾ اسان جي ناڪامي صاف ٻڌائي ٿي تہ ڪوانٽم ٿيوري Quantum Theory يا تہ اڻپوري آهي يا ڪنهن جاءِ تي غلطي رکي ٿي
ڪوانٽم دنيا ۾ ڀليڪار، ۽ اها اسان جي ئي دنيا آهي، ۽ اسان جي خوش قسمتي آهي تہ ان جا اسرار اڃان حل ٿيڻ لاءِ باقي آهن
هلندر...
ڪوانٽم کان اڳتي (4) - اينٽي رئيئلزم
https://www.facebook.com/share/p/1Y35kziG7z/
No comments:
Post a Comment