Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (1) - سائنس


ڪوانٽم کان اڳتي (1) - سائنس

”دريا خان سنڌي“
انسان سدائين ھڪ مسئلي جو شڪار رھيا آھن. اھو مسئلو آھي حقيقي ۽ خيالي جي وچ ۾ حد سڃاڻڻ جو.اسين دنيا جي وضاحت ڪرڻ لاءِ قصا ٺاھيون ٿا. ۽ ڇو⁠تہ اسين سٺا قصا ٺاهيندڙ آھيون، انڪري اسين انھن قصن کي ئي اصل سمجهي ويھون ٿا. دنيا جي عرضي کي ئي اصل دنيا سمجهي وٺڻ جي الجھاءُ ۾ پئجي وڃون ٿا.

ھي الجھاءُ سائنسدانن ۾ بہ اوترو ئي آھي جيترو غير سائنسدانن ۾. ڇاڪاڻ⁠تہ قصا اسان لاءِ ھڪ گھڻو طاقتور اوزار آھن. جيئن جيئن اسين قدرتي دنيا جي سمجھ ۾ ويجھو ۽ وڌيڪ گهرائي ۾ وڃون ٿا ننڍي پيماني تي ۽ بنيادي مسئلي تي تڏهن اسان کي ھڪ توازن قائم رکڻو پوي ٿو تہ جيئن ڦاسي نہ وڃون. ھڪ پاسي تسليم ٿيل علم تي اسان جو ڀروسو، ۽ ٻئي پاسي اھو شعور تہ اسان جو ڪامياب ترين علم بہ ڪيترو خيالي آھي.

اهو سکڻ ڏکيو سبق آھي تہ اسان جي حواس کان ايندڙ احساس جزوي طور تي حقيقت جو نتيجو آھن، پر ان جي مڪمل تخليق اسان جي دماغ ۾ ٿئي ٿي، جيڪو اسان کي دنيا اھڙي سامهون آڻي ٿو جيئن اسان جي ضرورت آھي تہ جيئن اسين سولائي سان ان ۾ گذارو ڪري سگھون.
ان محسوس ڪرڻ کان اڳتي، قدرت موجود آھي، جيڪا بنيادي طرح اسرار ڳجهائي سان لاڳاپيل آھي ۽ اسان جي ڄاڻ جي حد کان بس ٿورو ئي اڳتي بيٺل آھي.
اسان جيڪي وڏيون ڳالهيون قدرت بابت ڄاڻون ٿا، اھي اسان جي حواس ۽ سڌي خيال سان ظاهر ناهين ٿيون. ان ۾ ڏسڻ ۾ بلڪل ساديون ڳالهيون بہ جوڙيل آھن. مثال طور: مادو ايٽمن مان ٺھيل آھي
زمين ھڪ مائع ڪور تي سخت پٿر جي ڇلڪي ۽ سنهڙي فضائي چادر سان جڙيل آھي، جيڪا خلا ۾ موجود ھڪ قدرتي ٿرمونيوڪلئير ريئڪٽر جي چوڌاري گردش ڪري ٿي
اھڙيون ساديون حقيقتون اسين جھولي مان ٻاھر نڪرندي ئي سکي وٺون ٿا، پر حقيقت ۾ اھي سائنسدانن ۽ اسڪالرن جي صديون محنتن جو نتيجو آھن. ھر حقيقت جي پيداوار انساني شعور ۾ شروع ۾ ھڪ اهڙي خيال جي صورت ۾ ٿي هئي جيڪو چريائپ تي ٻڌل لڳندو هو، ۽ اھو ان وقت جو مناسب ۽ صاف (پر غلط) خيالي مفروضي جي ابتڙ هوندو هو.
سائنسي ذھن جو مطلب آھي ھڪ سٺو توازن مناسب حقيقتن جو احترام، جيڪي نسلن جي جاري علمي جدوجهد مان اڀريا آھن. ۽ ساڳئي وقت نامعلوم بابت کليل ذهن رکڻ.
اسرار ھن دنيا جو لازمي حصو آھي. ان لاءِ مزاج ۾ عاجزي ضروري آھي. ڇو⁠تہ جيڪو ڪجھ اسين ڄاڻون ٿا، ويجھي معائني تي اھو بہ وڌيڪ پرسرار بڻجي وڃي ٿو. ۽ جيترو اسين ڄاڻون ٿا، اوترو ئي تجسس وڌي وڃي ٿو.

قدرت ۾ ڪا بہ اھڙي شئي ڪونھي، جنهن تي غور ڪرڻ اسان کي ان رستي تي نہ وٺي وڃي، جتي حيرت لاءِ لفظ ختم ٿي وڃن. ۽ اسان ان لاءِ شڪرگذار ٿي سگھون ٿا تہ اسين پاڻ بہ ان سڀ جو حصو آھيون.

هلندڙ... 
هي سلسلو هن ڪتاب جي شروعاتي حصي مان آهي 

Einstein’s Unfinished Revolution: The Search for What Lies Beyond the Quantum : By Lee Smoiln 

No comments:

Post a Comment