Friday 12 June 2020

اکرن جي زنجير جين جو ڪوڊ - جين (11)

اکرن جي زنجير جين جو ڪوڊ - جين (11)

ڪوڊ جو لفظ ڪوڊيڪس کان آيو آهي، هي وڻ جي کل کي چئبو آهي،جنھن تي لکيو ويندو هو، وڻ جي لک سميت زندگي جي بڻجڻ جي وجھ جين آهي، جين زندگي جو ڪوڊ آهي، ۽ هي جينياتي ڪوڊ چار بيسز جي مدد سان لکيو ويو آهي، وارن جي بناوت، اک جو رنگ، ذهني بيماري، گل جي شڪل، بيڪٽيريا جو ڪوٽ، طوطي جي چونڀ، انهي جينياتي ڪوڊ کان ريڪور ٿيندي آهي، پر ڪيئن؟

جارج بيڊل ۽ ايڊورڊ ٽاٽئم جن اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي تھ خاني ۾ رتي تي تجربا ڪري پهريون ڀيرو انجو انفارميشن فلو بڻائي ڇڏيو هو، جين پروٽين جو ڪوڊ رکندا آهن ۽ پروٽين فنڪشن ڪارگذاري کي فعال ڪندا آهن، بيڊل ۽ ٽاٽئم جن پنھنجي دريافت سان 1958ع جو نوبل انعام کٽيو پر ان سان هڪ ٻيو سوال ريڪور ٿيو، جين آخر ڪيئن پروٽين بڻائيندي آهي؟ 


پروٽين ڇا آهي؟ ويهن ساڌن ڪيميڪلز جي ملاپ سان بڻجندي آهي جيڪا امينو ايسڊ آهي، ميٿيونن، گلائسين، ليوسين وغيرھ، هي ايسڊ زنجير جي صورت ۾ هڪٻئي سان ملندا آهن، ڊي اين اي جي زنجير جيان ناهي بلڪ پروٽين جي زنجير قسم قسم جون شڪلون بڻائيندي آهي، جنھن طرح هڪ تار کي موڙي ڪري ڪا خاص شڪل ۾ بدليو وڃي سگهجي ٿو، پروٽين جي هي خاصيت خلين ۾ طرح طرح جا فنڪشن ممڪن ڪندي آهي، هي ڊڳهي ۽ ڇڪجندڙ ريشن جي شڪل ۾ مشڪن کي بڻائيندي آهي، (مائيوسين) هي گلوبيولر شڪل ۾ ڪيميڪل ري ايڪشن ڪرڻ وارا بڻجي سگهجن ٿا، جيئن تہ ڊي اين اي پوليمريز جي طرح جا انزائم، هي رنگدار ڪيميڪل سان گڏ هائينڊ ٿي سگهي ٿي ۽ اکين کي يا گلن کي رنگ ڏيڻ واري پگمينٽ بڻجي ويندا آهن، هي ڄار جي شڪل بڻجي ڪري ٻين ماليڪيولز جي سواري بڻجي سگهن ٿا (هيموگلوبن) هي بڻائيندا آهن تہ جسماني خلين ۾ پيغام ڪيئن ويندو، هزارين قسمن جي پروٽين طرح طرح جا فنڪشن ڪندي آهي پر ڊي اين اي جو چار اکري ڪوڊ هي ڪيئن ڪري ڇڏيندو آهي؟ 

بيڪٽيريا جي جينيات تي ڪم ڪرڻ واري شاڪ مونود ۽ فرانسوئي جيڪب جي تجربن مان اندازو ٿيو تہ ڊي اين اي ۽ پروٽين جي وچ هڪ وڌارو اسٽيپ آهي، جينياتي انفارميشن پهريان ٿيندي آهي ۽ پوءِ ان ڪاپي کان پروٽين بڻجندا آهن، پر هي پيغام ڇا آهي؟ ڪو پروٽين، نيوڪليئڪ ايسڊ يا ڪو ٻيو ماليڪيول؟ انکي 1960ع ۾ ڪيل ٽيڪ جي ليبارٽري ۾ پڪڙيو ويو 

