Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (4) - اينٽي رئيئلزم


ڪوانٽم کان اڳتي (4) - اينٽي رئيئلزم

”دريا خان سنڌي” 
ڪوانٽم ميڪانيڪس بابت اينٽي رئيئلزم جا مختلف نظريا رهيا آهن
ڪي اينٽي رئيئلسٽ اهو خيال رکن ٿا تہ ايٽمن يا بنيادي ذرڙن جون خاصيتون انهن جون پنهنجون نہ آهن، پر جڏهن اسان انهن سان انٽريڪٽ ڪريون ٿا تڏهن وجود ۾ اچن ٿيون، ۽ خالي انهي وقت تائين رهنديون آهن، جيستائين انهن جي ماپ (Measurement) ڪئي وڃي ٿي، ان فڪر سان واسطو رکڻ وارن مان هڪ بااثر سائنسدان نيلز بوهر هو، بوهر پهريون ڀيرو ڪوانٽم ٿيوري کي ايٽم تي لاڳو ڪيو، جنهن کان پوءِ هو ڪوانٽم انقلابي سوچ رکندڙن جي ايندڙ نسل جو اڳواڻ بڻجي ويو، ان نقطہ نظر کي اسان "ريڊيڪل اينٽي رئيئلزم" سڏي سگهون ٿا

هڪ ٻئي اينٽي رئيئلسٽ گروهہ جو خيال آهي تہ سائنس جو واسطو فطرت (Nature) جي حقيقت سان ناهي، پر اهو خالي دنيا بابت اسان جي ڄاڻ سان واسطو رکي ٿو، ان سوچ موجب فزڪس ۾ جيڪي خاصيتون ايٽمن کي ڏنيون وڃن ٿيون، سي ايٽمن جون پنهنجون نہ پر ايٽمن بابت اسان جي ڄاڻ جون عڪاس آهن، ان کي "ڪوانٽم ايپسٽيمالاجسٽ" سڏي سگهجي ٿو

هڪ ٻي سوچ "آپريشنلسٽ" آهي، اينٽي رئيئلسٽ جي ان گروهہ جو خيال آهي تہ ڪو بہ فرق نٿو پوي تہ اسان کان الڳ ڪا بنيادي حقيقت آهي يا ناهي، ڪوانٽم ميڪانيڪس اسان کي حقيقت بابت ٻڌائي ئي نٿي، هي تہ رڳو طريقن ۽ طريقڪار جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ايٽمن کي پرکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، انهن جو واسطو ايٽمن سان ناهي، پر اهو ٻڌائي ٿو تہ جڏهن اسان پنهنجي اوزارن سان ايٽم جي جاچ ڪريون ٿا تہ ڇا ٿيندو آهي، هائزنبرگ، جن ڪوانٽم ميڪانيڪس جون مساوات ايجاد ڪيون، وڏي حد تائين آپريشنلسٽ هئا

خاموش رهو ۽ حساب ڪريو، واري منتر، جنهن موجب ڪوانٽم فزڪس جي معنيٰ تي سوچڻ وقت جو ضياع آهي، بہ فزڪس بابت هڪ اينٽي رئيئلسٽ نقطہ نظر آهي
جيڪڏهن  اينٽي رئيئلسٽ الڳ نظريا رکن ٿا، پر انهن ۾ هڪ ڳالھ گڏيل آهي، جيڪا ٽئين سوال تي ڏنل جواب ۾ ملي ٿي، 
ڇا فطري دنيا اهڙي ئي آهي جهڙي جو اسان مشاهدو ڪريون ٿا؟"
اينٽي رئيئلسٽ ان جو جواب "نہ " ۾ ڏين ٿا
جيڪي ان جو جواب "ها" ۾ ڏين ٿا، سي "نائيِو رئيئلسٽ" سڏجن ٿا، هتي "نائيِو" جو مطلب سادو يا مضبوط مفھوم ۾ آهي 

رئيئلزم جي هڪ ٻي صورت بہ آهي، جنهن موجب حقيقت ان کان گهڻي وڏي آهي، جيڪا اسان مشاهدي يا ماپ وسيلي ڄاڻي سگهون ٿا، "ميني ورلڊز انٽرپريٽيشـن" ان جي هڪ مثال آهي، ان موجب اسين هڪ اهڙي وسيع ۽ هر وقت وڌندڙ متوازي حقيقتن جي شاخ ۾ آهيون
ٽيڪنيڪي يا علمي لحاظ کان هي رئيئلزم آهي، پر ان کي "ميجڪ رئيئلزم" سڏي سگهجي ٿو، ڪوانٽم ميسٽيسزم وانگر ان جو بنيادي مفروضو بہ اهو آهي تہ اصل دنيا وڏي حد تائين اسان جي سمجھ کان لڪيل آهي. 

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (3) - ڪاميابي يا جُگاڙ؟

https://www.facebook.com/share/p/1CVZSKPrwf/ 

No comments:

Post a Comment