Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (2) - سادو سوال


ڪوانٽم کان اڳتي (2) - سادو سوال

”دريا خان سنڌي“
کليل دريءَ مان ٻاهر جي تازي هوا اندر اچي رهي آهي، ۽ ساڻس باغ ۾ لڳل گلن جي خوشبوءَ بہ. پر هي معجزو ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ هوا ۾ پکڙيل مالڪيول نڪ ۾ داخل ٿي ڪيئن خوشبوءَ جو احساس ڏين ٿا؟
اسان رنگين دنيا ڏسون ٿا. ۽ اهو قصو بہ ياد آهي تہ روشنيءَ جي الڳ الڳ wavelength موج جي ڊيگھ الڳ الڳ نيورونز کي تحريڪ ڏين ٿيون. پر ڳاڙهاڻ يا نيراڻ آخر ڪيئن الڳ نيورون جي اُڀار ٿيڻ جي ڪري ذهن ۾ اڀرن ٿا؟
اهي محسوسيات (جنهن کي فلسفي ۾ احساسيت چون ٿا) جيڪي رنگ ۽ خوشبوءَ ۾ فرق ڪن ٿا، آخر ڇا آهن؟ ۽ جيڪڏهن هي سڀ نيورون جا برقي سگنل ئي آهن، تہ پوءِ رنگ ۽ ڏپ ۾ فرق ڇو آهي؟ ۽ اهو تہ "آئون" ڪير آهيان، جيڪو صبح جو جاڳي ٿو؟ ۽ هي ڪائنات ڇا آهي جنهن ۾ آئون اکيون کوليان ٿو؟

اسان جي وجود ۽ دنيا سان لاڳاپي جا سڀ کان سادا مسئلا بہ اسرار سان لاڳاپيل آهن
پر هاڻي لاءِ اسان انهن ڏکين سوالن کان آهستي آهستي اڳتي وڌون ٿا. اسان کي خبر آهي تہ سائنسدان طور ڪٿي پهچڻ لاءِ اهڙو ڪرڻ ضروري آهي. ۽ اڃان هڪ گهڻي سادي سوال سان شروعات ڪريون ٿا

مادو ڇا آهي؟
مون کي هڪ پٿر نظر اچي ٿو، مون ان کي کنيو، ان جو وزن ۽ شڪل منهنجو هٿ محسوس ڪري ٿو، يقينن، هي هڪ پراڻو احساس آهي، پر هي پٿر اصل ۾ ڇا آهي؟
اسان کي خبر آهي تہ پٿر ڪيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڪيئن محسوس ٿئي ٿو، پر هي ڄاڻ اوتري پٿر بابت آهي جيتري اسانجي پاڻ بابت، ان جي صورت ۽ هجڻ جي احساس کان اسان ان جي وجود جو اندازو لڳايون ٿا. 

اسان کي خبر آهي تہ پٿر ۾ گهڻو حصو خالي جڳھ آهي جنهن ۾ ايٽمن جي ترتيب آهي، ان جو پڪائپ ۽ سختي اسان جي ذهن جي تخليق آهي، ۽ اسان جو ذهن انهن محسوسيات کي انهيءَ اسڪيل تي گڏ ڪري ٿو، جيڪو ايٽمن جي اسڪيل کان گهڻو آهي
مادو پاڻ ڪيترين صورتن ۾ اچي ٿو، انهن مان ڪيتريون پٿر جيان ڏاڍيون پيچيدھ آهن، مثال طور اسان جي ڪپڙن يا ڪمبلن ۾ سبيئل نامياتي مادو، پر اچو تہ هاڻي مادي جي سادي صورت تي غور ڪريون
گلاس ۾ پاڻي، هي ڇا آهي؟
اسان جي اک کي ۽ اسان جي لمس کي پاڻي هڪ لڳاتار ۽ هموار شيءِ لڳي ٿو، ۽ هي گهڻي پراڻي ڳالھ ناهي (هڪ صدي کان ٿورو گهڻو عرصو گذريو آهي) جڏهن فزيسسٽ خيال ڪندا هئا تہ مادو لڳاتار آهي

البرٽ آئن اسٽائن ڏيکاريو تہ اهي غلط هئا، ۽ پاڻي ايٽمن مان ٺهيل آهي، پاڻي ۾ هائيڊروجن جا ٻہ ۽ آڪسيجن جو هڪ ايٽم گڏ ٿي مالڪيول بڻائن ٿا، ۽ اها ئي پاڻيءَ جي جوڙجڪ آهي

پر هي ايٽم ڇا آهي؟
آئن اسٽائن جي ڪم جي هڪ ڏهاڪي اندر ايٽم کي هڪ ننڍڙي شمسي نظام طور سمجهيو ويو، نيوڪليئس جو ڪردار اهو ئي جيڪو سج جو هوندو آهي، ۽ ان جي چوڌاري اليڪٽران اهڙيءَ طرح گهمندا آهن جيئن سيارا

پر هي اليڪٽران ڇا آهي؟
اسان کي خبر آهي تہ اليڪٽران محتاط يونٽن جي صورت ۾ ايندا آهن، هر هڪ وٽ ماس ۽ چارج جي خاص مقدار هوندي آهي، ان جي اسپيس ۾ ڪا لوڪيشن هوندي آهي، اهو حرڪت ڪري سگهي ٿو، جڏهن اسان ان کي ڏسون ٿا تہ اهو هتي آهي، ۽ پوءِ جڏهن ڏسون ٿا تہ ٻئي جاءِ تي آهي

پنهنجي خاصيتن کان سواءِ اليڪٽران جو تصور ڪرڻ بلڪل بہ سولو ناهي 
نہ، بلڪل بہ سولو ناهي
۽ هن ڪتاب جو وڏو حصو انهيءَ بابت آهي

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (1) - سائنس

https://www.facebook.com/share/p/19VfsfPmbf/ 

No comments:

Post a Comment