Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (21) - عجيب سائنسدان؟


ڪوانٽم کان اڳتي (21) - عجيب سائنسدان؟

”دريا خان سنڌي“
ڪوانٽم ميڪانڪس جي تشريح ڪوپن هيگن ۾ طئي ٿي چڪي هئي، متبادل تشريحن کي رد ڪيو ويو هو، ڊي بروءِ پنهنجي تشريح بابت هار مڃي چڪو هو، خالي آئن اسٽائن ۽ شروڊنگر باقي هئا، جيڪي اڃا تائين مڪمل طور راضي نہ ٿيا هئا، پر سندن اختلاف جو ڪو وڏو اثر نہ رهيو. 
اهو ڪهڙو بيان هو؟ ان جا باني پاڻ بہ مڪمل راضائپي تي نہ هئا۔ هائزنبرگ ۽ بوهر جا خيال مختلف هيا، پر بنيادي ڳالھ تي فيصلو ٿي ويو هو تہ "ماپ" يا "مشاهدو" هڪ خاص عمل آهي ۽ اهو واپس نٿو ٿي سگهي، ماپ اسان کي ڪنهن شيءِ جو "سچ" نٿي ٻڌائي، پر رڳو هڪ ڪارائتو نتيجو ڏئي ٿي، ڪوانٽم ميڪانڪس جو واسطو حقيقت (Reality) سان ناهي
ان بنياد تي ئي نصابي ڪتاب لکيا ويا، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ ٻين عملي استعمالن ۾ ان تشريح کان مدد ورتي وئي، تازين ڏهاڪن ۾ متبادل تشريحن ۾ دلچسپي وڌي آهي، دلچسپ ڳالھ اها آهي تہ ريئلزم تي ٻڌل تشريح جي پهرين ڪوشش پراڻي آهي. 

آمريڪا ۾ 1950ع ۾ هڪ نوجوان نظرياتي سائنسدان ڊيوڊ بوهم ڪوانٽم ميڪانڪس تي ڪتاب لکي رهيو هو، هو پرنسٽن يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو ۽ سندس خاصيت پلازما فزڪس هئي، هو رابرٽ اوپن هائمر جو شاگرد رهيو هو ۽ ڪميونسٽ خيالن سان همدردي رکندو هو، اوپن هائمر کيس ايٽم بم جي پروجيڪٽ ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿي، پر سياسي نظرين جي ڪري کيس روڪيو ويو، 
ڪوبہ ثبوت تہ اهو جاسوس هو، نہ مليو، پر پنهنجي نظرياتي وابستگيءَ سبب گرفتار ٿيو ۽ پوءِ آزاد ڪيو ويو، پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو مايوس ڪندڙ فيصلو هو تہ پهرين کيس معطل ڪيو ۽ پوءِ سندس معاهدي جي تجديد کان انڪار ڪيو، آئن اسٽائن ڪوشش ڪئي تہ کيس يونيورسٽي ۾ رکيو وڃي، پر انتظاميا جي مخالفت سبب اهو نہ ٿي سگهيو. 

بوهم بيروزگار هو، جڏهن سندس ڪتاب ڇپيو تہ گهڻو ساراهيو ويو، اهو ڪوپن هيگن تشريح جي حمايت ۾ هو، آئن اسٽائن بوهم سان مليو، ڪتاب جي تعريف ڪئي، پر ساڳئي وقت متبادل خيالن لاءِ ذهن کليل رکڻ جو چيو، لڪل ويئرئيبلز بابت پنهنجو نقطو نظر ظاهر ڪيو

