Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (11) - ذرڙو يا لھر


ڪوانٽم کان اڳتي (11) - ذرڙو يا لھر 

”دريا خان سنڌي“
جيڪڏهن اسين ڪنهن ذرڙي کي هڪ ئي وقت ۾ ڪنهن مقرر هنڌ تي تصور ڪريون تہ غيريقينيت جو اصول اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ان جو مومينٽم يا رفتار غيرمقرر هوندي. اهو تصور ايترو مشڪل ناهي، ايندڙ لمحي ۾ بہ اهو ڪٿي نہ ڪٿي ضرور هوندو، پر ڇو تہ رفتار ۽ رخ طئي ٿيل نہ آهن، ان ڪري اهو ڪنهن بہ هنڌ ٿي سگهي ٿو، ڄڻڪ اهو بي ترتيب جمپ ڪندو رهي ٿو

هاڻي ان کي ٻئي طريقي سان ڏسون، جيڪڏهن ان جو مومينٽم مقرر آهي پر جڳھ مقرر نہ آهي، تہ ان کي ڪنهن بہ هنڌ ملڻ جو امڪان آهي، ۽ اهو پکيڙيل آهي، پر ان جو مومينٽم مقرر آهي، ذهن ۾ ان کي ڪيئن آڻجي؟
جواب اهو آهي تہ اهو ذرڙو نہ پر هڪ لھر جي صورت ۾ تصور ڪري سگهجي ٿو، هڪ نج لهر، جيڪا رڳو هڪ ئي فريڪوئنسي تي هجي

هاڻي جيڪڏهن ان ذرڙي تي ڪا بہ قوت (force) نہ لڳي رهي آهي تہ ان جي توانائي بہ مقرر هوندي، جنهن جو واسطو انهي لهر جي فريڪوئنسي سان آهي
۽ هي قانون آفاقي آهي، ڪوانٽم دنيا جي هر شيءِ کي، ذرڙو ۽ لهر ٻنهي طور ڏسي سگهجي ٿو، ۽ هي جنهن بنيادي اصول جو نتيجو آهي، اهو اهو ئي آهي تہ ڪنهن بہ ذرڙي جي جڳھ (position) جي بہ ماپ ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جي مومينٽم جي بہ، پر ٻنهي جون ماپون هڪ ئي وقت ۾ ممڪن ناهن. 

جڏهن اسين ان جي جڳھ ماپڻ چاهيون ٿا تہ ان کي ذرڙي طور تصور ڪنداسين، جيڪو هڪ وقت ۾ خلا ۾ هڪ نقطي تي آهي، ۽ ان جو مومينٽم اڻڄاتل هوندو، يعني ايندڙ لمحي ۾ جڏهن ان کي ڏسنداسين تہ اهو ڪنهن ٻي بي ترتيب جاءِ تي جمپ ڪري چڪو هوندو، اهو هڪ هنڌ تي بيٺل ڇو نٿو رهي؟ ڇو تہ جيڪڏهن اهو هڪ هنڌ رهي ٿو تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ ان جو مومينٽم زيرو آهي، جيڪو هڪ مقرر عدد آهي، ۽ ڪوانٽم دنيا ۾ ان جو مومينٽم بلڪل زيرو ٿيڻ ناممڪن آهي. 

ٻئي پاسي، جيڪڏهن اسين ان جو مومينٽم ماپيون ٿا تہ اها ڪا خاص قيمت هوندي، پر اهو پاڻ ڪنهن هڪ جڳھ تي نہ هوندو، ان حالت ۾ اسين ان کي لهر طور تصور ڪنداسين، جنهن جي ويولٿ (wavelength) ۽ فريڪوئنسي مقرر هوندي. 

