Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (3) - ڪاميابي يا جُگاڙ؟

 

ڪوانٽم کان اڳتي (3) - ڪاميابي يا جُگاڙ؟

”دريا خان سنڌي“
پٿر ڇا آهي يا پاڻي ڇا آهي؟ انهن جا ماليڪيول ڇا آهن؟ ايٽم ڇا آهي ۽ اليڪٽران ڇا آهي؟ اهو سڀ سائنس جي جنهن شعبي جو موضوع آهن، ان کي ڪوانٽم فزڪس چيو وڃي ٿو. پر جيئن تہ اسان ڄاڻون ٿا، هي تضادن ۽ اسرارن سان ڀريل آهي. ڪوانٽم فزڪس اهڙي دنيا کي بيان ڪري ٿي جتي ڪنهن بہ شيءِ جو پڪو وجود ناهي. ايٽم ۽ اليڪٽران لهر بہ ٿي سگهن ٿا يا ذرا بہ. اهو ان تي دارومدار رکي ٿو تہ انهن کي ڏٺو ڪيئن وڃي ٿو. ٻليون هڪ ئي وقت ۾ زندھ بہ ٿي سگهن ٿيون ۽ مُئل بہ.

اهي سڀ ڳالهيون پوپولر ڪلچر ۾ مشهور آهن ۽ ڪوانٽم جو لفظ پاڻ ۾ هڪ قسم جي”گيڪ پراسراريت“ جو لفظ بڻجي ويو آهي. اهڙو ٿيڻ اسان جهڙن لاءِ سٺو ناهي، جيڪي دنيا کي سمجهڻ چاهيون ٿا. ڇو تہ اسان وٽ ان جو سادو ۽ سڌو جواب ئي ناهي تہ (پٿر ڇا آهي؟) 

ويهين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ ڪوانٽم فزڪس جي وضاحت ڪرڻ لاءِ ڪوانٽم ميڪانڪس جي نظريي کي تيار ڪيو ويو. هي سائنس جي شاهڪار دريافتن مان هڪ آهي، جيڪا ايٽم، ريڊيئيشن، بُنيادي ذرّن، بُنيادي فورسن کان وٺي مادي جي خاصيتن تائين وضاحت مهيا ڪري ٿي. پر اها ئي شاهڪار دريافت ڪجھ مسئلا بہ پيدا ڪري ٿي. شروع کان ئي ان جا باني سائنسدان ان ڳالھ تي وڏا اختلاف رکي بيٺا هئا تہ آخر هي نظريو اسان کي ٻڌائي ڇا ٿو. ڪي ان تي ڪاوڙيل هئا، تہ ڪي ان کي فطرت بابت مروج ميٽافزڪل خيالن کي ڌوڙ ۾ ملائڻ واري انقلابي سائنس سمجهندا هئا.

شروع کان پيدا ٿيل اهي تصوري مسئلا ۽ وڏيون بحثون اڃان تائين حل ناهين ٿي سگهيا.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو، ڪوانٽم ميڪانڪس جي معنيٰ تي بحث ڇو؟ ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟

سئو ورهين کان جاري بحث “حقيقت جي نوعيت” تي آهي ۽ ساڳئي وقت اهو بحث “سائنس جي نوعيت” تي بہ آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ ٻن بنيادي سوالن کي ڏسڻو پوندو. 

پهريون: ڇا فطري دنيا اسان جي ذهن کان آزاد پنهنجو وجود رکي ٿي؟ يعني ڇا مادو اسان جي سمجھ ۽ ڄاڻ کان الڳ پڪي خاصيتون رکي ٿو؟
ٻيو: ڇا انهن خاصيتن کي سمجهي ۽ بيان ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اسان فطرت جا قانون ايترا سمجهي سگهون ٿا جو ڪائنات جي تاريخ بيان ڪري سگهون ۽ مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگهون؟

انهن ٻنهي سوالن جا اسان جا جواب سائنس جي نوعيت ۽ مقصد بابت بہ نتيجا ڪڍن ٿا، تہ سائنس جو انسانيت جي منصوبا بندي ۾ ڪردار ڪهڙو آهي. ۽ اهو سوال حقيقت ۽ خيالن جي سرحد کي بہ واضح ڪري ٿو.

