Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (18) - ڪوانٽم ميڪينڪس ڇا نٿي ٻڌائي؟


ڪوانٽم کان اڳتي (18) - ڪوانٽم ميڪينڪس ڇا نٿي ٻڌائي؟

”دريا خان سنڌي“
تارن جي روشني کان وٺي ايٽمن جي ملاپ تائين ڪوانٽم ميڪينڪس قدرت جي بهترين وضاحت ڪري ٿي. ڪا ٻي سائنسي ٿيوري اهڙي فنڊامينٽل سطح تي اهڙي وضاحت نٿي ڏئي سگهي. پر هر شيءِ بابت ناهي. وقت يا خلا بابت، ٽائيم ڊائليشن يا گريوٽي جهڙن معاملن ۾ ان وٽ چوڻ لاءِ ڪجھ بہ ناهي. پر ايٽم جي دنيا ۾ بہ اهو سڀ سوالن جا جواب نٿي ڏئي سگهي. مختصر اهو تہ ڪوانٽم ميڪينڪس ٻن قسمن جي خاصيتن جي اڳڪٿي ۽ وضاحت ڪري ٿي: انفرادي سسٽم جي خاصيتن جي، ۽ ڪيترن انفرادي سسٽمن جي سراري جي. ۽ انهن ۾ وڏو فرق آهي. 

اسان جي عام دنيا ۾ سراسري ماڻهن جي خاصيتن کي گڏ ڪري ڪڍجي ٿو. پر ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ اهو بلڪل ابتڙ آهي، ۽ اهو ئي ڪوانٽم ميڪينڪس جو وڏو اسرار آهي. ڪوانٽم ميڪينڪس اهو نٿي ٻڌائي سگهي تہ ڪو خاص اليڪٽران ڪٿي ملندو. ڇو تہ اها سراسري سان ڪم ڪري ٿي. 

اسان ڪيترن معاملن ۾ سراسري سان ڪم ڪندا آهيون. مثال طور: پاڪستان ۾ ماڻهن جو سراسري قد ڪيترو آهي؟ جيڪڏهن سڀني ماڻهن جي قد کي گڏ ڪري ان کي ماڻهن جي تعداد سان ورهايو وڃي تہ سراسري نڪري ايندو. هي سراسري ماڻهن جي قد مان ئي نڪتل آهي. جڏهن اسان فرنيچر يا ڪار ڊزائن ڪرڻ چاهيون ٿا تہ اسان سراسري کي استعمال ڪندا آهيون. ان سان گڏ اسان کي “اسٽينڊرڊ ڊي وي ايشن” بہ گهرجي. يعني تہ آبادي ۾ هن عدد جو ڪيترو پکڙاءُ آهي. انهن جي مدد سان اسان ڪار کي اهڙي نموني ڊزائن ڪري سگهون ٿا جو اها پنجانوي سيڪڙو آبادي لاءِ آرامدھ هجي. 

هتي جڏهن اسان معلومات نظرانداز ڪريون ٿا تہ پنهنجي سهولت لاءِ. پر منھنجو ۽ اوهان جو قد انهيءَ سراسري جو حصو آهي، ۽ اهو هڪ مقرر عدد آهي
پر فرض ڪريو تہ هر ڀيري جڏهن ڪنهن جو قد ماپيون ٿا تہ مختلف جواب نڪري اچي؟ جيڪڏهن اهڙو ٿئي تہ هاڻي اسان وٽ اصل ۾ رينڊمنس جو عنصر موجود آهي. ڇو تہ اسان وٽ ڄاڻڻ جو ڪو بہ طريقو ناهي تہ ايندڙ ڀيري ماپڻ وقت اهو ڪيترو ڊگهو نڪرندو. ڪوانٽم فزڪس ۾ ڪجھ اهڙو ئي آهي
تہ پوءِ هي سراسري ڇا آهي ۽ ڇا ٻڌائي ٿي جڏهن اسان وٽ فرد جي ڪهاڻي ئي نہ آهي؟
ڪوانٽم ميڪينڪس سراسري بابت بلڪل ٺيڪ ٺيڪ اڳڪٿي ڪري ٿي. پر ڪنهن فرد بابت بلڪل بہ نہ. ان ڪري ڪوانٽم ميڪينڪس جي مدد سان اسين ڪُل بابت سڀ ڪجھ ڄاڻي سگهون ٿا پر جزي بابت ڪجھ بہ نہ. 

