ڪوانٽم کان اڳتي (22) - ڪوليپس
”دريا خان سنڌي“
ڪامن سينس چوندي آهي تہ روزمرھ جون شيون سپرپوزيشن ۾ ناهن. هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن خاص جاءِ تي ئي آهي.ڪوانٽم ميڪانڪس جي روايتي تشريح ٻڌائي ٿي تہ ويُو فنڪشن پکڙيل آهي، ۽ جڏهن ماپ (measurement) ڪئي وڃي ٿي تہ اهو ڪوليپس ٿي ڪنهن هڪ جاءِ تي ملي وڃي ٿو. ۽ هتي ئي هڪ مسئلو آهي
ماپ جو اوزار پاڻ هڪ فزيڪل سسٽم آهي، جيڪو سائيز ۾ وڏو آهي ۽ جنهن جي صلاحيت ائٽم جي خاصيت ۾ تبديلي کي ريڪارڊ ڪرڻ آهي، پر اهو اوزار بہ ساڳين ئي قانونن جو پابند آهي، جن جو پابند ائٽم آهي، جيڪڏهن مطالعو ٿيندڙ ائٽم سپرپوزيشن ۾ آهي، تہ اوزار جا ائٽم بہ ان ۾ هوندا،
ماپ آخر ڪنهن جي ٿي رهي آهي، ۽ ڪڏهن ٿي رهي آهي؟ ان سوال جو جواب خالي اسان ڏيندا آهيون
رئيلزم لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي، ۽ جيڪڏهن پائلٽ ويُو ٿِيوري استعمال ڪئي وڃي، تہ پوءِ ويُو فنڪشن جون خالي شاخون برداشت ڪرڻيون پونديون، جيڪي گهڻي وقت کان ان آبجيڪٽ شيءِ کان ڪٽجي چڪيون آهن جنهن کي اهي ٻڌائي رهيون هيون، پر هميشہ باقي رهن ٿيون
ڇا اهو ڪوليپس هڪ حقيقي فزيڪل پروسيس ٿي سگهي ٿو؟ يعني جڏهن بہ ڪنهن وڏي جسم سان انٽريڪشن لھر وچڙ ٿئي تہ اهو متحرڪ ٿي وڃي؟ ۽ ان جو واسطو ان شيءِ جي سائيز ۽ ماس سان هجي، پوءِ ڀلي اهو ماپ جو اوزار هجي يا ڪجھ ٻيو؟ ڇا ماپ جا اوزار پاڻ بہ ڪوليپس ٿين ٿا؟
تشريحات جي هي فيملي فزيڪل ڪوليپس ماڊلز جي آهي،
پهريون فزيڪل ڪوليپس ماڊل، بوهم جي شاگرد جيفري بب 1966ع ۾ پيش ڪيو، اهڙو ئي هڪ پيپر ڪارولي هاجي لکيو هو، پر مڪمل ٿِيوري پهريون ڀيرو آمريڪي ٿِيورسٽ فلپ پرل 1976ع ۾ ڏني، ان وقت انهن خيالن کي گهڻو نظرانداز ڪيو ويو.
اڻويھ1986ع ۾ ٽن اطالوي سائنسدانن وڌيڪ سٺو خيال پيش ڪيو، جيڪو GRW ٿِيوري آهي
انهن سڀني ۾ هڪ ڳالھ گڏيل آهي: ان ۾ ڪنهن پارٽيڪل جي ضرورت ئي ناهي، سڀ ڪجھ رڳو لهر آهي، ڪوليپس ٿيڻ سان اهي ويُوز ڪنهن خاص جاءِ تي گڏ ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن کي ڪنهن پارٽيڪل کان ڌار ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.
ڇوتہ پارٽيڪل ڌڙ کان آهي ئي ڪان، تنهنڪري ويُو-پارٽيڪل جي ٻٽي فطرت (duality) جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو، پر هڪ مسئلو بچي وڃي ٿو: ويُوز جي ارتقاء (evolution) جا ٻہ الڳ پروسيس ڇو آهن؟
اهي رئيلسٽ ٿِيورِيز آهن، جن ۾ ويُو فنڪشن پاڻ هڪ سسٽم آهي، هتي پائلٽ ويُو ٿِيوري جي خالي شاخن جو مسئلو ناهي، ماپ جو مسئلو بہ ناهي، ڇوتہ وڏا آبجيڪٽ شيون، جهڙوڪ ماپ جا اوزار، پنهنجي سائيز جي ڪري ڪوليپس واري حالت ۾ هوندا آهن، انهن ۾ شعور، معلومات يا ماپ جي ڪنهن خاص ڪردار جي ضرورت ناهي.
ان جو هڪ نتيجو اهو آهي تہ توانائي جو ڪنزرويشن صحيح صحيح ناهي، ۽ ڪوليپس مان گرمي ۽ آزاد شور پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ماپ اهڙن ماڊلز جو تجربي طور ثبوت هوندي.
ڇا ڪوليپس ماڊلز ڪوانٽم ميڪانڪس کي سمجهڻ لاءِ صحيح رخ آهن؟ اهو هڪ قبوليل مفروضو (viable hypothesis) آهي، ان جا بہ اوترا ئي مسئلا آهن جيترا ڪنهن بہ اينٽي-رئيلسٽ تشريح جا، ۽ ٻين سڀني تشريحات وانگر ان سان بہ ڪوانٽم گريوٽي جو مسئلو آهي
ڪوانٽم ميڪانڪس ۾ گريوٽي جو نہ هجڻ ان ڳالھ جي صاف نشاني آهي تہ ڪوانٽم ميڪانڪس مڪمل ناهي، ۽ اهو ئي اسان کي راجر پينروز ڏانهن وٺي وڃي ٿو
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (21) - عجيب سائنسدان؟
https://www.facebook.com/share/p/17PKSbBD81/
No comments:
Post a Comment