ڪوانٽم کان اڳتي (12) - هر شيءِ جي ٿيوري؟
”دريا خان سنڌي“
فزڪس جو مقصد قدرت جي سڀ کان عام قانونن جي ڳولا آهي، ڪوانٽم ميڪانيڪس ڪنهن بہ سائنسي ٿيوري جي ڀيٽ ۾ فطري مظاهرن جي گهڻي وڏي رينج کي ڪاميابي سان بيان ڪري ٿي، ۽ ساڳي وقت اهو حد بہ مقرر ڪري ٿي تہ ڪنهن بہ فينامينا (phenomena) مظهر بابت ڪهڙا سوال پڇي سگهجن ٿا
انهن مان هڪ حد اسان اڳ ۾ ڏسي چڪا آهيون تہ ڪنهن بہ سسٽم جي مستقبل جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ جيڪا ڄاڻ ضروري آهي، اسان ان جو خالي اڌ ڄاڻي سگهون ٿا، ان کان سواءِ هڪ ٻي حد آهي جيڪا ڪوانٽم ٿيوري جي رينج کي طئي ڪري ٿي، ان کي (سب سسٽم جو اصول subsystem principle) سڏجي ٿو ۽ ان جو مطلب اهو آهي تہ، جيڪو بہ سسٽم ڪوانٽم ميڪانيڪس جي تابع هوندو، ان لاءِ ضروري آهي تہ اهو ڪنهن وڏي سسٽم جو حصو هجي
ڪوانٽم ميڪانيڪس خالي انهن فزيڪل خاصيتن جي ڳالھ ڪري ٿي جيڪي ماپڻ وارن اوزارن وسيليءِ ماپي سگهجن ٿيون، ۽ اهي اوزار پاڻ مطالعو ٿيندڙ سسٽم کان “ٻاهر” هوندا آهن، ۽ اهي مشاهدو ڪندڙ (observer) جيڪي ماپن کي رڪارڊ ڪن ٿا، اهي بہ مطالعو ٿيندڙ سسٽم جو حصو نہ هوندا آهن.
گهڻا ماڻهو سائنس کان سادي اها ئي اميد رکن ٿا تہ اها اسان کي حقيقت (reality) بابت ٻڌائي، هتي اسين جان بيل (John Bell) جي ايجاد ڪيل اصطلاح استعمال ڪنداسين، ڪنهن بہ سسٽم جي “حقيقي” خاصيت کي جان بيل “beable” سڏين ٿا، هي اصطلاح مشاهدي لائق جي مقابلي ۾ ٺاهي وئي هئي.
ريئلزم (realism) ۽ اينٽي ريئلزم (anti-realism) جي وچ ۾ فرق بہ هتي ئي آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟
مشاهدي لائق observable اها مقدار آهي جيڪا ڪنهن تجربي يا مشاهدي مان ملي ٿي، سوال اهو آهي تہ: ڇا مشاهدي لائق جو وجود ماپڻ کان اڳ بہ هو يا ان جي ڪا قيمت هئي؟
اينٽي ريئلسٽ چون ٿا. “نہ”
پر جان بيل (جيڪي ريئلسٽ هئا) چون ٿا تہ: “ماپ نہ بہ ڪئي وڃي، تڏهن بہ اها موجود آهي“ ۽ ان لاءِ ئي هو beable جي اصطلاح استعمال ڪندا هئا
جيئن بال، توپ جو گولو، پکين يا مکين جي سائنسي وضاحت اسين beables طور ڪندا آهيون
پر ڪوانٽم ميڪانيڪس ۾ نہ! هائيزنبرگ ۽ بوهر جي بصيرت ۽ اسرار اهو ئي هو تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس اسان کي اهو نٿي ٻڌائي تہ “ڇا آهي؟ ”پر اهو ٻڌائي ٿي تہ“ڇا مشاهدو ٿيو؟” ۽ انهن جي مطابق ڪوانٽم دنيا ۾ beables جي ڳالھ ڪرڻ فضول آهي
ايٽم جي مشاهدي لائق جي ماپ ڪرڻ لاءِ اسين وڏو اوزار استعمال ڪندا آهيون، ۽ پنهنجي تعريف موجب اهو اوزار مشاهدي لائق سسٽم جو حصو نہ آهي ۽ نہ ئي مشاهدو ڪندڙ ان جو حصو آهي
ان ڪري ڪوانٽم ميڪانيڪس جي ٻوليءَ ۾، مطالعو ٿيندڙ سسٽم کي لازمي طور ڪنهن وڏي سسٽم جو حصو هئڻ گهرجي، جنهن ۾ مشاهدو ڪندڙ ۽ سندس ماپڻ وارا اوزار ٻئي شامل هجن، تنهنڪري سب سسٽم جو اصول ضروري آهي
ڪوانٽم ميڪانيڪس جو لاڳاپو ايٽمن، ماليڪولن يا ٻين ننڍڙن سسٽمن تي ٿئي ٿو، جتي اهڙي حد ايتري اهم ناهي، سوال اهو آهي تہ ان جي اهميت ڪٿي آهي؟
اسان يقينن اها خواهش رکون ٿا تہ اسين پوري ڪائنات جي وضاحت ڪري سگهون، اسان سمجهون ٿا تہ سائنس جو آخري مقصد اهو ئي آهي، پر هتي مسئلو آهي. ڪائنات، پنهنجي تعريف موجب، ڪنهن بہ وڏي سسٽم جو حصو نہ آهي. سب سسٽم جو اصول ڪائنات بابت “ٿيوري آف ايوري ٿنگ” جي اميد اڳيان رڪاوٽ بڻجي ٿو.
هي هڪ نازڪ پر اهم نڪتو آهي، ڪوانٽم ميڪانيڪس “ٿيوري آف ايوري ٿنگ” نہ آهي، اميد تہ ٿي سگهي ٿو تہ ان کي اڳتي وڌائي اهڙي ٿيوري ٺاهي وڃي جيڪا مڪمل ڪائنات تي لاڳو ٿئي، پر ڪوانٽم ٿيوري جو لاڳاپو ڪائنات تي نٿو ڪري سگهجي، ڇوتہ ان صورت ۾ اسين، يعني مشاهدو ڪندڙ ۽ اسان جا اوزار پاڻ بہ انهيءَ سسٽم جو حصو آهيون.
اهو ئي سبب آهي جو گذريل صديءَ ۾ ڪوانٽم ميڪانيڪس جو ڪائنات تي لاڳاپو ڪرڻ جون ڪوششون ٿيون، پر سڀ ناڪام رهيون
هڪ سبب تہ ان ۾ پيدا ٿيندڙ self-reference پاڻ حوالو ڏيندڙ آهي، پر ان کان بہ گهرا مسئلا آهن، اهڙي ٿيوري جيڪا پوري ڪائنات جي وضاحت ڪري، ان کي موجودھ فزيڪل ٿيورين، ان ۾ شامل ڪوانٽم ميڪانيڪس، کان ڪيترن ئي جڳهن تي مختلف هئڻ گهرجي، هن وقت اسان جون بنيادي ٿيوريون رڳو ڪائنات جي ڪجھ حصن جي وضاحت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون
فلحال، اچو تہ ڪاسمولوجي کي هڪ پاسي رکي، ۽ ڪجھ ٻين پاسن ڏانهن وڌو
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (11) - ذرڙو يا لھر
https://www.facebook.com/share/p/175EVWDAvD/

No comments:
Post a Comment