ان وقت هي تہ معلوم ٿي چڪو هو تہ خلي ۾ پروٽين بنائڻ جي فيڪٽري هڪ خاص ماليڪيول رائبوزوم آهي پر ان تائين ڪوڊ ڪيئن ايندو آهي، انکي پنهنجي ڪم جي دوران پڪڙڻ مشڪل ثابت ٿي رهيو هو، ان جو خيال هي هو تہ پروٽين سنٿيسز جي دوران اوچتو انھن کي ڄمائي ڇڏجي ۽ ان ڏڪندڙ ماليڪيول کي ڏسي وٺجي، انجو سيٽ اپ بڻائيندي هفتا لڳا، هي خلي جي اندر بلڪل صحيح ڪم ڪندو هو، پڪڙيو ويندو هو پر ٻاهر ڪڍڻ وقت ٽٽي ڪري وکري ويندو هو، جيئن دونهين کي هٿ ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان تي تجربا ڪرڻ واري برينر کي هڪ ڌنڌلي صبحو بائيوڪيمسٽري جو هڪ سبق ياد آيو ۽ ٽپو ڏئي اٿئي بيٺا ”ميگنيشيم اسانکي ان ۾ ميگنيشيم جو اضافو ڪرڻو آهي“

انجو اندازو صحيح نڪتو، تجربي ۾ ان اضافي ڪم ڪري ڇڏيو، ماليڪيول ان دفعي نہ ٽٽو، بيڪٽيريا جي خلي مان هي پيغام رسائي ماليڪيول ٻاهر اچي ويو، ۽ گهڻي ئي ٿوري کن مقدار جي پيغام رسائي ماليڪيول جي تجربي ٻڌائي ڇڏيو تہ هي آر اين اي هو، ۽ هڪ خاص قسم جو آر اين اي، هي جين جي ڪوڊ جو ترجمو ڪندي وقت بڻبو هو، برينر ۽ جيڪب جن پوءِ دريافت ڪيو تہ هي ڊي اين اي واري انفارميشن رکندو آهي، اصل ۾ ڪاپي بڻجندي هئي، جيڪا نيوڪلئيس کان ٻاهر ايندي هئي ۽ ان پيغام سان پروٽين بڻجندي هئي، ڊي اين اي جي ماسٽر ڪاپي ڪنھن ناياب ڪتاب جيان نيوڪلئيس جي تجوري ۾ بند رهندي هئي، انجي فوٽو ٿي ڪري ڪم ڪرڻ ٻاهر ايندي هئي، هڪئي وقت ۾ ڪيتريون ڪاپيون بہ ٿي سگهن پيون ۽ ڊيمانڊ موجب انجي تعداد گهٽ وڌيڪ ٿي سگھي پئي، هي اهو فيڪٽ هو جيڪو جين جي ايڪٽيويٽي ۽ فنڪشن سمجهڻ ۾ ڪارآمد رهيو 

پر هي شروعاتي ڏاڪو پروٽين بڻائڻ جو مسئلو حل ڪرڻ جي طرف پهرين وک هئي، هي پيغام پروٽين ۾ ڪيئن تبديل ٿيندو هو؟ هي واضح هو تہ ڪو هڪ ويھ ايتري انفارميشن ناهي رکندي جنھن سان پروٽين بڻجي سگهي، امينو ايسڊ ويھ طرح جا آهن، ۽ چار لفظ پاڻ کان هي حالتون نٿا بڻائي سگهن، راز انجي ڪمبي نيشن ۾ هو، واٽسن ۽ ڪرڪ جن لکيو،”ائين لڳي ٿو تہ ڪوڊ ويھ جي ترتيب ۾ لڪيل آهي“

