ڪوانٽم کان اڳتي (19) - روشني
”دريا خان سنڌي“
روشني لهر بہ آهي ۽ ذرڙو بہ، هي خيال سڀ کان پهريان آئن اسٽائن جي مطالعي مان سامهون آيو، ان کان اڳ فزيسسٽ يا تہ اهڙين نظرين تي ڪم ڪندا هئا جن ۾ روشني کي ذرڙو سمجهيو ويندو هو يا وري انهن تي جن ۾ اهو لهر هوندو هو،
نيوٽن روشني جي لهر واري نظريي کي رد ڪري ڇڏيو هو، سندس وضاحت اها هئي تہ روشني جي سڌي ليڪ ۾ هلڻ جي تشريح خالي ان صورت ۾ ممڪن آهي، هن کي خبر هئي تہ لهر ڪنهن رڪاوٽ تي اچي تہ هلڪي diffract ٿي وڃي ٿي، ۽ نيوٽن جو خيال هو تہ روشني ائين نٿي ڪري سگهي
ٿامس ینگ اوڻيهين صدي جي شروعاتي سالن ۾ تجربي ذريعي ڏيکاريو تہ روشني بہ اهڙو ئي برتاءُ ڪري ٿي، ۽ نيوٽن جي نظرئي جي جاءِ تي روشني لاءِ لهر وارو نظريو سڀ کان گهڻو مشهور ٿيو.
ان خيال کي جيمز ميڪسويل جي ڪم مان وڌيڪ طاقت ملي، ميڪسويل 1860ع ۾ اهو ڏيکاريو تہ روشني بجلي ۽ مقناطيسي فيلڊن تي ٻڌل هڪ لهر آهي
آئن اسٽائن ميڪسويل جو هي مفروضو قبول ڪيو ۽ ان ۾ هڪ ٻي ڳالھ جو اضافو ڪيو تہ روشنيءَ جون لهرون توانائي جي پيڪٽن جي صورت ۾ اچن ٿيون، جن کي هن فوٽان سڏيو، ۽ هتي اهو خيال پيدا ٿيو تہ روشني جي فطرت ٻٽي آهي، آئن اسٽائن سادي مفروضن مان انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ۽ ٻڌايو تہ فوٽان جي توانائي روشني جي لهر جي فريڪونسي سان لاڳاپيل آهي.
آخر اهڙو ڇا ٿيو جو آئن اسٽائن اهڙو ريڊيڪل تصور پيش ڪيو؟ کيس انهن تجربن جو علم هو جن ۾ روشني ڌات تي وجهڻ سان ڪي اليڪٽران ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ان ڪرنٽ جي ماپ سادي اوزار سان ٿي سگهندي هئي، انهن مان معلوم ٿيو تہ گهٽ فريڪونسي واري روشني، ڪيتري بہ گهڻائي ۾ هجي، اليڪٽران کي ٻاهر نہ ڪڍي سگهندي هئي، پر جڏهن فريڪونسي مٽبي تہ ڌات مان اليڪٽران نڪري سگهندا هئا.
ان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ اليڪٽران ڌات ۾ قيد هوندا آهن، ۽ کين ڇڏائڻ لاءِ هڪ خاص "ضمانت" (توانائي جي حد) آهي، جيڪڏهن ٽڪرائيندڙ فوٽان اها ضمانت ادا نہ ٿو ڪري سگهي تہ اهي قيد رهندا، ڀلي ڪيترا بہ فوٽان ٽڪرائين، پر جيڪڏهن اهڙو هڪ بہ فوٽان اچي جنهن وٽ اها توانائي هجي تہ اهو اليڪٽران کي آزاد ڪرڻ لاءِ گهڻو هوندو
اهو صاف اشارو هو تہ روشني توانائي جي پيڪٽن جي صورت ۾ ايندي آهي، ۽ هر پيڪٽ جي توانائي فريڪونسي تي دارومدار رکي ٿي.
اهو ئي فوٽوالیڪٽرڪ اِفڪٽ هو، ۽ آئن اسٽائن کي خبر پئجي وئي هئي تہ هي سائنسي انقلاب جو سبب بڻجندو، اهو سندس 1905ع جي گهڻي عظيم سالن مان لکيل چار پيپرن مان هڪ هو
ان کان اڳ روشني بابت ميڪسويل جو نظريو مقبول هو، جنهن ۾ روشني لهر جيان سفر ڪندي هئي، آئن اسٽائن ان نظريي کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو ۽ کيس خبر هئي تہ هي نظريو روشني جا تقريبن سڀ مظاهرا بهترين نموني بيان ڪري ٿو، پر فوٽوالیڪٽرڪ اِفڪٽ جي وضاحت نٿو ڪري سگهي، ڇو تہ جيڪڏهن ميڪسويل جي وضاحت مڪمل سمجهي وڃي ها تہ پوءِ ڪرنٽ جو دارومدار روشني جي شدت تي هجڻ گهرجي ها، پر ائين نہ هو
ان جھول جو مطلب اهو هو تہ ميڪسويل جو نظريو، ڀلي ڪيترو بہ شاندار هو، مڪمل نہ هو
نہ رڳو فوٽوالیڪٽرڪ اِفڪٽ، پر بليڪ باڊي ريڊيئيشن جو مسئلو بہ هو، جنهن کي ان وضاحت سان حل ڪيو ويو
آئن اسٽائن ان سال ۾ جيڪي ٻيا پيپر لکيا هئا، انهن مان هڪ مادو ايٽمن مان ٺهيل هجڻ جو ثبوت هو، هڪ نظريو اضافيت بابت هو، ۽ هڪ ماس ۽ توانائي جي لاڳاپي تي، هر پيپر اهڙو انقلابي هو جنهن فزڪس کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو.
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (18) - ڪوانٽم ميڪينڪس ڇا نٿي ٻڌائي؟
https://www.facebook.com/share/p/16fouDMPxy/
No comments:
Post a Comment