ڪوانٽم کان اڳتي (23) ۔ پينروز جي دنيا
”دريا خان سنڌي“
جيڪڏهن جيئندڙ فزيسسٽن ۾ ڪو هڪ اهڙو آهي، جيڪو ويهين صدي جي عظيم دانا سائنسدانن جي زماني جو آهي، تہ اهو راجر پينروز آهي
جيئن هو رياضي جا ذهني تصور ٺاهي وٺي ٿو، اهو بي مثال آهي، پر اهم ڳالھ اها آهي تہ سندس پنهنجو آزاد خيال آهي، ۽ انهيءَ ڪري سندس وٽ فزڪس جي بنيادي مسئلن بابت نوان ۽ حيران ڪندڙ خيال آهن.
اسان سولائي سان چئي سگهون ٿا تہ جنرل ريليٽوٽي ۾ آئن اسٽائن کان پوءِ سڀ کان وڏو حصو پينروز جو آهي، پر رڳو ايترو چوڻ ڪافي نہ ٿيندو، راجر پينروز اسپيس ٽائيم جيوميٽري کي بيان ڪرڻ لاءِ رياضيءَ جا اوزار تيار ڪيا، ۽ انهن مان اڳڪٿي ڪئي تہ جيڪڏهن جنرل ريليٽوٽي صحيح آهي تہ بليڪ هول جي مرڪز ۾ گريويٽيشنل فيلڊ لامحدود ٿيندو، ۽ جڏهن ائين ٿيندو تہ هي نظريو ٽٽي پوندو، پوءِ مساوات اڳتي اڳڪٿي نہ ڪري سگهنديون، هيءَ سنگيوليريٽي اڪائي آهي، پوءِ هاڪنگ سان گڏجي ان جو وڌندڙ ڪائنات تي لاڳاپو ڪيو ۽ ثابت ڪيو تہ جنرل ريليٽوٽي جي اڳڪٿي آهي تہ وقت جي پيدائش اسان جي ماضيءَ ۾ ڪنهن خاص موقعي تي ٿي، جڏهن ڪائنات لامحدود ڪثافت مان وڌڻ شروع ڪئي هئي.
پر سندس ايجادون ان کان بہ گهڻيون آهن، آئن اسٽائن جي طرز تي ئي پينروز هڪ ريئلسٽ-حقيقي آهي، ۽ کيس ان ڳالھ جي گهڻي پرواھ آهي تہ ڪائنات بابت اسان جي سمجھ ڳنڍيل ۽ ضم هجي، ۽ سندس اهو ئي جذبو آهي جنهن سان ان بنيادي فزڪس جو هڪ دلچسپ خواب ٺاهيو
جنرل ريليٽوٽي ۾ جدت آڻڻ کان پوءِ پينروز پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو رخ فنڊامنٽل فزڪس ڏانهن ڪيو، ۽ کيس هڪ خيال آيو، اهو ڪوانٽم اينٽينگلمنٽ ۽ مڪ پرنسپل (جيڪو آئن اسٽائن جي جنرل ريليٽوٽي جي پويان هو) جي وچ ۾ لاڳاپي بابت هو، اهي ٻئي خيال ٻنهي دنيان ۾ هم آهنگي ڏين ٿا.
پينروز سوال ڪيو تہ ڇا اسپيس ۽ ٽائيم کي بيان ڪندڙ لاڳاپو ڪوانٽم اينٽينگلمنٽ مان تہ نہ ٿو نڪري؟ ۽ ان خيال جي بنياد تي هن هڪ راند (گيم) ٺاهي، جنهن ۾ ڪوانٽم اينٽينگلمنٽ ۽ فزيڪل جيوميٽري جا پهلو ڏيکاريندڙ ڊرائنگون هيون، هن ان کي "اسپن نيٽ ورڪ" جو نالو ڏنو،
ڏهاڪن تائين ڪانفرنسن ۾ اسپن نيٽ ورڪس تي ڳالهيون ٿينديون رهيون، پر ان کي پڌرو ڪرڻ تہ پري، پينروز ڪڏهن ٽائپ بہ نہ ڪيو، پوءِ هلي هيءَ نئين اڀرندڙ ٿِيوري لوپ ڪوانٽم گريويٽي جو مرڪزي ڍانچو بڻجي وئي، جنهن ۾ ڪوانٽم ميڪينڪس ۽ جنرل ريليٽوٽي گڏ رهي سگهن ٿا.
ٻئي طرف، پينروز اسپن نيٽ ورڪس جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي "ٽوئسٽر ٿِيوري" ايجاد ڪئي، سندس ڪم ايڊورڊ وٽن جي ڌيان ۾ آيو، ۽ سندس ڪوانٽم فيلڊ ٿِيوري جي طاقتور ٻيهر جوڙجڪ ۾ ٽوئسٽرز جو اهم ڪردار آهي، هي ڪم اڃا جاري آهي.