ڪوانٽم ميڪينڪس جو سڀ کان ناقابلِ فهم پاسو اهو آهي تہ سسٽم ٻہ طريقي سان تبديل ٿي سگهي ٿو (هن بابت اڳ ۾ ڳالهايو ويو آهي). گهڻو ڪري وقتن ۾ ڪوانٽم حالت جو ارتقاء “پهريون رول” موجب ڊيٽرمنسٽڪ نموني سان ٿئي ٿو. پر جڏهن ان جي ماپ ڪئي وڃي تہ ان جو ارتقاء بلڪل مختلف نموني “ٻئي رول” تحت ٿئي ٿو. ماپ امڪانن جي رينج مان هڪ جواب ڏئي ٿي. ۽ ڪوانٽم حالت انهيءَ ويليو تي جمپ ڪري وڃي ٿي. 

پهريون رول مسلسل ۽ ڊيٽرمنسٽڪ آهي. 
ٻيو رول اوچتو ۽ پرابيبلسٽڪ آهي. 
ڪوانٽم حالت ماپ سان گڏ ئي جمپ ڪري ٿي، پر ڪهڙي حالت تي؟ ان جي اڳڪٿي خالي امڪان جي حساب سان ڪري سگهجي ٿي. 

گهڻا ماڻهو جڏهن انن ٻن الڳ رولن بابت پڙهن ٿا تہ حيران ٿين ٿا. ۽ اها حيرت ائين ئي ناهي. پهرين ڳالھ جيڪو مسئلو آهي اها اهيا تہ ماپ ۾ اهڙي خاص ڳالھ ڇا آهي؟ ڇا ماپ جو اوزار ۽ ماپ ڪندڙ پاڻ ايٽمن مان ناهن ٺهيل جن تي پهريون رول لاڳو ٿيڻ کپي؟

پهريون رول ٻڌائي ٿو تہ ڪوانٽم سسٽم وقت ۾ ڪيئن تبديل ٿئي ٿو. ۽ هي ڪم بلڪل اهڙي قسم جو آهي جيئن نيوٽن جا حرڪت جا قانون آهن. هي ڪوانٽم فزڪس کان اڳ واري ڊيٽرمنسٽڪ فزڪس آهي. اوهان هڪ شروعاتي حالت وٺو ۽ ان مان هڪ آئوٽ پُٽ حالت نڪري اچي ٿي. ان ۾ امڪان جو ڪوبہ عمل دخل ناهي

پر ماپ جي وقت ٻيو رول اهڙو ناهي. جنهن مقدار جي ماپ ڪئي وڃي، ان جي هڪ خاص ويليو نڪري ٿي ۽ حالت ان مطابق ٿي وڃي ٿي. ٻيو رول اهو نٿو ٻڌائي تہ اها ويليو ڇا ٿيندي. پر اهو بلڪل ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي ٿو تہ ڪهڙي ويليو نڪرڻ جو ڪيترو امڪان آهي. هي اهو رول آهي جنهن ڪري ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ امڪان داخل ٿئي ٿو. 

پر ڪوانٽم ميڪينڪس موجب، ڪنهن بہ هڪ پروسيس ۾ پهريون ۽ ٻيو رول گڏجي لاڳو نٿا ٿي سگهن. ڇو تہ اهي ٻئي رول هڪ ٻئي سان تضاد رکن ٿا. ان جو مطلب هي آهي تہ اسان کي ھميشہ ماپ کي قدرت جي ٻين پروسيسن کان الڳ نموني سان ڏسڻو پوندو
پر هاڻي جيڪڏهن اوهان رئيالسٽ آهيو تہ ماپ تہ خالي هڪ فزيڪل عمل آهي. ان ۾ ڪجھ اهڙو خاص ناهي جيڪو ان کي قدرت جي ڪنهن ٻئي شيءِ کان بنيادي طرح مختلف بڻائي ڇڏي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو رئيالسٽ فريم ورڪ ۾ رهي ماپ کي خاص حيثيت ڏيڻ جو جواز ملڻ ڏکيو آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪوانٽم ميڪينڪس کي رئيلزم سان دوستي ڪرائڻ سولو ناهي

ان ڪري اسان وٽ اهو سوال بچي وڃي ٿو: ڇا اسين انهن تضادن ۽ مسئلن کي اهڙو ئي قبول ڪري وٺنداسين؟ يا پوءِ اسان سائنس کان وڌيڪ جي خواهش ۽ اميد رکون ٿا؟

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (17) ــ ٽي عجيب مظاھرا

https://www.facebook.com/share/p/19k82V14fy/ 

No comments:

Post a Comment