Tuesday 21 April 2020

مائيڪرو گريويٽي، زيرو گريويٽي فري فال ۽ وومٽ ڪومٽ

مائيڪرو گريويٽي، زيرو گريويٽي فري فال ۽ وومٽ ڪومٽ
”دريا خان“

مائيڪرو گريويٽي هڪ اهڙي حالت آهي جنھن ۾ مختلف شيون بي وزن محسوس ٿينديون آهن، مائيڪرو گريويٽي جا اثر تڏهن ڏسي سگهجن ٿا جڏهن خلاباز يا مختلف شيون اسپيس ۾ گھمنديون رهن، مائيڪرو گريويٽي کي ٻئي طريقي سان بہ محسوس ڪري سگهجي ٿو، مائيڪرو جو مطلب آهي”گهڻو گهٽ“ ائين انجو مطلب ٿيو تہ گريويٽي جو گھڻو گهٽ مقدار ۾ موجود هئڻ، مائيڪرو گريويٽي ۾ خلاباز خلائي جھاز جي اندر يا ٻاهر سولائي سان تري سگهن ٿا، وزني شين کي سولائي سان حرڪت ڏئي سگھجي ٿي، مائيڪرو گريويٽي کي ڪيترا ڀيرا زيرو گريويٽي چيو ويندو آھي جيڪو غلط آهي 
 گريويٽي ڪنھن بہ شيءَ کي پاڻ ڏا ڇڪيندي آهي ڪجھ ماڻھن جي ذهن هيٺ اسپيس ۾ گريويٽي نہ آهي پر حقيقت ۾ اسپيس ۾ گريويٽي ڪنھن نہ ڪنھن مقدار ۾ موجود هوندي آهي، گريويٽي وٿي سان گڏوگڏ گهٽ ٿيندي ويندي آهي، هي اسپيس ڪرافٽ جي لاءِ ممڪن آهي تہ اهو زمين کان ڪيترو ڏور هليو وڃي تہ انجي اندر موجود خلاباز گهڻي گهٽ گريويٽي محسوس ڪن، پر زمين جي ويجھو مدار ۾ چڪر لڳائيندڙ اسپيس ڪرافٽ ۾ جيڪي شيون ترنديون آهن يا بي وزن محسوس ٿينديون آهن انجي وجھ مائيڪرو گريويٽي نہ آهي، انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن زمين جي ويجھو 200 سو کان 250 سو ميل جي مٿاڇري تي چڪر لڳائي رهيو آهي، ايتري مٿاڇري تي زمين جي گريويٽي ان جي سطح جي مقابلي ۾ 90 سيڪڙو رهجي ويندي آهي، انکي ائين سمجهي سگھجي ٿو، هڪ ماڻهو جنھن جو زمين تي وزن 100 پائونڊ آهي تہ جيڪڏهن اهو ڏاڪڻ لڳائي ڪري 200 ميل مٿاڇري تي وڃي ٿو تہ اتي انجو وزن 90 پائونڊ هوندو

جيڪڏهن انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي 90 سيڪڙو گريويٽي پهچندي آهي تہ اتي خلاباز ترندا يا بي وزن ڇو ٿيندا آهن؟ تہ انجو جواب آهي تہ فري فال جي حالت ۾ هوندا آهن هوا جي کوٽ ۾ گريويٽي گھڻين شين ڀلي اهوئي هلڪيون هجن يا وزني هڪئي اسپيڊ سان پاڻ ڏا ڇڪيندي آهي، ڪجھ پارڪن ۾ فري فال جھولا هوندا آهن،  جنھن ۾ هڪ ڪيبن مٿاڇري ٽاور سان جوڙي ڪري ڪرايو ويندو آهي جيڪڏهن ڪو ماڻھون جهولي کان هيٺ ڪرڻ شروع ٿي ۽ انهي مهل ان لمحي انجي سامهون ڪا شيءَ بہ هيٺ ڪرائي وڃي تہ اها شيءَ ان ماڻهو جي سامهون ترندي ڏيکاربي، بلڪل انهي طرح اسپيس ڪرافٽس ۾ ٿيندو آهي، اسپيس ڪرافٽ ان ۾ موجود ماڻهون ۽ سڀ شيون زمين جي طرف پر زمين جي ويجھو ڪري رهيون هونديون آهن، ڇوجو هي سڀ گڏ ڪري رهيون هونديون آهن تہ اسپيس ڪرافٽ جي مقابلي ۾ عملي جا ماڻهون ۽ سڀ شيون ترندي ڏيکاربيون آهن.

زمين جي ويجھو ڪرڻ جو ڇا مطلب؟ 
زمين جي گريويٽي شين کي پاڻ ڏا ڇڪيندي آهي، گريويٽي اسپيس اسٽيشن کي بہ پاڻ ڏا ڇڪيندي آهي، نتيجن هي مسلسل زمين جي طرف ڪري رهيو هوندو آهي، انکان سواءِ هي 17,500 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان بہ حرڪت ڪري رهيو هوندو آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهون هڪ بال کي پري اڇلائي ٿو تہ بال هڪ جهڪائو curve بڻائيندي زمين تي ڪرندي زمين جي ويجھو چڪر لڳائيندي اسپيس ڪرافٽ جي رفتار زمين جي جهڪائو جي مطابق مطابقت رکندي آهي، ان وجھ سان اسپيس ڪرافٽ هميشہ زمين جي طرف ڪرندو بہ رهندو آهي ۽ ان سان ٽڪرائيندو بہ ناهي، جنھن طرح مائيڪرو گريويٽي ٻاهر زمين جي ويجهي مدار ۾ بہ موجود هوندي آهي، بلڪل انهي طرح سان انکي زمين تي بہ حاصل ڪري سگهجي ٿو، ناسا ٿورڙي عرصي جي لاءِ مائيڪرو گريويٽي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هوائي جهازن جي مدد وٺندو آهي، هوائي جهاز ۾ هي مٿي ۽ هيٺ پيرابولا جي وسيلي حاصل ڪئي ويندي آهي پيرابولا جي اونچائي تي هوائي جهاز جي اندر ماڻهو ۽ شيون 20 کان 30 سيڪنڊ فري فال جي حالت ۾ هونديون آهن ان منظر کي غير رسمي طور تي وومٽ بہ چيو ويندو آهي

No comments:

Post a Comment