Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (17) ــ ٽي عجيب مظاھرا


ڪوانٽم کان اڳتي (17) ــ ٽي عجيب مظاھرا

”دريا خان سنڌي“
جيئن تہ روزمرھ جي زندگي ۾ اھو تصور ڪارائتو آھي تہ اسان کان ٻاھر حقيقت آزاد نموني موجود آھي، پر اھڙو نقطہ نظر گھڻي دير تائين قائم نٿو رھي سگھي” جان وِهيلر"
ايِسپيڪٽ ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ تجربن ڏيکاريو تہ مقامي locality جو مفروضو غلط ھو، ڪوانٽم دنيا مقامي اثرن جي اصول جي پيروي نٿي ڪري
۽ جيڪڏھن فزڪس مان ملندڙ ھيءَ خبر اوھان کي جھنجھوري نٿي ڇڏي تہ مطلب اوھان اڃا ان کي سمجهو ئي ناھي. 
ٻہ شيون، جيڪي ھڪ ٻئي کان پري ھجن، اھڙي خاصيت ونڊ ڪري سگھن ٿيون جيڪا حقيقت ۾ سندن ٻنھي مان ڪنھن وٽ بہ اڪيلائي ۾ ناھي

ھاڻي سوال اڀري ٿو تہ ڇا اھا ڳالھ روشنيءَ جي رفتار کان تيز معلومات ٽرانسفر جي اصول جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري؟
ڇا اينٽينگل حالت جو فائدو وٺي مڙس کي ڪيل سوال زال تائين پيغام پھچائي سگھي ٿو؟
جواب آھي، نہ، ڇو تہ زال جي حالت ۽ سوالن جو لاڳاپو بلڪل آزاد آھي، جيسين جوابن جي ٻنھي لسٽن کي گڏ نٿو ڪيو وڃي، تيسين اھو راز نٿو کلي تہ ٻنھي ۾ عجيب ڪو ڳانڍاپو آھي،
۽ اھا لسٽ پاڻ ھڪ ڪلاسڪل شيءِ آھي جيڪا روشنيءَ کان تيز رفتار سان موڪلي نٿي سگھجي. 

ايِسپيڪٽ جي تجربن جو ھڪ ٻيو امڪاني مطلب بہ ٿي سگھي ٿو:
گهڻو ڪري فوٽان ڪنھن اڻ ڏٺل طريقي سان پاڻ ۾ رابطو ڪن ٿا ۽ ھڪ کان ٻئي ڏانھن معلومات وڃي ٿي
پر جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ روشنيءَ جي رفتار روڪ بڻبي ۽ دير ظاھر ٿيندي
ھيءَ جاچ ان طرح ٿي جو چالو فوٽان پھچڻ کان اڳ بدلائي ڇڏيو ويو، نتيجو صاف نڪتو: نہ، فوٽان پاڻ ۾ ڪو بہ پيغام نٿا موڪلين

آئن اسٽائن جو ھڪ گهڻو اھم پيپر ھو، ڇاڪاڻ تہ ان مان ڪوانٽم فزڪس جو ھڪ غير متوقع پاسو سامھون آيو،
جيتوڻيڪ ان جي اهميت کي سمجهڻ ۾ ڏهاڪا لڳا
ھاڻي ان کي سوين ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بہ آزمايو ويو آھي
اھو ليبارٽري جو حيران ڪندڙ تجربو رھيو ڪونھي، پر هاڻي قدرت جو عام مظھر آھي، جنهن مان فائدو بہ ورتو وڃي ٿو ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ ۽ ڪوانٽم ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽس ۾ جيڪي پيغام کي وڌيڪ محفوظ بڻائن ٿا

آئن اسٽائن جو پھريون انقلابي پيپر 1905ع ۾ آيو، جڏھن ھو فقط ڇھويھ سالن جو ھو
ٽيھ سالن کانپوءِ سندس آخري وڏو پيپر (EPR) فزڪس کي وري ڌوڏي ڇڏيو 
گهڻا ٿورا سائنسدان ٽي ڏهاڪا اھڙي رھبري ڪري سگھن ٿا،
ان کان پوءِ بہ ان ڪوشش جاري رکي ۽ ٻيا ٻہ ڏهاڪا ھو ڪوانٽم ميڪانيڪس کان اڳتي ڪا اڃا گھري ٿيوري ڳولڻ ۾ لڳل رھيو
جنھن رات ھو اسپتال ۾ گذاري ويو، تڏھن بہ نوٽ بڪ سندس ساڻ ھئي
پر اھو ناڪام رھيو
ان جي سادي وجھ اھا ھئي جيڪا ھو ڪڏهن سمجهي نہ سگھيو: سندس سڀ وڏا پيپر ھڪ مرڪزي اصول تي ٻڌل ھئا، ۽ اھو ھو فزڪس جو لوڪل ھجڻ، ڪمزوري ساڳي ھتي ئي ھئي. 