لڳي ٿو تہ آئن اسٽائن ڪامياب ٿيو، بوهم هڪ وڌيڪ گهري نظرئي جي ڳولا شروع ڪئي ۽ جلد ئي ڪوانٽم ميڪانڪس جي هڪ ريئلسٽ تشريح پيش ڪئي، جيڪا ڊي بروءِ جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي هئي، اها پائلٽ ويُو (Pilot Wave) نظريو هو، (ان مطابق هر شيءِ "لهر يا ذرڙو" ناهي، پر "لهر ۽ ذرڙو" ٻهي آهي)
بوهم برازيل هليو ويو ۽ 1952ع ۾ ان پنهنجي نظريي تي ٻہ باب لکيا، پر آئن اسٽائن، جيڪو پنجويھ سال مخالفت کانپوءِ پنهنجو ذهن بدلائي چڪو هو، کيس ان تي حمايت نہ ڏني، 
هائزنبرگ، جيڪو آپريشنلسٽ هو، جواب ڏنو تہ بوهم جو نظريو "غير ضروري نظرياتي اوور اسٽرڪچر" آهي، جيڪو فزڪس ۾ ڪا واڌارو نٿو ڪري، جيتوڻيڪ تجربي طور ان کي رد نٿو ڪري سگهجي، پالي بہ اهڙو ئي ردعمل ڏنو. 

پرنسٽن ۾ اوپن هائمر بوهم جو پيپر پڙهڻ کان ئي انڪار ڪيو، سندس چوڻ هو تہ اهو "وقت جو ضايع" آهي ۽ ٻارن جي سوچ جو نتيجو آهي، "جيڪڏهن اسان ان کي غلط ثابت نٿا ڪري سگهون، تہ پوءِ متفق ٿي وڃون تہ ان کي نظرانداز ڪجي. "

مشهور رياضي دان جان نيش اوپن هائمر کان شڪايت ڪئي:
فزڪس وارا ايترا تنگ ذهن ڇو آهن؟ ڪو اختلاف ڪري يا سوال اٿاري، تہ ان کي حماقت سڏيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ مان بوهم سان متفق ناهيان، پر اهڙي سختي ڇو؟
استاد ۽ سرپرست جي طرفان سخت انڪار، بوهم کي اڪيلو ڪري ڇڏيو. 

بوهم پنهنجي ڪم تي لڳو رهيو، برازيل ۾ ان پلازما فزڪس تي ڪم ڪيو، ڪجھ سال پوءِ اسرائيل ۽ پوءِ لنڊن هليو ويو، 
سوويت يونين ۾ جڏهن خروشچوف جي دور ۾ اسٽالن جي ظلم جا راز کوليا ويا، تہ سندس ڪميونسٽ خيال ڪمزور ٿي ويا، پوءِ هن تصوف Mysticism ڏانهن منھن ڪيو ۽ ڀارتي گرو ڪرشنمورتي جي اثر هيٺ اچي ويو. 
قدرت جي ڪنهن گهري نقطي نظر جي ڳولا ان کي فزڪس کان ٻاهر وٺي وئي. 

ڊيوڊ بوهم جي زندگي ڏسي، اسان کيس همدردي سان ڏسي سگهون ٿا، هڪ منصفاڻي ۽ عدل تي ٻڌل سماج جو خواب کيس مارڪسزم ڏانهن وٺي ويو، جڏهن اهو خواب هڪ ظالم رستو ثابت ٿيو، تہ پوءِ مِسٽزم ڏانهن رخ ڪيو، اوپن هائمر کان ڪرشنمورتي تائين، پراعتماد شخصيتون سندس ڪمزوري رهيون
سندس سائنس سنجيدھ ۽ اميد ڀري هئي، ۽ فزڪس جا ڏکيا سوال سلجهائڻ جي ڪوشش هئي، اهو چوڻ سولو آهي تہ بوهم ناڪام ٿيو، پر هو اسان جي ڪلچرل گروپ ٿنڪنگ کان الڳ هڪ ناياب سائنسدان هو. 