هي ان طرح آهي جيئن اي، سي يا ٽي پاڻ ۾ ڪا خاص معني ناهين رکندا پر انهن جي ملڻ جي ترتيب گهڻي مختلف معني ڏيندي آهي، act, cat, tac ٽهي ئي ان لفظ کان بڻجندا آهن پر ان سڀ جو مطلب گهڻو مختلف آهي، جينياتي ڪوڊ کي حل ڪرڻ ان ترتيب جي پروٽين سان گڏ واسطو جي نقشي کي حل ڪرڻ آهي، ڊي اين اي جي اکر جا ڪهڙا ڪمبي نيشن اتفاقي پروٽين جو مطلب ڪهڙو امينو ايسڊ آهي، هي ڊي اين اي جو ڪوڊ آهي 
تجربن جي هڪ گهڻي ئي دلچسپ سيريز سان ڪرڪ ۽ بينر جن پتو لڳائي ورتو تہ جينياتي ڪوڊ ٽن اکرن جي لفظن تي مشتمل آهن، يعني ٽن اکرن جو واسطو پروٽين جي هڪ امينو ايسڊ سان آهي، هاڻي اڳيون سوال؟ ڪهڙن اکرن جو واسطو ڪنهن ڪوڊ سان آهي؟ انکي ڄاڻڻ جي ڊوڙ ڪيترن جڳھ تي ٿي رهي هئي 

هڪ غلطي، پوءِ اڳئي پوءِ اڳئي، ۽ پوءِ ڪٿي ڪا ڪاميابي، 1965ع تائين هي نقشو تيار هو، مثال جي طور تي ACT جو مطلب ٿریونین هو، CAT جو مطلب هسٽيڊائن هو، CGT جو مطلب ارجينائن هو 

ڊي اين اي کان آر اين اي.... آري اين کان ڪم ترجمو ڪري امينو ايسڊ.... امينو ايسڊ جي زنجير کان پروٽين.... پروٽين کان فنڪشن.... انفارمیشن فلو جو بنيادي اکرن وارو الف بيٽ سمجھ اچڻ لڳا هئا 

فرانسس ڪرڪ جن ان انفارميشن فلو کي بائيولوجيڪل انفارميشن جو”سينٽرل ڊوگما“ چيو، بيڪٽيريا کان هاٿي تائين بائيولوجي ۾ هر جڳھ تي جينياتي انفارميشن جو فلو اهو ئي آهي ڳاڙهي اک واري مکي کان نيري اک واري شهزادي تائين بائيولوجيڪل انفارميشن فلو ان طريقي سان هلندو آهي، ڊي اين اي آر اين اي کي بنائڻ جي هدايت ڏيندو آهي، ۽ آر اين اي پروٽين بنائڻ جي، پروٽين ماڊل بڻائيندا آهن، زندگي جو فنڪشن ڪندا آهن ۽ ايئن جين کان زندگيءَ جنم وٺندي آهي، انجو پراسس ڏسڻ جي لاءِ هيٺان کان لنڪ

ان ڪوڊ جي هڪ هڪ اکر جي اهميت کي سمجهڻو هجي تہ انجي مثال جي لاءِ هڪ قديم بيماري سڪل سيل انيميا کي ڏسي سگھجي ٿو، جوڙن، سيني ۽ هڏين ۾ تيز تڪليف جا اوچتو وڌڻ وارا دورا جيئن ڪئي هڏين جي بون ميرو ۾ پيچ گهمائي رهيو آهي، پيلا ٿيڻ وارا چپ، آڱريون ۽ چمڙي، ڪيترن ئي قسمن جون  علامتن جي هڪ ئي وجھ جو پتو 1904ع ۾ پيو، والٽر نوئل جيڪو ڊينٽسٽ بڻجڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، سيني ۽ هڏين جي سور جي شڪايت سان گڏ مريض دل جي ڊاڪٽر وٽ آيا، اهوئي مغربي آفريڪا سان واسطو رکندڙ هيا، ۽ هي بيماري انجي خاندان ۾ رهي هئي، انجي رت کي ارنسٽ آئرنز جن مائيڪرو اسڪوپ جي هيٺان رکيو ۽ حيران ڪرڻ واري دريافت ٿئي، نارمل ڳاڙهن خلين جي شڪل فليٽ پليٽ جيان هوندي آهي، ان وجھ سان هي هڪٻئي جي مٿان فٽ اچي ويندا آهن ۽ شريانن ۽ رڳن ۾ سولائي سان ڦرندا رهندا آهن، آڪسيجن پهچائيندا رهندا آهن، نوئل جي رت ۾ انجي شڪل اوئين نہ هئي، پراسرار طور تي هي ڏاٽي جي شڪل جهڙا هئا

