Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (24) - متوازي ڪائناتون


ڪوانٽم کان اڳتي (24) - متوازي ڪائناتون

”دريا خان سنڌي“
هيو ايورٽ 1957ع ۾ پنهنجو پي ايڇ ڊي ٿيسس لکي ظاهر ڪيو. اهو گهڻي ڀاڱي گهٽ هو. ايورٽ ان کان پوءِ دفاعي صنعت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اهو مقالو فزڪس ۾ سندس واحد شموليت هئي. سالن کانپوءِ ان تي ڌيان آيو. ان جا اثر وڏا نڪتا. ڊي برُواءِ کان پوءِ گهڻو ڪري ئي ڪنهن ٻي ماڻهو جو پي ايڇ ڊي ٿيسس فزڪس جي بنيادن بابت ايتري اهميت رکي.
پهريان اسان ٿورو روڪي ڏسون تہ ڪوانٽم فزڪس جي سمجهاڻي لاءِ اسان وٽ ڪهڙا رستا موجود آهن؟
پهريون رستو اينٽي-ريئلزم (غير حقيقيت پسند) آهي. گهٽ لفظن ۾ مطلب اهو تہ سائنس اسان کي حقيقت جو پورو نقشو نہ ڏئي ٿي. موجودھ فزڪس ۾ اهو مٿائون فڪر آهي.
ٻيو رستو ريئلزم (حقيقيت پسندي) آهي، جنهن جون ڪجھ جھلڪيون اسان اڳين قسطن ۾ ڏسي آيا آهيون، پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آهي تہ انهيءَ لاءِ اسان کي نظريي ۾ ڪجھ تبديلي يا وڌارو ڪرڻو پوندو. بهتر هوندو تہ مستقبل جا تجربا انهن مان ڪنهن جي سڃاڻپ ڪن. پر فرض ڪريو ڪيترن ئي سالن يا صدين کان پوءِ بہ اسان وٽ اهڙو ڪو مشاهدو نہ ٿئي جيڪو اهو ٻڌائي تہ ڪوانٽم ميڪينيڪس ۾ ترميم جي ضرورت آهي. يعني اسان کي ٻڌايو وڃي تہ ڪوانٽم ميڪينيڪس اصل صورت ۾ مڪمل آهي، تہ پوءِ ان جو مطلب ڇا هوندو؟
يا تہ ريئلزم کي خدا حافظ چئي ڇڏڻو پوندو يا وري ريئلزم جي جيڪو مطلب بچندو، اهو ايورٽ پنهنجي پيپر ۾ ظاهر ڪيو هو. ان کي ڪوانٽم ميڪينيڪس جي Many-Worlds تشريح چيو وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي تہ اسان ان لامتناهي متوازي حقيقتن مان هڪ جو تجربو ڪري رهيا آهيون.

ڪوانٽم ميڪينيڪس جو مسئلو اهو آهي تہ ڪوانٽم سسٽم جو ارتقاء ٻئي رول موجب ٿيندو آهي، جنهن جي اسان وٽ وضاحت ناهي. ايورٽ جي پيش ڪيل سوچ جي سٺي ڏيک اها هئي تہ جيڪڏهن “ٻيو رول” موجود ئي نہ هجي، تہ پوءِ ويوو فنڪشن ڪوليپس نہ ٿيندو.
۽ جيڪڏهن ويوو فنڪشن ڪوليپس نہ ٿيندو تہ امڪانن مان اسان ڪهڙو مشاهدو ڪنداسين؟
هتي ايورٽ رئيلٽي جو هڪ مختلف تصور پيش ڪري ٿو. شروڊنگر پنهنجي خيالي تجربي ۾ ڪوانٽم سوئچ سان ٻڌل ٻليءَ جي تقدير تي سوال ڪيو تہ ڇا ٻلي زندھ هوندي يا مري ويل؟
ايورٽ موجب تہ “ٻئي” ٻئي ئي. اسان حقيقت جي خالي هڪ شاخ جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. جڏهن اسان ڪو نئون تجربو ڪندا آهيون تہ ڪائنات متوازي ڪائناتن ۾ ورهائجي ويندي. هر متوازي ڪائنات ممڪن نتيجن جي هڪ شاخ هوندي. ۽ اسان پاڻ بہ ٻنهي شاخن ۾ موجود آهيون.
ايورٽين ڪوانٽم ميڪينيڪس ۾ پارٽيڪل جو تصور ناهي. هتي هڪ شاخ کي ٻي شاخ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. هر شاخ حقيقت آهي. تہ پوءِ جيڪڏهن ايورٽ صحيح آهن تہ آئون هڪ ئي وقت ڪراچي ۾ آهيان، لنڊن ۾ آهيان، ٽورانٽو ۾ آهيان، ۽ ٻين سڀني هنڌن تي جيترا ممڪن هئا، اُتي بہ آهيان. منهنجو هوائي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جي تھ ۾ تباھ ٿي چڪو بہ آهي.
اهي شاخون دنيائون سمجهيون وڃن ٿيون. تنهنڪري ان کي ڪوانٽم ميڪينيڪس جي many-worlds (گهڻ-دنيا) تشريح چيو ويندو آهي.
۽ ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ هڪ شاخ جا مشاهدا (observer) ٻي شاخ سان رابطو ڪرڻ جو ڪو طريقو نٿا رکن.