بوهم جي پائلٽ ويُو نظريي ۾ ويهين صديءَ جي آخر ۾ ٻيهر دلچسپي وڌي، هاڻي بوهمين ميڪانڪس جي هڪ ننڍڙي پر سرگرم ڪميونٽي موجود آهي، جيڪا ڪوانٽم فائونڊيشن کي هڪ الڳ زاويي سان ڏسندي آهي
پائلٽ ويُو نظريي جو بنيادي خيال گهڻو سادو آهي، ان مطابق لهر ۽ ذرڙو هڪ ئي وقت موجود آهن ۽ ٻئي اصل آهن، جيڪو ڊٽيڪٽ ٿئي ٿو، اهو ذرڙو آهي، جڏهن تہ لهر ساڳئي وقت ذري جي رهنمائي ڪندي آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ذرڙو اتي وڃي ٿو، جتي لهر مٿي هجي

ڊبل سلٽ تجربو وٺو: ذرڙو هڪ ئي سلٽ مان وڃي ٿو، پر لهر ٻئي طرف بہ ڦهلجي ٿي ۽ ذرڙي جي رستي جي رهنمائي ڪري ٿي، هر ذرڙي جو هڪ خاص مقرر رستو آهي
امڪان ڪٿان اچن ٿا؟ بلڪل ائين جيئن نيوٽنين فزڪس ۾ اچن ٿا، ڇو تہ اسان کي خبر ناهي تہ ذرڙو شروعات ۾ ڪٿان نڪتو، تنهنڪري اسان کي سندس مستقبل ڇا هوندو، امڪان اسان جي لاعلمي جو نتيجو آهي

هر شيءِ ايٽم، فوٽان، اوزار، ٻليون يا انسان ٻٽا وجود رکن ٿا: لهر جي صورت ۾ بہ ۽ ذرڙي جي صورت ۾ بہ، هڪ ٻلي ايٽمن جي ترتيب آهي، ڇو تہ گهڻا ايٽم آهن، تنهنڪري ٻليءَ جي ترتيب ۾ گهڻي ڀاڱيوار معلومات آهي
پائلٽ ويُو ۾ اهم ڳالھ اها آهي تہ ايٽم اصل ۾ موجود آهن، هر ايٽم جي جڳھ خلا ۾ مقرر آهي، هر ٻليءَ جي ترتيب اها ٻڌائي ٿي تہ ايٽم ڪٿي آهي. 
۽ هر ايٽم سان هڪ لهر بہ آهي، جيڪا ترتيب جي خلا (configuration space) ۾ آهي، ۽ ٻليءَ جي ڪوانٽم حالت اتان اچي ٿي. 

جيڪڏهن انهي لهر جي موجودگي کي قبول ڪيو وڃي، تہ ڪوانٽم ميڪانڪس جا باقي سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ٿا۔
هڪ ئي ٻلي آهي، جيڪا هميشہ هڪ ئي ترتيب ۾ آهي: يا تہ زندھ آهي يا مئل، پر ساڳئي وقت ٻئي نٿي ٿي سگهي

لهر فنڪشن عمل زندھ ۽ مئل ٻنهي جي گڏيل صورت ٿي سگهي ٿو، ڇو تہ لهرون اهڙو ئي ڪنديون آهن، پر اهو ترتيب جي رهنمائي ڪري ٿو، جنهن ترتيب ۾ لهر فنڪشن عمل وڏو هوندو، اتي ٻلي ملڻ جو امڪان گهڻو هوندو، پر بنيادي طور تي ٻلي هڪ ئي آهي، اهڙيءَ طرح اليڪٽرون جو ذرڙو بہ هڪ ئي آهي ۽ هڪ ئي جڳھ تي آهي، ٻلي يا تہ زندھ آهي يا مئل. 
ذرڙو يا جسم رڳو هڪ شاخ ۾ موجود ٿي سگهي ٿو، پر خالي شاخن جا مستقبل تي اثر ٿي سگهن ٿا. 
ڇا اهو ممڪن آهي تہ بوهمين ميڪانڪس ڪوانٽم ميڪانڪس جي وضاحت جي صحيح رخ هجي؟ ڪيترائي ماهر سٺي دليلن سان چوندا تہ اهو واضح طور تي غلط آهي، جڏهن تہ ڪيترائي ان سان اختلاف ڪندا، اهو سوال ماهرن تي ڇڏي، اچو تہ اڳتي وڌو. 

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (20) - ڪوانٽم ميڪانيڪس جي پيدائش

https://www.facebook.com/share/p/1CnPtcnQrJ/ 

No comments:

Post a Comment