ڪوانٽم گريويٽي ۾ پينروز هڪ ٻي دلچسپ راھ ماڻي، عام طور تي ڪوانٽم ميڪينڪس ۽ جنرل ريليٽوٽي کي گڏ ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو استعمال ٿيندو آهي، ان ۾ گريويٽي کي ڪوانٽائز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر ڪوانٽم ميڪينڪس ۽ ريليٽوٽي جي وچ ۾ ڪجھ ٻيا فرق بہ آهن،
هڪ فرق وقت جو آهي، جنرل ريليٽوٽي ۾ وقت ريليٽو آهي، جڏهن تہ ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ سپرپوزيشن ان ڪري ممڪن آهي جو ان ۾ وقت ريليٽو ناهي، هڪ ئي عالمي يونيفرسال ٽائيم آهي، ۽ انهيءَ ڪري ڪنهن بہ سسٽم جي حالت وقت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿي.
پينروز پنهنجي شروعات سپرپوزيشن ۽ وقت کي بنياد بڻائي ڪري ڪري ٿو، سندس خيال آهي تہ سپرپوزيشن جي سادگي صحيح نہ آهي ۽ اهو رڳو تڏهن ڪم ڪندو آهي، جڏهن گريويٽي جو ڪردار نظرانداز ڪيو ويندو آهي، وقت جي ڊائليشن ۽ سپرپوزيشن جي پيرادوڪس کي حل ڪرڻ ڪوانٽم ٿِيوري کان اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.
سندس ٿِيوري ريئلسٽ آهي، جنهن ۾ حقيقت رڳو ويُو فنڪشنز تي ٻڌل آهي، ويُو فنڪشن جو "ڪولپس" اصل ۽ فزيڪل عمل آهي، جيڪو وقت بوقت ٿيندو آهي ۽ جنهن جو واسطو گريويٽي سان آهي، جڏهن ويُو فنڪشن ڪولپس ٿيندو آهي تہ سپرپوزيشن ختم ٿي ويندي آهي، ۽ ان جي ڪولپس ٿيڻ جي رفتار سسٽم جي سائيز ۽ ماس تي دارومدار رکي ٿي، ان جو مطلب هي آهي تہ سب ائٽامڪ سسٽم تقريبن ڪڏهن ڪولپس نہ ٿيندا، جڏهن تہ وڏا سسٽم ايترا جلدي ڪولپس ٿيندا جو انهن جي سپرپوزيشن ناممڪن آهي.
اسان وقت جي رفتار جي گريويٽي سان تبديلي جو ٽيسٽ گهڻي ڀاڱي درستگيءَ سان ڪري چڪا آهيون، سج جي مٿاڇري تي ائٽمن جو وائبريشن گهٽ رفتار سان ٿيندو آهي، تھ خاني ۾ ڇت جي ڀيٽ ۾ ائٽمي گھڙي سست رفتار سان هلندي آهي، پوءِ اهڙو ائٽم جيڪو سپرپوزيشن ۾ ڪچن ۽ ڊرائنگ روم ۾ آهي؟ ان جو مطلب هي ٿيڻ گهرجي تہ گريويٽيشنل فيلڊ بہ سپرپوزيشن ۾ هجڻ گهرجي، ڇو تہ گھڙي جي رفتار ۾ فرق آهي.
پر اهڙي ڪا حالت موجود ناهي، ڇو تہ اسپيس ٽائيم جيوميٽري ان جي اجازت نٿي ڏئي، انهيءَ ڪري ويُو فنڪشن کي ڪولپس ٿي وڃڻ گهرجي
پينروز جي ٿِيوري اڳڪٿي ڪري ٿي تہ ويُو فنڪشن ڪڏهن ڪولپس ڪندو، ۽ هن جي ڪم تي تجربا ڊزائن ڪرڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي
پينروز جي ٿِيوري ڪوانٽم ميڪينڪس ناهي، اها هڪ نئين ٿِيوري آهي جنهن ۾ ڪوانٽم ميڪينڪس هڪ نئين فريم ورڪ جي اندر آهي، ان مان ڪوانٽم ميڪينڪس ۽ نيوٽن جا قانون اپروڪسيميشن تقريبن طور نڪري اچن ٿا
گريويٽي جي مدد سان ڪولپس ماڊل جي رستي تي ڪوانٽم ميڪينڪس جي تشريح تي هاڻي جامبيني ۽ هورگي پولن بہ ڪم ڪري رهيا آهن، اسٽيو ايڊلر جو ڪم بہ فزيڪل ڪولپس ماڊل تي آهي.
ڪولپس ماڊلز ۾ خالي لهرون آهن، ذرڙا نہ، ان سان حقيقت جي ٻن رخن (dual ontology) جو مسئلو پيدا نہ ٿيندو، ۽ ماپ جو مسئلو حل ٿي ويندو، پر ان ۾ جيڪا قيمت ڏيڻي پوندي، اها نون ايڊجسٽ ايبل پيرا ميٽرز جي آهي، جن جي فائن ٽيوننگ ڪرڻي آهي
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (22) - ڪوليپس
https://www.facebook.com/share/p/1CSWb7nf7F/
No comments:
Post a Comment