Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (20) - ڪوانٽم ميڪانيڪس جي پيدائش


ڪوانٽم کان اڳتي (20) - ڪوانٽم ميڪانيڪس جي پيدائش

”دريا خان سنڌي“
ڊنمارڪ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، جتي سائنس کي هميشہ اهميت ڏني ويندي رهي آهي. ۽ هتان کان ئي نوجوان نيلز بوهر جو واسطو هو. بوهر سائنس کي فطرت سان هڪ مڪالمو سمجهندا هئا. پنهنجي پي ايچ ڊي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ان آئن اسٽائن جي خيالن کي اڳتي وڌايو ۽ 1912ع تائين هائيڊروجن ائٽم جو ماڊل ٺاهي ورتو. ان وقت تائين ڪيمسٽ هائيڊروجن جي اسپيڪٽرم جون ماپون ڪري چڪا هئا، جيڪي بلڪل بوهر جي اڳڪٿي سان ٺهڪندڙ هيون. اهو ڪوانٽم ميڪانيڪس ڏانهن هڪ اهم قدم هو. 
اڳين ڏهاڪي ۾ ان کي ٻين ائٽمن ۽ سسٽمن تي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون، پر گهڻي ڪاميابي نہ ٿي. ان وقت فرانس جي لوئي ڊي بروئي فزڪس جي دنيا کي ڌوڏي وڌو، جڏهن هن هڪ عجيب خيال پيش ڪيو: "جيڪڏهن روشني ساڳئي وقت لهر بہ آهي ۽ ذرڙو بہ، تہ پوءِ هي خاصيت خالي روشني تائين ڇو محدود هجي؟ اها خاصيت سڀني مادَن ۽ ريڊيئيشن ۾ ڇو نہ هجي؟"

ڊي بروئي پنهنجو ٿيسز 1924ع ۾ لکيو. 1926ع ۾ ان جي خيال جي تجربي سان سڃاڻپ ٿي وئي تہ اليڪٽران بہ روشني وانگر هلن ٿا ۽ بلڪل ساڳئي ريت ڊيفريڪٽ-فرق ٿين ٿا، جيئن ڊي بروئي اڳڪٿي ڪئي هئي. هاڻي پارٽيڪل ۽ لهر جي ٻٽو خاصيت خالي روشني تائين محدود نہ رهي هئي. 
ڊي بروئي ان خيال تائين ڪيئن پهتو؟ هن روشنيءَ بابت هڪ سادو سوال ڪيو هو: "روشنيءَ جو ڪووانٽم ڪيئن حرڪت ڪري ٿو؟

ڊي بروئي جي ان خوبصورت تصوير ۾ هڪ شيءِ گهٽ هئي: اها مساوات جيڪا ٻڌائي سگهي تہ اليڪٽران لهر ڪيئن حرڪت ڪري ٿي. ايرون شروڊنگر اها مساوات ڳولي ورتي، ۽ پوءِ وائل جي مدد سان ان کي نيوڪليس جي چوڌاري اليڪٽران لاءِ حل ڪيو. ان مان بوهر جي ڏنل "اسٽيشنري اسٽيٽ" جي ٿِيوري نڪتي، جيڪا هائيڊروجن جي اسپيڪٽرم سان تجربي طور بہ ٺهڪندي هئي. 
۽ ائين ڪوانٽم ميڪانيڪس جي پيدائش ٿي وئي
هاڻي سڀني لاءِ سوال اهو هو تہ اليڪٽران جي لهر، جيڪا ڊي بروئي ايجاد ڪئي ۽ شروڊنگر مساوات سان سنڀالي، ان کي ذهني طور ڪيئن سمجهجي؟

شروڊنگر شروعات ۾ سمجهندو هو تہ اليڪٽران خالي هڪ لهر آهي. پر جلدي ظاهر ٿيو تہ اهو صحيح ناهي. ڇو تہ هڪ لهر کي سڌي لڪير ۾، سواءِ پکڙجڻ جي، حرڪت ڪندي بيان ڪرڻ ناممڪن هو. ميڪس بورن خيال ڏنو تہ اها لهر اصل ۾ فقط اها امڪان ڏيکاري ٿي تہ پارٽيڪل ڪٿي ملي سگهي ٿو

آئن اسٽائن لاءِ لهر ۽ پارٽيڪل جي ٻٽو خاصيت قبول ڪرڻ وڏو چئلينج هو. جيسين اها ڳالھ روشنيءَ بابت هئي، تيسين قابلِ قبول هئي. پر مادو لهر آهي؟ اهو سندس لاءِ هڪ ڌڪ هو. ڊي بروئي ۽ شروڊنگر هي ٻٽي خاصيت فزڪس جي بنياد ۾ کڻي آيا هئا. 
هاڻي سوال هي نہ رهيو تہ "روشني ساڳئي وقت پارٽيڪل ۽ لهر ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟" پر هي ٿيو تہ "هر شيءِ ساڳئي وقت پارٽيڪل ۽ لهر ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟"