پر اهڙو ڇا ٿيو هو جنھن سان انھن اھڙي شڪل اپنائي ورتي هئي؟ ۽ هي وارثت ۾ ڪيئن منتقل ٿيندي آهي؟ ان جو ڏوهي هيموگلوبن بنائڻ واري جين هئي (هيموگلوبن اها پروٽين آهي جيڪا آڪسيجن وٺي ڪري ويندي آهي) لينس پالنگ جن 1951ع ۾ ڏٺو تہ سڪل سيل ۽ نارمل سيل ۾ فرق هيموگلوبن جي پروٽين جو آهي، انکان پنج سال پوءِ ڪيمبرج ۾ هئڻ واري تجزئي ۾ هي معلوم ٿيو تہ نارمل ۽ ڏاٽائي وارا هيموگلوبن ۾ خالي هڪ امينو ايسڊ جو آهي 

جيڪڏهن هڪ امينو ايسڊ ۾ تبديلي آئي تہ انجو مطلب هي تہ جين ۾ هڪ ٽرپلٽ تبديل ٿيو، ۽ پوءِ جڏهن انکي معلوم ڪيو ويو تہ ائين ئي هو، ڊي اين اي ۾ خالي هڪ جڳھ تي GAG جي جڳھ تي GTG لکيل هو، انجو مطلب هي هو تہ گلوٽاميٽ پروٽين جي جڳھ تي والين پروٽين بڻجندو هو، ۽ ان امينو ايسڊ جي تبديلي سان پروٽين جي فولڊ ٿيڻ جي شڪل بدلجي ويندي هئي، هڪ سڌي ڄار جي بجائي هڪ اسپرنگ واري ڳڇي جي شڪل ماڻي وٺندي هئي، جتي آڪسيجن جي گهٽتائي هوندي هئي، هي ڳاڙهي خلي جي ممبرين کي اسپرنگ جيان ڇڪيندا هئا ۽ نارمل خليو ڏاٽي جي شڪل ماڻي وٺندو هو، هي رت جي ننڍي رڳن ۾ وهڪري ۾ مشڪلات پيدا ڪندو هو، گهڻي ننڍي خوردبيني ڪلاٽ بڻجي ويندا هئا، رت جو وهڪرو متاثر ٿيڻ جو نتيجو گهڻو تڪليف جي صورت ۾ نڪرندو هو 

هي روب گولڊبرگ بيماري هئي، جين جي سيڪونس ۾ هڪ اکر جي تبديلي سان پروٽين جو سيڪوئنس بدلجي ويو، ان سان خلي جي شڪل بدلجي وئي، ان ۾ شريان ۾ وهڪري تي اثر وڌو ان جسم تي، جين، پروٽين فنڪشن ۽ قسمت، هي هڪ زنجير جي صورت ۾ ٻڌيل آهن، هڪ ويھ ۾ خالي هڪ تبديلي، قسمت تي وڏو اثر وجهي ڇڏيندي آهي 

هلندڙ....

ڊين اين اي کان پروٽين تائين
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2706925066256234/

#ScienceJedunya

No comments:

Post a Comment