جڏھن بيِل پنھنجو پيپر ظاهر ڪيو، ان کان ڪجھ سالن کانپوءِ ھڪ وڌيڪ طاقتور نتيجو سامھون آيو
بيِل جي نتيجن مان ھڪ حيران ڪندڙ ڳالھ نڪتي:
الف، کان پڇيل سوال جو جواب ان تي دارومدار رکي ٿو تہ “ب” کان ڇا پڇيو ويو آھي
ھيءَ ڳالھ ڏاڍي حيران ڪندڙ آھي ڇو تہ الف ۽ ب الڳ جڳھن تي ھجن ٿا. 
يعني لوڪيليٽي مقامي جي ضرورت ئي ڪونھي
پر ياد رکو تہ ان نتيجي لاءِ انھن جو الڳ جڳھن تي ھجڻ ضروري بہ ناھي
ان جي حيرت جو ٻيو پاسو بہ آھي. 
اسان ڄاڻون ٿا تہ پوزيشن ۽ مومينٽم جھڙين خاصيتن مان خالي ھڪ ئي ماپي سگھجي ٿي
جيڪڏهن ھڪ کي ماپبو تہ ٻيءَ ۾ خلل پوي ٿو
يعني فرق پوي ٿو تہ ڪھڙي خاصيت کي پھريان ماپيو ويو

پر الف ۽ ب جي معاملي ۾ ائين ناھي
انھن کان پڇيل سوالن جي ترتيب سان ڪو فرق نٿو پوي، 
چاهي ھو پري ھجن يا گڏ ھجن، 
۽ جيتوڻيڪ ترتيب سان فرق نٿو پئي پر سوالن کان پئي ٿو
الف جو جواب ان تي دارومدار رکي ٿو تہ ب کان ڇا پڇيو ويو

ھن انحصار واري مظھر کي contextuality عبارتي چيو ويندو آھي
ان جو مطلب اھو آھي تہ الف جو جواب ھڪ مجموعي هڪجھڙائي تي ڀاڙيندو آھي
اھو ڏيکاري ٿو تہ قدرت پاڻ contextual عبارتي آھي
ڪوانٽم ميڪانيڪس اھو ٻڌائي ٿي ۽ تجربا ان جي پڪ ڪن ٿا
تنھنڪري ڪوانٽم ميڪانيڪس کان اڳتي ڪا بہ ٿيوري ھجي، ان ۾ بہ اھڙو هڪجھڙائي رويو لازمي ھوندو

ڪوانٽم ميڪانيڪس شروع ۾ ڪجھ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٺھي وئي ھئي: ريڊيئيشن، روشني ۽ ائٽمن بابت عجيب تجرباتي نتيجا
پر ھي ٽي فنامينا : ڦاسڻ entanglement غيرمقامي nonlocality ۽ تناظر contextuality ان کان بہ وڌيڪ الجھن پيدا ڪن ٿا

ھيئن تہ ھر ھڪ ايترو عجيب آھي جو ان جي بنياد تي دليل ڏنا ويا تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس غلط آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي ٽي نتيجا ان جا لازمي اثر ھئا
پر اصل حيرت اھا ھئي تہ پوءِ وارن تجربن پڪ ڪئي تہ نظريو صحيح ھو
۽ اھي ئي ڪوانٽم فزڪس جا ٽي پاسا آھن جيڪي ريلزم لاءِ وڏو چيلنج بڻجن ٿا
نان-لوڪل اينٽينگلمنٽ اھڙن مفروضن کي غلط ڪري ٿي جن ۾ رڳو مقامي قوتن سان خاصيتون بدلجنديون

اسان وٽ چونڊ صاف آھي:
يا تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس کي مڪمل قبول ڪجي ۽ ريلزم کي ڇڏي ڏجي
يا وري سوچجي تہ قدرت لوڪيليٽي جي پابند ڇو ناھي ۽ ان جي سمجهاڻي ڪڍجي
ھنن ٽنھي مظاهرن جا تجرباتي ثبوت ٻڌائن ٿا تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس قدرت بابت بھترين وضاحت ڏئي ٿي
پر اڳتي وڌڻ کان اڳ اچو تہ روڪي ڪري ھڪ خلاصو ڏسون تہ اھا قدرت بابت ڪھڙيون ڳالھيون نٿي ٻڌائي

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (16) - ڪوانٽم مڙس ۽ زال

https://www.facebook.com/share/p/173Jc8NAMy/ 

No comments:

Post a Comment