۽ هتي جيڪا ڳالھ حيران ڪندڙ آهي اها اها آهي تہ ذرڙو ۽ لهر ٻہ بلڪل مختلف شيون آهن، ذرڙو خلا ۾ ڪنهن خاص هنڌ تي هوندو آهي ۽ ان جي حرڪت کي ٽريڪ ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي ان جو راستو چوندا آهن، نيوٽونين فزڪس ۾ ان جي رفتار ۽ مومينٽم بہ مقرر هوندا آهن، جڏهن تہ لهر ان جي ابتڙ آهي، اها ڪنهن هڪ هنڌ تي نہ هوندي پر جتي بہ جڳھ ملي، ان ۾ پکڙيل هوندي. 

پر هاڻي اسان سکيو آهي تہ ذرڙو ۽ لهر اصل ۾ هڪ ئي حقيقت جا ٻہ پاسا آهن، يعني اهو duality ٻہ رخي آهي، هڪ حقيقت جنهن جي ٻٽي فطرت آهي، هي لهر ۽ ذرڙي جي ٻُئي حيثيت آهي، ۽ جڳھ ۽ مومينٽم جي غيريقينيت بہ ساڳي مظاهري جا ٻئي پاسا آهن

هڪ ڪوانٽم ذرڙو ڪا جڳھ رکندو آهي، اسين پڇي سگهون ٿا تہ اهو ڪٿي آهي؟ ۽ ان جو جواب ملي ويندو، پر ان جو ڪڏهن بہ ڪو “راستو” نہ هوندو، ڇو تہ جيڪڏهن اسان کي پوري طرح خبر پئي وڃي تہ اهو ڪٿي آهي تہ پوءِ ان جي ايندڙ جڳھ مڪمل طور بي ترتيب ٿي ويندي، ان ڪري اسان کي عادت ڪرڻي پوندي تہ ذرڙن کي خاص هنڌ تي تصور ڪيون پر ڪنهن رستي تي نہ. 

اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ان جو مومينٽم ڳولا ڪرڻو آهي تہ ان جي ماپ بہ پوري صحيح ٿي ويندي، پر پوءِ اهو هر طرف هڪ لهر وانگر پکڙيل هوندو، ۽ ان حالت ۾ ايندڙ ماپ ۾ اهو ڪٿي ملندو؟ اهو اڳواٽ نٿو ٻڌائي سگهجي. 

۽ هي هڪ نهايت نفيس ۽ شاندار نظام آهي، ۽ ان جو سڀ کان سٺو لمحو اهو آهي تہ هي آفاقي آهي، ان جو لاڳاپو روشني تي بہ آهي، اليڪٽران تي بہ ۽ سڀني بنيادي ذرڙن تي بہ، ۽ انهن جي گڏجڻ تي بہ، يعني ايٽم ۽ ماليڪيولز تي بہ، هي اسان کي وڏن ماليڪيولز (جهڙوڪ پروٽين يا بڪي بال) جي حرڪت بہ سمجهائي ٿو
ڪو بہ اهڙو تجربو ناهي جيڪو ايترو حساس هجي جو ڪنهن شيءِ جي ڪوانٽم فطرت کي پڪڙي سگهي ۽ پوءِ بہ ان کي نہ پڪڙيو هجي، سائيز ۽ پيچيدگي ڪوانٽم اثرن کي محدود نٿا ڪن
اسان کي اڃا اها خبر ناهي تہ ڇا هي ٻہ رخي فطرت ٻليءَ، انسانن، سيارن ۽ تارن تي بہ لاڳو ٿئي ٿي يا نہ، پر اهڙو ڪو سبب ناهي جو اهو لاڳو نہ ٿئي
هر هنڌ بنيادي اثر هڪ ئي آهي، مستقبل جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ جيترو ڄاڻڻ ضروري آهي، اسين ان جو رڳو اڌ ڄاڻي سگهون ٿا
هي ڪوانٽم ميڪينڪس جو بنيادي اصول آهي

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (10) - غيریقينيت

https://www.facebook.com/share/p/1CdbQoyfyU/ 

No comments:

Post a Comment