جيڪي ماڻهو ٻنهي سوالن جا جواب “ها” ۾ ڏين ٿا، انهن کي realist حقيقي چيو وڃي ٿو. آئن اسٽائن realist حقيقي هو. سندس بنيادي يقين اهو هو تہ اسان جي وجود کان ٻاهر دنيا اصل ۾ موجود آهي ۽ ان جون خاصيتون اسان جي سمجھ ۽ ڄاڻ تي دارومدار نٿيون رکن. ٻيو اهو تہ اها دنيا سمجھ هيٺ آهي ۽ ان جي وضاحت ٿي سگهي ٿي.

جيڪڏهن اوهان realist حقيقي آهيو تہ اوهان جو يقين هوندو تہ سائنس جو منصوبو انهيءَ وضاحت تائين پهچڻ جي رستي جي ڳولا آهي.
پر جيڪڏهن اوهان ٻنهي سوالن بابت مثبت جواب نٿا ڏيو تہ پوءِ اوهان anti-realist حقيقت پسندي خلاف آهيو.

گهڻا سائنسدان انسان جي سطح تي روزاني جي شين بابت realist حقيقي آهن. اهڙيون شيون جن کي اسان ڏسي سگهون ٿا، کڻي سگهون ٿا، اڇلائي سگهون ٿا. اهڙيون شيون هر لمحي ۾ خلا جي ڪنهن نہ ڪنهن هنڌ موجود هونديون آهن. جڏهن اهي حرڪت ڪن ٿيون تہ ڪنهن trajectory رستي جي رستي تي ۽ ڪنهن مقرر رفتار سان. انهن جو ماس ۽ وزن هوندو آهي.

جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ٻڌايو تہ “ڳاڙهو ڪتاب ٻئي ڪمري ۾ ميز تي پيل آهي” تہ اها ڄاڻ صحيح بہ ٿي سگهي ٿي يا غلط بہ، پر ان جو واسطو ڪنهن جي سمجھ سان ناهي.

مادي جي اها وضاحت، جيڪا ننڍن پيمانن کان وٺي سيارن ۽ تارن تائين ڪم ڪري ٿي، اها ڪلاسيڪل فزڪس آهي. اها گليليو، ڪيپلر ۽ نيوٽن جي دور کان هلندي اچي ٿي ۽ آئن اسٽائن جي ريليٽوٽي جو نظريو ان جي شاندار ڪاميابي آهي.
پر گهڻن ننڍن پيمانن تي  جتي فردي ايٽم جي ڳالھ ٿئي realist حقيقي رهڻ سولو ناهي. ۽ ان جي وجھ ڪوانٽم ميڪانڪس آهي.

ڪوانٽم ميڪانڪس انهيءَ سطح تي اسان جو بهترين نظريو آهي. پر ان جون ڪجھ خاصيتون ڳجھ آهن. عام خيال اهو آهي تہ اهي خاصيتون realism حقيقت نگاري کي ناممڪن بڻائي ڇڏين ٿيون.

گهڻا فزڪسدان ايٽم، ريڊيئيشن يا بنيادي ذرّات بابت realist حقيقي ناهن. ائين ناهي جو انهن کي ڪنهن ريڊيڪل فلسفاتي پوزيشن جي ڪري realism حقيقي نگاري کي رد ڪرڻو هجي. پر جيڪڏهن ڪوانٽم ميڪانڪس مڪمل آهي (جيئن گهڻا فزڪسدان سمجهن ٿا) تہ پوءِ realism حقيقي نگاري ناممڪن آهي.

۽ اها ئي وجھ هئي جو آئن اسٽائن ڪوانٽم ميڪانڪس کي هڪ عارضي “جُگاڙ” قرار ڏئي مسترد ڪري ڇڏيو هو جيڪا فقط نتيجا تہ بالڪل صحيح ڏيندي آهي پر مڪمل نظريو ناهي.

آئن اسٽائن (۽ ٻيا حقيقي realist) يقين رکندا هئا تہ ڪوانٽم ميڪانڪس اڌورو نظريو آهي ۽ جڏهن ان جي تڪميل ٿيندي تہ اها realism حقيقي نگاري سان مطابقت رکندڙ هوندي.
حقيقي نگاري realism ۽ فزڪس جي وچ ۾ اها مطابقت ڳولڻ آئن اسٽائن جو مشن هو، جيڪو هو پنهنجي زندگي ۾ حاصل نہ ڪري سگهيو.

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (2) - سادو سوال
https://www.facebook.com/share/p/1MHG6DjV58/

No comments:

Post a Comment