ايورٽ جو پيپر سادو هو ۽ ان ۾ مسئلا بہ هئا. ان کي بهتر بڻايو ويو آهي. ڪائنات ۾ هر وقت ڪوانٽم فيصلا ٿي رهيا آهن، ٻہ ائٽم ٽڪرائڻ سان بہ. ۽ اهي فيصلا سڀني جڳھن تي ٿين ٿا. تنهنڪري هر لمحي لا تعداد ڪائناتن جون شاخون وجود ۾ اچي رهيون آهن.
انهن تي يقين رکڻ لاءِ فزڪس جي رياضيءَ تي وڏي قسم جو ايمان گهرجي. انهيءَ ڪري ان جي قبوليت ۾ وقت لڳو.
ايورٽين ڪوانٽم ميڪينيڪس سان ڪيترا مسئلا هئا. انهن مان هڪ مثال: هن تشريح ۾ هڪ شي جيڪا گم ٿي وڃي ٿي، اها امڪانن (probabilities) جي حيثيت آهي. هر واقعو جيڪو ٿي سگهي ٿو، سي يقيني طور تي واقع ٿيندو. ۽ انهيءَ سان اسان ڪوانٽم ميڪينيڪس جو هڪ اهم حصو وڃائي ويهنداسين. ان جو حل ايورٽ پاڻ ظاهر نہ ڪري سگهيا. ان تي گهڻي عرصي کانپوءِ ڪم ڪيو ويو.

ايورٽ جو نظريو حقيقت جي نوعيت بابت هڪ مفروضو (hypothesis) آهي. اهو دعويٰ ڪري ٿو تہ اسان مان هر هڪ متوازي زندگيون گذاري رهيو آهي. ۽ اهي سڀ شاخون اصلي آهن.
ان تي جيڪا اهم بهتري آئي، اها اها آهي تہ ورهائجي ويندڙ شاخون لامتناهي ناهن پر بيحد (infinite) آهن. هر لمحي ۾ حقيقت جون جيڪي بہ شاخون ورهائجن ٿيون، اهي اڻ کٽ آهن. امڪانيت (probability) گهڻائي جي رياضيات مان نڪري اچي ٿي.
ان تي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ لاءِ ڪيتريون دلچسپ تجويزون آيون آهن ۽ آڪسفورڊ اپروچ کان اڳتي وڌڻ جون اميدون آهن پر اسان هتي وڌيڪ گهرائيءَ ۾ نہ وينداسين. خلاصو اهو آهي تہ هن رستي تي سٺ سال جي پڙهائيءَ کان پوءِ بہ سائنٽسٽن ۾ اڃان اتفاقِ راءِ نہ آيو تہ ايورٽ جي حيرت انگيز خيال سان ڇا ڪجي؟

ايورٽ جي مفروضي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ کي ڊولپ ڪرڻ تي گهڻي محنت ٿي آهي. برحال اسان چئي سگهون ٿا تہ ان تي ڪيو ويندڙ گهڻو ڪم اسان جي دنياءَ کان وڌيڪ انهن دنيائن تي آهي جن جو اسان تجربو نٿا ڪري سگهون. هڪ نتيجو اهو نڪرندو آهي تہ اسان مان هر هڪ جون اڻ ڳڻت نقليون موجود آهن. جيتوڻيڪ اهو سائنس فڪشن لڳي ٿو، پر ايورٽ جي مفروضي جو لازمي نتيجو آهي.

هتي هڪ اهم نقطو (جيڪو ڪيترائي سائنسدان بہ وساري ويهن ٿا) اهو آهي تہ ڪنهن ڪم کي جيڪو اسين نٿا ڪري سگهون، انهيءَ کي ڪنهن سمجهاڻي مان پنهنجي چاهت موجب هٽائي ڇڏڻ صحيح ناهي. جيڪڏهن ويئو فنڪشن ڪوليپس حقيقت نہ آهي ۽ ڪوانٽم ميڪينيڪس مڪمل آهي ۽ سائنس جو واسطو حقيقت سان آهي تہ پوءِ ايورٽين ميڪينيڪس حقيقي آهي.
ڇا مني-ورلڊ تشريح ڪوانٽم ميڪينيڪس جي صحيح سمجهاڻي آهي؟ ان موجب ڪيترن ئي دنيائن ۾ توهان ايورٽ سان متفق هجو، ڪيترن ۾ اختلاف، ۽ گهڻن ۾ ان جي پرواھ ئي نہ ڪندا هوندا.

هلندڙ... 

https://www.facebook.com/share/p/1AUz2aLkuC/ 

No comments:

Post a Comment