ٻٽو خاصيت جو خيال ڏيندڙ پاڻ آئن اسٽائن جي سمجھ کان بہ هي ڳالھ ٻاهر هئي. جيئن ان پاڻ چيو تہ هن ڪوانٽم فزڪس تي ريليٽوِيٽي کان بہ وڌيڪ وقت لڳايو پر ان کي سلجهائي نہ سگهيو. سندس بي مثال بصيرت ناڪام ٿي وئي. ڇو؟ اسان کي اڄ تائين پتو ناهي. پر گهڻو ڪري هو مڪمل تصوراتي وضاحت جو تقاضو ڪندو هو. ۽ گھڻو ڪري سندس سائنس کان اهو تقاضو ئي سندس رستو روڪيو. 
شروڊنگر ۽ ڪيترائي ٻيا بہ گهڻي وقت تائين انهي مسئلي ۾ الجهيا رهيا. 
۽ ان وقت بوهر هو، جنهن کي خبر هئي تہ اڳتي وڌڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي. اهو بوهر جو وقت هو، ۽ هن ان کي پڪڙي ورتو. اهو ريڊيڪل اينٽي-ريئلزم جو دور هو، ۽ بوهر ان لاءِ تيار هو. 
بوهر هن نئين فلسفي کي (ڪمپليمينٽريٽي Complementarity) يعني تڪميلي جو نالو ڏنو. سندس خيال موجب، نہ ئي پارٽيڪل ۽ نہ ئي لهر، فطرت جون اصلي خاصيتون آهن. اهي فقط اسان جي ذهن جون ٺهيل تصويرون آهن، جيڪي مشاهدن جي بنياد تي بڻجن ٿيون. اليڪٽران پاڻ ۾ انهن مان ڪجھ بہ ناهي. اهو هڪ اهڙي ننڍڙي شيءِ آهي جنهن جو سڌو مشاهد نٿو ٿي سگهي. جيڪو ڪجھ اسان ڏسون ٿا، اهو اصل ۾ اسان جي وڏن اوزارن تي اليڪٽران جو اثر آهي

اسان لاءِ سٺو اهو آهي تہ اليڪٽران کي لهر يا پارٽيڪل جي ذهني تصوير سان بيان ڪريون، پر انهن کي حقيقت سمجهڻ صحيح ناهي. اهي تصويرون رڳو ڪنهن خاص تناظر ۾ ئي صحيح آهن. ۽ ڪو بہ تجربو اسان کي مجبور نٿو ڪري تہ اسان ٻن متضاد خيالن کي هڪ ئي وقت ان تي لاڳو ڪريون. 
بوهر جو خيال اينٽي-ريئلسٽ هو. ان مطابق، توهان اليڪٽران بابت خالي پنهنجي ڊزائين ڪيل تجربي جي تناظر ۾ ڳالهائي سگهو ٿا. ان موقف موجب، سائنس اليڪٽران بابت ناهي، پر ان بابت آهي تہ اسان اليڪٽران سان انٽريڪشن کي ڪيئن بيان ڪريون. 

نيلز بوهر لاءِ "ڪمپليمينٽريٽي Complementarity" تڪميلي فقط هڪ اصول نہ هو، پر سائنس جو نئون فلسفو هو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ان خيال جو علمبردار رهيو ۽ هائزنبرگ سميت ڪوانٽم ميڪانيڪس جا ٻيا باني بہ ان جي حمايت ۾ رهيا. (هائزنبرگ آپريشنلسٽ مڪتبِ فڪر سان واسطو رکندو هو.)

بوهر جي خيال ۾ سائنس فطرت بابت ناهي. سائنس اسان کي ڪڏهن بہ اهو معروضِي تصور نٿي ڏئي سگهي تہ فطرت اصل ۾ ڪيئن آهي. ڇو تہ اسان ڪڏهن بہ فطرت سان سڌو سنئون واسطو نٿا رکيون. اسان جو علم هميشہ اوزارن وسيليءِ آهي، جيڪي اسان پاڻ ايجاد ڪريون ٿا.
۽ اسان کي اهو خيال ڇڏي ڏيڻو پوندو تہ سائنس اهو ٻڌائي سگهي ٿي تہ جيڪڏهن اسان جي موجودگي ۽ مداخلت کي هٽايو وڃي تہ پوءِ فطرت ڪيئن آهي. 

نيلز بوهر پوءِ پنهنجن مضمونن ۾ ان اصول کي ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي لاڳو ڪرڻ لڳو. مثال طور، اهڙن جوڙن تي جن مان هڪ وقت ۾ فقط هڪ بابت ڳالهائي سگهجي: فزڪس ۽ زندگي، توانائي ۽ سبب، علم ۽ دانائي. سندس نظر ۾ ڪوانٽم ميڪانيڪس جا سبق فزڪس يا سائنس تائين محدود نہ هئا، پر گهڻو وسيع هئا. )

ريڊيڪل خيال جڏهن قبول ٿي وڃن ٿا تہ جلدي روايتي ٿي وڃن ٿا. ڪوانٽم انقلاب جا اڳواڻ، هائزنبرگ، ڊيراڪ، پاؤلي، جورڊن، وان نيومن، بوهر سڀ نوجوان هئا، جيڪي پراڻي نسل جي فڪري روايتن جي زنجيرن کان آزاد هئا. پر سندن اهي ريڊيڪل خيال ئي پوءِ اڪيڊيميا جو حصو بڻجي ويا.
۽ نئين نسل لاءِ اهي ئي روايتي سوچ بڻجي ويا
اڳين اڌ صدي تائين ڪوانٽم ٿِيوري پڙهائڻ جو فقط هڪ ئي طريقو رهيو

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (19) - روشني

https://www.facebook.com/share/p/1FSkYvJbEX/ 

No comments:

Post a Comment