ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي تہ جيڪڏھن اسانجو سج ڪنھن بليڪ هول ۾ هليو وڃي تہ ڇا ٿيندو؟
فلڪيات ۾ ڪيتريون ئي شيون اهڙيون آهن جيڪي انسان کي حيران ڪري ڇڏينديون آهن، پر ڪيترا ماڻهون بليڪ هولز بابت ٻڌي گهڻا حيران ٿي ويندا آهن، بليڪ هول تقريبن سڀني ڪهڪشائن جي مرڪز يا ويجهو موجود هوندا آهن، پر سوال هي آهي تہ انھن بليڪ هولز جو هن ڪائنات ۾ موجود هئڻ جي وجھ سان ڇا اثر ٿيندا آهن، آخر هي بليڪ هول ڳجهائي اسراري سان لاڳاپيل ڇو آهن؟
بليڪ هول جي ويجهو ڪهڪشان ۾ موجود سڀهي تارا چڪر لڳائي رهيا آهن اسانجي پنھنجي ڪهڪشان، جنھن جو نالو ملڪي وي آهي، جي مرڪز ۾ اسانجو سج تقريبن ڏھ لک جيترو وڏو آهي، جنھن کي فلڪياتي اصطلاح ۾ ”سپر ميسيو بليڪ هول“ چيو ويندو آهي، انجي ويجهو تقريبن 23 ڪروڙ تارا چڪر لڳائي رهيا آهن جن مان هڪ اسانجو سج بہ آهي، جيتوڻيڪ هي سج آهي پر حقيقتن هي هڪ تارو ئي آهي
پر بليڪ هول وٽ ايتري طاقت ڪٿان کان ايندي آهي؟ ڇا هي بہ ڪنهن ٻئي شئي کان انرجي حاصل ڪندو آهي؟
حقيقتن بليڪ هولز ڪائنات جي سڀ کان لڪيل شين مان هڪ آهن جن کي ڳولهڻ گهڻو مشڪل آهي، اڄ اسان ان بابت ڪجھ ڄاڻيندي بہ گهٽ معلومات رکندڙ آهيون، بليڪ هول جي مثال ڪجھ ان طرح سان آهي جو جيڪڏهن اوهان هن نظام شمسي جي سج کي هڪ فٽ بال ۾ قيد ڪريو تہ هي سج بليڪ هول بڻجي ويندو
آئنسٽائين جي نظريہ اضافيت موجب ڪنهن بہ شئي جي ڪشش ثقل ان ۾ موجود مادي ۽ انجي ڪثافت تي لاڳاپيل هوندي آهي، ڪنهن بہ شئي جي ڪثافت ان ۾ موجود مادي جي مقدار کي انجي جسامت تي ورڇ تقسيم ڪري ڪڍي سگهجي ٿي
ڄاڻايل مثال ۾ سج جنھن جو قطر تقريبن ڇھ ڪلوميٽر آهي، کي فٽ بال جنھن جو قطر تقريبن هڪ فٽ هوندو آهي، جي هجم ۾ قيد ڪرڻ کانپوءِ انجي ڪثافت ۾ اضافو ٿي ويندو، ان حالت ۾ سج جي ڪشش ان ڀاڳي وڌيڪ ٿي ويندي جو هي روشني کي بہ نڪرڻ نہ ڏيندو، جنھن کانپوءِ سج روشنيءَ جي عدم موجودگي جي وجھ سان ڪارو نظر ايندو ۽ انکي بليڪ هول چيو ويندو.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو تہ جيڪڏهن بليڪ هول روشنيءَ کي تہ نڪرڻ ناهي ڏيندو تہ انجي ويجهو چڪرن لڳائيندڙ ڪروڙين تارا انکان ڪيئن محفوظ آهن
تہ انجو جواب هي آهي تہ ڪنھن بہ تاري جو بليڪ هول بڻجڻ کانپوءِ بہ ان ۾ مادي جي مقدار اها ئي رهندي آهي، ڇوجو تہ بليڪ هول بڻجڻ کانپوءِ تاري جو جسامت گهڻو ئي گهٽ ٿي ويندو آهي، تہ انجي ويجهو هڪ حد تائين ڪشش گهڻي وڌيڪ ٿي ويندي تہ جيڪڏهن ڪا بہ شيء ان حد کي پار ڪري وڃي تہ پوءِ انجو واپس اچڻ ممڪن ناهي هوندو، بليڪ هول جي ويجھو ان حد کي فلڪياتي اصطلاح ۾ ”ايونٽ هورائزن“ جو نالو ڏنو ويندو آهي
اڄ تائين سائنسدانن اندازن ان ڳالھ جي دعوي ڪندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو تارو ڪنھن بليڪ هول جي ايونٽ هورائزن جي اندر يا ويجهو اچي وڃي تہ اهو بليڪ هول پهريان ان تاري جي ٻاهرين سطح جي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪندو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پوري تاري کي ڳهي کائي ويندو پر ڪجھ عرصو اڳ سائنسدانن پهريون ڀيرو ان منظر جو اسپيشل دوربينن جي مدد سان نظارو ڪيو، هي نظارو 15 ڪروڙ نوري سال ڏور 2 ويجهو ايندڙ ڪهڪشائن جي جوڙي، جنھن جو نالو”ارپ 299“ آهي، ۾ ڏٺو ويو جڏهن هڪ تارو، جيڪو اسانجي سج کان تقريبن 2 ڪروڙ جيترو وڏو آهي، هڪ بليڪ هول جي ويجهو ايندي ئي وکرجي ويو، ان تاري جو گهڻو حصو بليڪ هول ڳهي ورتو پر ڪجھ ذرڙا ويجھو پکڙجي ويا
ايونٽ هورائزن وٽ ڪشش جي وجھ سان گھڻي دٻاؤ ۽ رڳڙ پيدا ٿيندي آهي جنھن سان مادو طاقتور ايڪس ريز ۽ قابل مشاهدو روشني نيڪال ڪندو آهي جيڪا هاڻي سائنسدانن ڏٺي آهي
انکان سواءِ ان تاري جي مادي جو ڪجھ حصو بليڪ هول جي قطبين ڏا بہ نڪتو جنھن جي رفتار روشنيءَ جي رفتار جي ويجھو هئي، فلڪياتي اصطلاح ۾ بليڪ هول جي قطبين ڏا نيڪال ٿيندي ان تيز رفتاري مادي کي ”جيٽس“ چيو ويندو آهي ۽ ان جيٽس جو بہ پهريون ڀيرو مشاهدو ڪيو ويو ۽ ڏٺو ويو تہ هي جيٽس حقيقتن ڪنھن ريت وجود ۾ ايندا آهن
ياد رهي تہ هي منظر زمين کان 15 ڪروڙ نوري سال ڏور ٿيندي ڏٺو ويو، جنھن جو مطلب هي تہ هاڻي انھن ڪهڪشائن جي حالت ڇا هوندي، اهو ڪو ناهي ڄاڻيندو پر ها، جيڪا حالت 15 ڪروڙ سال پهريان هئي انجي خبر وٺي ڪري روشني هاڻي زمين تائين پهتي آهي
يعني هي ڪهڪشائن جو جوڙو جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرايو هو تہ ان وقت زمين تي زندگيءَ پنھنجي شروعاتي مرحلي کان گذري رهي هئي ۽ انسان جي پيدائش بہ نہ ٿئي هئي
ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ فزڪس ۽ رياضي جي مدد سان جيڪا پيشنگوئي سائنسدان سالن کان ڪندا آيا آهن، اها حقيقت آهي
#ScienceJeDunya
No comments:
Post a Comment